فلسفو، مذهب، سائنس ۽ انساني صورتحال شاهد رشيد انساني زندگيءَ جي شروعات کان ئي مذهب، فلسفي ۽ سائنس فرد ۽ سماج ٻنهي کي متاثر ڪيو. ڪنهن دؤر ۾ هڪ جو غلبو رهيو ته وري ٻئي دؤر ۾ انهن مان ٻئي ڪنهن، انساني تهذيب تي وڌيڪ گهرا نقش ڇڏيا. شروعات ۾ انهن ٽنهي ۾ ڪا وڇوٽي ظاهر ڪندڙ ليڪ نه هئي. پر جيئن جيئن انساني علم ۽ تجربن ۾ واڌارو ايندو ويو، تيئن تيئن زندگيءَ جون نيون نيون سطحون سامهون اچڻ لڳيون ۽ امڪانن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. انسان پنهنجي ذوق پٽاندڙ شين کي اختيار ڪرڻ لڳا ۽ اهڙيءَ ريت وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مذهب، فلسفي ۽ سائنس پنهنجون حدون مقرر ڪيون. پنهنجي عملي حدن مقرر هئڻ جي باوجود اهي ٽئي هڪ ٻئي تي به اثرانداز ٿيندا رهيا. تنهن ڪري ڪڏهن ڪن ماڻهن جو اهڙو ڪم به ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ انهن فلسفي ۽ مذهب يا سائنس ۽ مذهب ۾ هم آهنگي (هڪجهڙائي) ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هم آهنگيءَ جي انهن نظري ڪوششن جي باوجود اسان ڏسون ٿا ته مذهب، فلسفي ۽ سائنس انساني صورتحال کي مختلف رُخن کان متاثر ڪيو آهي. اُهي اثر مثبت به آهن ۽ منفي به. لفظ ”فلسفو“ (Philosophy) ٻن لفظن تي مشتمل آهي: Phil: to love Sophy: Wisdom ان ريت فلسفي جو مطلب بڻجي ٿو: عقل سان محبت. هڪ تاريخي روايت مطابق فيثاغورث پهريون مفڪر هيو جنهن پنهنجو پاڻ کي ”فلاسفر“ چيو هو. سندس خيال هي هيو ته فلسفي اُهي آهن جيڪي شهرت ۽ مالي نفعي ٻنهي کان ڪناره ڪش ٿي سوچ ويچار ۽ غور فڪر سان حقيقت ۽ سچائيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. فيثاغورث هڪ ڀيري سفر دوران هڪ علائقي فيلس ۾ پهتو. اتان جي حڪمران سندس ڪمال ۽ مرتبي تي حيران ٿي کانئس پڇيو ته سائين اوهان جو ڌنڌو ڇا آهي؟ فيثاغورث جواب ۾ هڪ تقرير ڪئي ۽ چيائين ته: ”انساني زندگيءَ جي تشبيهه ڪنهن وڏي ميلي سان ڏئي سگهجي ٿي، جتي گهڻا ماڻهو ان غرض سان ايندا آهن ته پنهنجو ڪرتب ڏيکاري نالو پيدا ڪن ۽ گهڻا ان لاءِ ايندا آهن ته خريد ۽ وڪري ذريعي مالي نفعو حاصل ڪن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن کي نه شهرت ماڻڻ جو غرض هوندو آهي ۽ نه نفعي جي لالچ بلڪ هو وڌيڪ بلند حوصلو رکندڙ هوندا آهن. اهي فقط ان لاءِ ايندا آهن ته اهڙن موقعن جي مختلف ڪيفيتن جو علم ۽ تجربو حاصل ڪن. اهڙيءَ ريت دنيا ۾ جتي عام طور ماڻهو شهرت يا نفعي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رهندا آهن، اتي ڪجهه ماڻهو انهن دنياوي ڪمن کان بي نياز بڻجي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد، فقط فطرت جو مطالعو قرار ڏيندا آهن، انهن ماڻهن کي مان فلسفي سڏيان ٿو ۽ منهنجو شمار انهن ئي ماڻهن ۾ آهي.“ جيڪا شيءِ انسان کي حيوان تي برتري بخشي ٿي اُها سندس عقل ۽ فڪر جي قوت آهي. حيوان ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو ۽ ياد به رکي ٿو پر هو انهن قوتن جو استعمال فقط پنهنجي جبلي خواهشن جي تسڪين لاءِ ڪري ٿو. پر انسان جيوت ۽ فطرت جي مختلف آثارن ۽ مظهرن کي ڏسي ٿو ته انهن بابت مشاهدن تي ٻڌل ڪجهه نظريا جوڙي ٿو ۽ استدلال ذريعي مختلف واقعن ۽ نظرين ۾ لڪل ربط ۽ تعلق کي ڳولي انهن کي هڪ نظام ۾ ڳنڍي ٿو. جڏهن انسان ان ريت فڪر ڪري ٿو ته ان کي اسان چوندا آهيون ته ”اهو فلسفياڻو فڪر آهي.“ فلسفي جي دعويٰ آهي ته هو سچائيءَ ۽ حقيقت جو ڳولائو آهي. قديم يوناني دؤر کان وٺي ويهين صديءَ تائين فلسفي جا بي شمار نظام مرتب ٿي چڪا آهن. فلسفي جا بنيادي سوال هي آهن: · اسان جي چوڌاري جيڪا ڪائنات آهي، ڇا ان جو ڪو مقصد آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ڇا آهي؟ · هن اڻ کٽ ڪائنات ۾ انسان جو مقام ڇا آهي؟ · ڇا ڪائنات ۾ ڪا باشعور آفاقي قوت موجود آهي؟ جيڪڏهن آهي ته اها ڪائنات کان مٿانهين آهي يا ان ۾ جاري ۽ ساري آهي؟ · انسان مجبور آهي يا خودمختيار؟ · روح ڇا آهي؟ روح ۽ جسم جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ · خير ۽ شر جي حقيقت ڇا آهي؟ · حسن جي حقيقت ڇا آهي؟ اهو معروضي آهي يا موضوعي؟ · اخلاقي قدر ڇا آهن؟ ڇا انهن جي ڪا مطلق حقيقت آهي؟ · وجود ڇا آهي؟ · سچائي ڇا آهي؟ فلسفو، انهن مسئلن جو تجزيو آزاد تحقيق سان ڪندو آهي. آزاد تحقيق ئي اصل ۾ فلسفي جو روح آهي. هاڻي جيستائين معاشري تي فلسفي جي اثرن جو تعلق آهي، ڪارل مارڪس جو هي جملو غور لائق آهي: ”فلسفين، هينئر تائين دنيا جي تشريح ڪئي آهي، پر اصل ڪم ان کي بدلائڻ جو آهي.“ اها حقيقت آهي ته فلسفو انساني معاشري کي عملي سطح تي ڪو وڌيڪ متاثر نه ڪري سگهيو آهي، منهنجي خيال ۾ ان جا ٻه ڪارڻ آهن: فلاسفر جڏهن مطلق حقيقت (Absolute reality) جي تلاش ۾ نڪري ٿو ته هو مجردات (Abstracts) ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ زندگيءَ جي واضح ۽ سادين حقيقتن کان دور ٿي وڃي ٿو. اُها غلطي فلسفي جي ناهي پر فلاسافر جي آهي. يعني هو نظري بحثن ۾ ايترو ته الجهي وڃي ٿو جو زميني حقيقتن کي به نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو. تنهن ڪري پوءِ کيس زندگيءَ جون عام ۽ نظر ايندڙ سچايون ڦڪيون ۽ بي مزي لڳن ٿيون ۽ هو فقط مجردات جي ڳوڙهين ڳالهين مان ئي حظ حاصل ڪري سگهي ٿو. فلسفين جي ان مزاج جي ڪري، فلسفين ۽ عام ماڻهن ۾ هڪ خال پيدا ٿي پيو آهي. فلسفين جا بحث مباحثا عوام جي سمجهه لاءِ بالاتر ٿيندا ويا ۽ اهڙيءَ طرح فلسفياڻو فڪر ڪتب خانن ۽ لائبريرين ۾ قيد ٿي ويو. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته فلسفي جو دامن يقين جي قوت کان خالي آهي. فلسفي جو آغاز به شڪ آهي ته انجام به شڪ. هو هڪ سوال جو جواب ڏيڻ نڪري ٿو ته رستي ۾ ڏهه سوال ٻيا نڪري اچن ٿا. جيستائين انسان ۾ يقين پيدا نه ٿو ٿئي تيستائين عمل جي سگهه پيدا نه ٿي ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي جو اڃا تائين فلسفو، انسانن لاءِ ڪا مجموعي عملي واٽ طئي نه ٿو ڪري سگهي. فلسفي نه انسان کي اعتماد ڏنو ۽ نه ئي سڪون ۽ اطمينان جي اها ڪيفيت، جنهن جي انساني ذهن کي ان ڪري طلب هئي ته جنهن ڪائنات ۾ تيزيءَ سان ايندڙ تبديليون کيس هر پل پريشان رکنديون هيون، هو ان ۾ پنهنجو ڪو مستقل مقام ۽ مؤقف متعين ڪري سگهي. فلسفو شڪ جو دروازو کوليندو ته وري ان کي بند نه ڪري سگهندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهو سندس پنهنجي بقا لاءِ ضروري به آهي. مذهب جي صورتحال فلسفي کان گهڻي مختلف آهي. مذهب ۽ انسان جو چولي دامن جو ساٿ رهيو آهي. قديم آثارن، علم الانسان ۽ جاگرافيائي تحقيقن هيءُ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اڃا تائين انسانن جي ڪابه مستقل جماعتي، قومي يا تهذيبي زندگي اهڙي لڌي وئي آهي جيڪا مذهب جي ڪنهن به شڪل کان بلڪل عاري هجي. هن وقت دنيا جي اهم مذهبن ۾ عيسائيت، اسلام، ٻڌمت، هندومت ۽ يهوديت وغيره شامل آهن. انهن سڀني جو اظهار مخصوص عقيدن، عملن ۽ رسمن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. مذهبي احساس جي اظهار جي انهن گهڻين ۽ الڳ الڳ شڪلين جي باوجود مذهب جو جوهر هڪ ئي آهي. بنيادي طور تي مذهب جي آڏو ٻه مقصد رهيا آهن: پهرئين جو تعلق انفرادي زندگيءَ سان ۽ ٻئي جو تعلق اجتماعي زندگيءَ سان آهي. فرد مذهب جي حقيقت مان، هڪ احساس ۽ باطني واردات جي طور تي گذري ٿو. پنهنجي باطني تجربي ۾ هو هڪ عظيم ۽ برتر هستيءَ سان تعلق قائم ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جي خاصيتن ۽ صفتن جي ويجهو ڪرڻ گهري ٿو. ٻئي پاسي اجتماعي زندگيءَ ۾ مذهبن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ڪنهن معاشري ۾ حقيقي ۽ سچي مذهب جي پرچار ڪئي وئي، تڏهن ان دؤر جي ظالم ۽ مراعات يافته طبقن ان کي سختيءَ سان ڪچليو. بنيادي طور تي هر مذهب خدا پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي تعليم ڏني آهي ۽ ڪجهه مذهبن ته پنهنجي دؤر ۾ ٿيندڙ سماجي ظلم خلاف پنهنجي پيروڪارن کي منظم به ڪيو. حضرت ابراهيم نمرود خلاف جدوجهد ڪئي. حضرت موسيٰ فرعون جي ظالماڻي نظام خلاف پنهنجن پيروڪارن کي منظم ڪيو. حضرت مسيح عه جي تعليم پڻ هينئن هئي: ”خداوند، مون کي غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مسيح ڪيو. هن مون کي (ان لاءِ) موڪليو آهي ته قيدين کي آزادي ۽ انڌن کي نظر جي خوشخبري ٻڌايان ۽ مظلومن کي آزاد ڪريان.“ (لوقا: 16-19) حضرت محمد ﷺ جن حجاز ۾ سماجي ابتريءَ جي محرڪ نظام کي ۽ سندن اصحابن جي جماعت قيصر ۽ ڪسريٰ جي استحصالي نظامن کي ختم ڪيو، جنهن جو ٽارگيٽ کين پيغمبر ڪريم ﷺ مقرر ڪري ڏنو هو. مطلب ته مذهب جو مقصد هي آهي ته انسانيت جي ارتقا ۾ پوندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، پوءِ اُهي رڪاوٽون فرد جي اندر داخلي سطح تي منفي جذبن ۽ رذيل اخلاقن جي شڪل ۾ هجن يا خارجي سطح تي انساني سماج ۾ غلط رسمن ۽ رواجن ۽ ظالم نظام جي شڪل ۾ هجن. مذهبن جون مٿي ذڪر ڪيل خاصيتون هڪ حقيقي ۽ آزاد مذهب جون خاصيتون آهن. پر تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته مذهب هميشه آزاد نه رهيو آهي بلڪ اڪثر دؤرن ۾ هڪ حربو ۽ اوزار پڻ بڻجي رهيو آهي. مذهب جو باطل تصور، انسان جو سڀ کان وڏو الميو آهي. يعني انسان ان رستي تان غلام بڻايو ويو جيڪو سندس آزاديءَ جو رستو هيو ۽ خاص طور تي ان حوالي سان يورپ وارن جا تجربا ڏاڍا تلخ آهن. اتان جي ماڻهن مذهب کي ڪليسائي نظام جي تعارف سان سڃاتو. ڪليسا بادشاهه سان گڏجي عوام جو استحصال ڪيو. پنهنجي استحصالي ڪردار دوران مذهب وارن عقل ۽ دانش تي پابندي لڳائي ۽ اهڙيءَ ريت انساني فطرت تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر فطرت پنهنجو رستو ڪڍي وٺندي آهي. تنهن ڪري مذهب کي يورپ مان نڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته يورپ وارن جي نظر ۾ ان جي سڃاڻپ استحصال ۽ عقل دشمنيءَ واري ٿي وئي. ظاهر آهي ته مذهب جي اهڙي تعارف جا ذميوار خود مذهب جا نام نهاد پيروڪار آهن. اڄ يورپ ۾ مذهبي انسان مان مراد هڪ جنوني ۽ متعصب جي طور تي ورتي ويندي آهي، جنهن لاءِ انساني رشتن جي ڪابه اهميت ناهي. هو خون وهائڻ کان به نه ٿو گسي ۽ حقيقت ۾ ايئن ٿيو به آهي. مذهبي ماڻهن جو اهو تعارف ائين خواهه مخواهه مشهور ناهي ٿيو. مذهبي ماڻهن جي انهن غلطين ۾ ڪجهه جهالت کي دخل هيو ۽ ڪجهه مذهب جي خلاف سازش به ٿي. اصل ۾ مذهب ڏانهن عوام جو لاڙو ايتري قدر ته مضبوط هيو جو مراعات يافته طبقو مذهب کي ختم نه پئي ڪري سگهيو. تنهن ڪري هن مذهب جي ظاهري ڍانچي کي برقرار رکندي ان جي جوهر ۽ روح کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مقصد لاءِ هن مذهبي نمائندن کي خريد ڪيو، جن عوام ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح مراعات يافته طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو. مشرق ۾ اهڙا سڌارڪ ايندا رهيا جيڪي مذهب جي ڍانچي ۾ حقيقي روح ڦوڪيندا رهيا، پر مغرب کي اهڙا ماڻهو نه ملي سگهيا. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته يورپ وارن مذهب جي ان بي روح ڍانچي کي به پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو. مجموعي طور تي اڄ مذهب جي ناڪاميءَ جا ڪارڻ هي آهن: (1) مذهب پنهنجي مسخ شده شڪل ۾ پنهنجي بانين جي تعليم ۽ انقلابي جدوجهد کان ڦري، استحصال پسند ۽ بالادست طبقن جو هٿيار بڻجي ويو. (2) مسخ شدهه مذهب ۾ سمورو زور ريتن، رسمن ۽ عقيدن جي مابعدالطبيعاتي تعبير تي ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته مذهب جي مقدس بانين جي جدوجهد جو بنيادي مقصد موجود معاشري کي تبديل ڪري، ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ هيو. يعني سندن پهريون نشانو استحصال پسند ۽ بالادست طبقن جو خاتمو هيو، ته جيئن پٺتي پيل ۽ مظلوم عوام جي معاشي ۽ تهذيبي حالت کي بهتر بڻايو وڃي. سمورن مقدس ڪتابن ۽ قرآن عظيم پنهنجو مرڪزي نصيب العين اهوئي ٻڌايو آهي ته عوام کي غيرانساني حالتن مان ڪڍي انساني درجي تي آندو وڃي. قرآن ڪريم، انهن غيرانساني حالتن کي ”ظلمت“ سان تعبير ڪيو آهي ۽ حقيقي انساني حالتن کي ”نور“ سڏيو آهي ۽ پنهنجي نزول جو نسورو مقصد انسانن کي ظلمت مان ڪڍي نُور ۾ واپس آڻڻ قرار ڏنو آهي. مسخ شده مذهب ۾ اهو بنيادي نڪتو غائب ٿي ويو ۽ ريتون رسمون باقي رهجي ويون. (3) مذهب انسانيت کي ڳنڍڻ ۽ کين هڪ ڪرڻ لاءِ آيو هو پر ٿيو هينئن جو مختلف مذهبن جي پيروڪارن پنهنجون الڳ الڳ ٽوليون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽوليءَ کي ۽ پنهنجي ٽوليءَ جي ڳالهه کي سموري انسانيت جي اصل دعوت ليکي ويٺا. هر قوم، اها دعويٰ ڪئي ته سندس نبي آخري آهي ۽ سندس دين سڀني کان سچو دين آهي. هر قوم ان جي ثبوت ۾ دليل ڏيندي، انهن دليل بازين ۽ منطق جي زور سان پنهنجي ڳالهه مڃائڻ تي اصرار ڪنديون هيون ۽ ٻين جي ڪتابن مان ڪنڊا ڪڍنديون هيون. اهڙيءَ ريت وحدت انسانيت جو تصور جيڪو مذهب جو حقيقي مقصد هيو، اهو ڪڏهن به دنيا جي حقيقت نه بڻجي سگهيو. اها حقيقت آهي ته مذهب کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ان ”مان سچو“ جي گروهيت پهچايو آهي. ان گروهيت ئي فرقيواريت کي جنم ڏنو ۽ ان فرقيواريت بنيادي انساني قدرن کي پائمال ڪيو. (4) مذهب وارن جو عام طور تي رويو اهو رهيو آهي ته ”مذهبي تعليم رڳو آخرت ۾ نجات جو وسيلو آهي.“ ۽ دنياوي ترقيءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيائون. مذهب جي ان غلط تصور جو نتيجو هي نڪتو ته آخرت جو هڪ رومانوي تصور جڙي پيو ۽ هن دنيا ۾ غلاميءَ ۽ ظلم واري نظام کي خدا طرفان ”آزمائش“ قرار ڏنو ويو. سرمائيدار مذهب جي ان تصور جي خاص طور تي پروپيگنڊا ڪئي ته جيئن ماڻهن کي سندن حالت تي مطمئن رکي سگهجي. (5) مذهب جي ناڪاميءَ جو هڪ سبب مذهب جي پيروڪارن جو رجعت پسند ڪردار آهي. خاص طور تي مغرب ۾ مذهب، هر جديد شيءِ جو انڪار ڪيو ۽ هر نئين نظريي کي ڦٽڪار جوڳو قرار ڏنو، ان جو بنيادي ڪارڻ مذهب وارن جو هي خوف هيو ته نين نين شين کي اپنائڻ سان مذهب خالص نه رهندو. اها رجعت پسند سوچ رکندڙ مذهبي نمائندا، اصل ۾ ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري تبديلي ۽ ارتقا کي سمجهڻ کان قاصر رهيا ۽ هيءَ ڳالهه وساري ويٺا ته خدا هر گهڙي نئين شان ۾ جلوه گر ٿئي ٿو.( کل يوم هو في شان.) انهن سببن ڪري مغرب، لامذهبي دؤر ۾ داخل ٿي ويو ۽ مشرق ۾ به مذهب اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو جيڪو مذهب جي بانين ڪيو هو ۽ پنهنجي تعليم ۽ ڪردار ذريعي سمجهايو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدين ۾ هڪ نئين اڀرندڙ قوت ”سائنس“ جي وڌندڙ ترقي ۽ ان جي طريقي ڪار جي حيرت انگيز ڪاميابيءَ مذهب ۽ فلسفي ٻنهي کي پوئتي ڇڏي ڏنو. جيتوڻيڪ سائنسدان ان کان اڳ به ايندا رهيا پر سائنس ڪڏهن به سموري معاشري کي اهڙيءَ طرح پنهنجي گرفت ۾ نه آندو هو جهڙيءَ ريت ارڙهين صديءَ جي سائنسي انقلاب کان پوءِ. سائنس جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هي آهي ته ان انسان کي ماحول ۽ حالتن جي جبر کان آزاد ڪرايو. اڳ ۾ هن وسيع ڪائنات ۾ انسان مادي ۽ جسماني لحاظ کان بيحد حقير ۽ ڪمزور هيو پر سائنس جي صدقي انسان هن وشال ڪائنات کي پنهنجي گرفت ۾ وٺڻ شروع ڪيو ۽ هو فطري ماحول تي ڏينهون ڏينهن قابو پائيندو ويو. سندس قدم، پستين کان اٿڻ لڳا ۽ سندس اعتماد بحال ٿيندو ويو. سائنس، مجموعي طور تي انسان کي توهم پرستيءَ مان ڪڍيو ۽ کيس ترقيءَ جي هڪ شاهراه تي آندو. سائنسي ايجادن خاص طور تي پرنٽنگ پريس، اسٽيم انجڻ ۽ ٽرانسسٽر ته انساني تهذيب ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. ورهين جا ڪم ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳا، انساني سماج هڪ ٻئي جي ويجهو آيا. هڪ خطي جا انسان ٻئي خطي جي ماڻهن جي ڏکن سکن ۽ سندن اجتماعي مشڪلاتن کان واقف ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت دنيا جا کنڊ، ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ بدلجي ويا. ۽ اڄ گوبل وليج (Global Village) جو نظريو، سائنس جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي. ارڙهين صديءَ ۾ انهن حيران ڪندڙ سائنسي ايجادن ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ۽ ماڻهن سائنسي طريقي ڪار (Scientific method) کي ئي سچائيءَ تائين پهچڻ جو رستو سمجهڻ شروع ڪيو. اصل ۾ سائنس، ڪيترائي مسئلا ايترو ته سٺي نموني حل ڪري ڇڏيا هئا جو ان جي طريقي ڪار کي قابل اعتماد، جٽادار ۽ علم جي يقيني ذريعي جي طور تي قبول نه ڪرڻ محال ٿي ويو ۽ اهو سمجهيو پئي ويو ته اسان جا سمورا مسئلا پوءِ اُهي حياتياتي هجن يا اخلاقي، مادي هجن يا جمالياتي، رڳو سائنسي طريقي ڪار جي مدد سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري هر شيءِ کي سائنٽيفڪ بنيادن تي بيهارڻ تي زور ڏنو ويو ۽ جيڪا شيءِ پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان جيتري سائنسي يا ميڪانڪي هئي اوتري ئي اعتماد جوڳي ۽ مثبت سمجهه ۾ اچڻ لڳي، ايستائين جو سماجيات ۽ تاريخ جهڙن علمن کي به هڪ سائنس قرار ڏنو ويو. اهو دور اصل ۾ سائنس پرستيءَ جو رومانوي دور هيو، جنهن ۾ سائنس سان تمام گهڻيون جذباتي وابستگيون ڪيون ويون. پر پڇاڙيءَ هيءَ ڳالهه منظرعام تي اچي وئي ته رڳو سائنس پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان اسان جي حياتي ۽ قدري مسئلن جي حل ڪرڻ جي اهل نه آهي. مثال طور ٻن عالمي جنگين دوران سائنس، انسانن کي انتهائي مهلڪ ۽ خطرناڪ هٿيار ڏنا. يقيناً ان ۾ سائنس جو قصور نه هيو پر اهو ان جو منفي استعمال هيو ۽ سائنس جو اهو منفي استعمال مخصوص سماجي حالتن جو نتيجو هيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سائنس انهن سماجي ۽ معاشرتي حالتن کي بدلائڻ کان قاصر آهي، جنهن ۾ سائنسي انڪشافن ۽ دريافتن کي انسانن جي تباهيءَ واسطي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اها ئي سائنس جي نااهلي هئي. انهن سماجي يا معاشرتي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مذهب ۽ فلسفو ئي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. بهرحال تنهن هوندي به سائنس، انسانن کي بيشمار مادي فائدا ڏنا. ليڪن انهن ڪمن ۾ سائنس کان رهنمائي گهرڻ جيڪي ان جي عملي دائري کان ٻاهر آهن هڪ غلطي آهي. هتي مان مذهب ۽ فلسفي جو تقابلي مطالعو نٿو ڪريان ۽ نه ئي اهو ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو مخصوص ڪارج ۽ عملي دائرو آهي. مان فقط هي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته انهن ٽنهي جدا جدا هينئر تائين انسان کي ڇا ڏنو آهي ۽ ڇا ناهي ڏنو؟ ۽ انهن مجموعي طور تي هاڻي تائين انساني تهذيب کي مثبت ۽ منفي ٻنهي سطحن تي ڪهڙيءَ ريت متاثر ڪيو آهي؟ هاڻي اسان ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا، يعني فلسفي، مذهب ۽ سائنس بابت انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ هڪ جديد مثالي تهذيب جو بنياد ڪيئن ٿو رکي سگهجي؟ ڳالهه هيءَ آهي ته هن رنگ ۽ خوشبو واري دنيا ۾ جيڪا شي سڀ کان وڌيڪ اهم آهي اها خود انسان آهي. زندگيءَ جي اهميت کان مذهبي ماڻهو، دانشور ۽ سائنسدان ڪنهن کي به انڪار نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري مثالي تهذيب اهائي ٿيندي جنهن ۾ انسان هر سطح تي جبر کان آزاد هجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسانن جو سڀ کان وڏو الميو غلامي آهي جيڪا ويس ۽ روپ مٽيندي رهندي آهي. فلسفي، نظري سطح تي غلاميءَ جو انڪار ڪيو پر عملي سطح تي انسانن کي آزاد ڪرائڻ کان بي وس رهيو. مذهب نظري سطح تي به غلاميءَ جو انڪار ڪيو ۽ عملي سطح تي به هڪ دؤر ۾ انسان کي غلاميءَ مان نجات ڏياري، پر مسخ شده مذهب ۽ خود مذهب جي نمائندن مذهبي تعليم تي ٺيڪيداري قائم ڪري ۽ بالادست طبقن جو هٿيار بڻجي انسان کي غلام بڻايو. سائنس، انسان کي ماحول ۽ حالتن جي غلاميءَ کان آزاد ڪري مشين جو غلام بڻائي ورتو. معنيٰ ته پٿر جي دؤر کان وٺي اڄوڪي ائٽمي دؤر تائين انسان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور آزاد نه ڪرائي سگهيو آهي ۽ وري دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته سموري تاريخ ۾ انسان، انسان جو پڻ غلام رهيو آهي. هاڻي جيڪڏهن جديد انساني تهذيب کي مضبوط بنيادن تي قائم ٿيڻو آهي ته انسان کي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻي پوندي ۽ غلامي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جهالت ختم ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو بالادست طبقن جي سازشن کي سمجهي سگهن ۽ کري ۽ کوٽي جي پرک ڪري سگهن. ان ڪري ڳالهه جو تت وڃي هي بيهي ٿو ته اڄوڪي جديد تهذيب سائنس، مذهب ۽ فلسفي ٽنهي مان هڙ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪا صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. سائنس، انساني قدرن تي ٻڌل ڪنهن اخلاقي نظام جي موجودگيءَ ۾ ئي انسانن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي. ۽ اهو اخلاقي نظام مهيا ڪرڻ مذهب ۽ فلسفي جي ذميواري آهي. ليڪن ان لاءِ حقيقي مذهب کي مسخ شده مذهب کان ۽ فلسفي کي غير عملي بحثن کان الڳ ڪرڻو پوندو. اڄوڪو جديد طبقو يورپ جي تقليد (پوئواريءَ) ۾ مذهب کي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿو، اهو مذهب جي اصليت کي نه سمجهڻ جو دليل آهي. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته مذهب جو گهرائيءَ ۽ ڳوڙهائپ سان اڀياس ڪجي. يورپ ۾ جيڪڏهن لا مذهبيت آئي ته اها اتان جي مخصوص حالتن جو نتيجو هئي ۽ يورپ وارن اصل ۾ مسخ شده مذهب کي رد ڪيو نه ڪي حقيقي مذهب کي. اڄ حقيقي مذهب جي نشاندهيءَ کان پوءِ مذهب جو انڪار ڪرڻ ايترو ئي غلط آهي جيترو مذهب جي باطل تصور کي مڃڻ. مقصد هي آهي ته اڄ شعور ۽ ڄاڻ جي مٿانهن درجن کي هٿي ڏيڻ ۽ ڦهلائڻ جي بيحد ضرورت آهي ته جيئن هڪ اهڙي تهذيب جو بنياد رکي سگهجي جنهن سان غلاميءَ جي سڀني قسمن جو خاتمو ٿئي ۽ علم، عدل ۽ محبت جي حڪمراني قائم ٿئي. (سنڌيڪار ثناءَ الله سومرو) (سنڌ فورم، جون 1999ع) سنڌيڪا جي ٿورن سان