• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماليڪيولز جيڪي هاڻي ڏسي به سگهبا

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
چوندا آهن ته ڪي شيون ننڍيون هُجن ٿيون. پر ڪي ايتريون ننڍيون جو انهن کي ڏسي به نه ٿو سگهجي. جيئن هڪ ائٽم. پر ائٽم ته اڃان ننڍو ٿيو ائٽم مان جُڙيل ماليڪيولز به ڏسي نه سگهجن.
هڪ ماليڪيول جيڪو سدائين ڪئمسٽري (جڳ مشهور خُشڪ سبجيڪٽ) جي ياد ڏياريندو آهي سو به جن ائٽمز مان جُڙيل هوندو آهي انهي جي جوڙ (Bond) جي ماپ به ائگسٽرام ۾ ٿئي ٿي Å ۾. Å جيڪو ماپ جو ڪافي ننڍو مايو آهي. اهو هڪ سينٽي ميٽر کان ڏهه ڪروڙ دفعا ننڍو ٿئي ٿو. هڪ عام نامياتي ماليڪيول جي ٻن ڪاربان ائٽمز جي جوڙ جي ماپ 1.5 (تقريبن) ٿئي ٿي.
تنهنڪري اهو سوچڻ ته ڪنهن ماليڪيول کي سچي ۾ ڏسي سگجي اهو تصور ئي ڏکيو هو. پر ڪئيميرا جي هن جديد دؤر اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو ته هڪ ماليڪيول کي انهي ننڍي سائيز ۾ به ڏسي سگهجي. نه رڳو ڏسي سگهجي پر ان ۾ ايندڙ تبديلي به ڏسي سگهجي. مطلب ته هڪ ننڍڙو ماليڪيول هڪ صورت کان ٻي ۾ وڃي ته اهو سڌو سنئون ڏسي سگهجي.
پر هاڻي ته ڳالهه نئنو سائنس تي پئي وڃي جتي نه رڳو ڏسڻ پر انهي ننڍي ليول تي شيون سنڀالي به سگهبيون.
بهرحال هنن جدت کي هيٺ ڏيکاريل تصوير م واضع ڪيو ويو آهي. ڏسي سگهجي ٿو ته تصوير جي ماپ Å ۾ ئي آهي.
397380_607717419240536_922748284_n.jpg
 
زبردست۔۔۔تمام قيمتي معلومات نهايت ساده ٻولي ۾ بيان ڪئي وئي آهي۔ مون کي ائٽم بابت پڙهندي ائٽم بم جو خيال اچي ويو آهي۔ ان جي ڌماڪي ۾ ايتري شديد توانائي جو اخراج ڪيئن ممڪن ٿيي ٿو اها ڳالهه ڪڏهن به صحيح طرح سمجهه ۾ نه آئي۔اگر ان بابت به ڄاڻ ڏيندا ته وڏا قُرب ٿيندا۔
 
Back
Top