ڊاڪٽر محمد عمر مولوي احمد جو ٻيو پٽ آھي ڊاڪٽر صاحب جو والد صاحب ننڍي ھوندي ئي وفات ڪري ويو ھو ان جي پرورش سندس وڏي ڀاءُ محمد عثمان صاحب ڪئي پاڻ ننڍي ھوندي ئي ذھين ھئا مگر مسڪيني حالت جي ڪري تعليم پرائڻ م نھايت ئي تڪليفون حاصل ڪيائون ڪجھھ وقت مدرسه دار الھديٰ ٺيڙھي ۾ تعليم ورتائون اتان وري پنھنجي ڀاءُ جي چوڻ تي پيرجھنڊي جي مدرسي ۾ داخله ورتائون اتي پنھنجي محنت سان پنھنجي ھم سبقن ۾ اڳتي ھئا جيئن مولانا قطب الدين رحه بنده کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب اسان جو ھم سبقي ھو حالانڪ مولانا صاحب پنھنجي دور جو نھايت قابل استاد ھواھو چئي ٿو ته اسان سڀني ھم سبقن کان ڊاڪٽر صاحب نھايت ئي ذھين ھو جيڪڏھن ڊاڪٽر صاحب پڙھائي ھاته بھترين استاد ھجي ھااستاد صاحب وڌيڪ فرمايو ته ھڪ دفعي مدرسه جي سالاني امتحان ۾ استادن اسان کي موضوع ڏنو عربيءَ ۾ ڪو به نه ڳالھائي سگھيو مگرڊاڪٽر صاحب عربيءَ ۾نھايت ئي فصاحت سان مضمون کي بيان ڪيو جنھن ۾ امتحان وٺندڙ خوشيءَ جو اظھار ڪيوان مجلس ۾ عرب به مھمان ھئا جن ڊاڪٽر صاحب جي تقرير ٻڌي داد ڏنواوھان کي ياد ھوندو ته سندن والد صاحب ننڍي عمر ۾ فوت ٿي ويوھو انڪري يتيمي جو زمانو ڏسڻو پيو ۽ سندن ذريعه معاش ڪجھ نه ھو وڏو ڀاءُ سار سنڀال ڪندو رھيو ان ڊاڪٽر صاحب کي طبيه ڪاليج لاھور ۾ داخل ڪرايو اتي جانفشاني سان ڪم ڪندا رھيا ڪورس پوري ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ ھڪ اسپتال کولي ۽ اتي ڳوٺ ۾ پنھنجن عزيزن مان شادي ڪرائي وئي ڊاڪٽر صاحب کي شھر ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ھيو ليڪن غربت جو ماريل ڇاٿو ڪري سگھي آخر سندس بخت ھڪ ڏينھن بھانو بڻايو جو ھڪ ھندو جو سندس ڳوٺ جو زميندار ھيو ان جو علاج شروع ڪيائون ان ھندو جي علاج ۾ کيس ڪاميابي ٿي ان ھندو شخص ڪافي رقم ڏني پوءِ سکر شھر ۾ ھڪ جڳھ ڪرائي تي وٺي اچي سکر پھتا ان وقت سکر جي آبادي مارڪيٽ کان پري نه ھئي اتي ڪجھ وقت رھيا ان کان بعد آبادي وڌندي وئي ته پاڻ ھڪ جاءِ جتي ھينئر جاويد منزل آھي اتي دڪان ڪرائي تي ورتائون اتي پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيائون ان وقت ھندن جون وڏيون وڏيون اسپتالون ھيون مگربخت ٻي شيءِ آھي جڏھن سکر ۾ اسپتال کوليائون ته بنده چشم ديد گواھ ته سکر ۾ وڏاوڏا ڊاڪٽر به کين مشوري جا محتاج ھوندا ھئا ھڪ واقعو عام آھي ته جڏھن پاڻ بيمار ٿيا ۽ سول سرجن سکر وارو معائنو ڪرڻ آيو ۽ نسخو لکائڻ لڳو ته ھڪ دوا لکندي سول سرجن کي ھڪل ڪري چيائون ته ھن دوا جي بجاءِ ھي دوا لک سول سرجن حيران ٿي چوڻ لڳو ته ڊاڪٽر صاحب اڃان ته اوھان جو ھوش سلامت آھي سول سرجن چيو ته واقعي اھا دوا مفيد آھي منھنجي ڀل آھي انھيءَ بيماري ۾ 1968ع ۾ وفات ڪيائون سياست کين انساني قوم جو وڏو احساس ھوندو ھيو جڏھن ڪابھ برائي ڏسندا ھئا ته يڪدم جوش ۾ اچي ويندا ھئا ھڪ دفعي مارڪيٽ ڏانھن سبزي وٺڻ ويا ته اتي عورتن جي وڏي رش ڏٺائون ۽ نھايت غمگين ٿي پيا ۽ ان جي بندش لاءِ تحريڪ ھلايون ته ڪابه عورت مارڪيٽ يا بازار ۾ بغير ڪنھن مجبوري جي نه وڃي الله جي فضل سان ان تحريڪ ۾ ڪاميابي ملي پاڻ جمعيت علماءِ ھند ۽ ڪانگريس پارٽي جا حامي ھئا آخر تائين ان تحريڪ سان وابسته رھيا ان وقت مجلس احرار ۾ شموليت ڪري سنڌ ۾ وڏوڪردار ادا ڪيائون ۽ صوبه سنڌ جا صدر ٿي رھيا( ان وقت ھي بنده مجلس احرار ۾ رضاڪار ھو)پنھنجو معاشي ڪاروبار به ڪند ا رھيا ان سان گڏ ملڪي سياست ۾ وڏو حصو وٺندا رھيا پر جڏھن دولت آئي تڏھن البته جماعت کي ڇڏيندا ويا تان جو زماني جي مالي حالات ۾ مشغول ٿي ويا ان کانپوءِ ڪرائي واري جاءِ خريد ڪيائون ان جي آس پاس به جڳھھ خريد ڪيائون ۽ اتي وڏيون عمارتون جوڙايون جيڪي اڄ به اتي موجود آھن شاديون: ڊاڪٽر صاحب تعليم دوران ڳوٺ مان شادي ڪئي ليڪن اھا وفات ڪري ويئي ھئي جڏھن ماڻھن ڊاڪٽر صاحب وٽ پئسو ڏٺو ته ھر ھڪ چاھي پيو ته مان کيس نياڻي ڏيان اتفاقا ان وقت گرم گودي ۾ لاھور جا پنجابي رھندا ھئا انھن جو ستارو غالب ٿي ويو انھن جي نياڻي سان شادي ٿي ويئي ان وقت ڳوٺ وارن سوچيو ته ھي شخص اسان کان نڪري ويو ۽ وڃي ٻي قوم سان مليو تڏھن برادري وارن پنھنجي قوم مان رشته ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا ان وقت اسان جي برادري ۾ نياڻيون بلڪل نه ھيون اسان جو والد صاحب صوفي طبع شخص ھو ان جي دل نه پئي گھري ته ڊاڪٽر صاحب کي نياڻي ڏيان صرف انڪري ته منھنجي اولاد شھر ۾ رھي خراب ٿي نه وڃي حتانڪه ڊاڪٽر صاحب اسان جي والد صاحب جو سالو ھيو بھرحال برادري جي زور تي اھو رشتو ٿي ويو ان شادي کي اٺ سال کن ٿيامگر اڳين گھرواري مان ڪابه اولاد ڪانھ ھئي اسان جي ڀيڻ مان ھڪ پٽ جاويد احمد(نظير احمد) ڄائو ان کان پوءِ ٽين شادي ڪيائون جا پٺاڻي ھئي ليڪن ان کي گھر ۾ رکي نه سگھيا ڇاڪاڻ ته سندن والدھ زندھ ھئي جنھن ان عورت کي گھر ۾ اچڻ نه ڏنوآخر زماني ۾ سڀني کي سوا اسان جي ڀيڻ کان طلاق ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيوزماني جي انقلاب کائڻ کانپوءِ سندن طبيعت دين ڏي مائل ٿي اڳ ته پابندي سان نماز به نه ادا ڪندا ھئا مگر ھينئر ته باقاعده حج فرضي ادا ڪيائون نه صرف پاڻ بلڪه گھرواري ۽ اسان جي والدصاحب کي به حج ڪرايائون ان کان علاوه صوم وصلوات سان گڏ تهجد ۽ اشراق گذار ٿي پيا سوال: اھو ٻڌائي سگھندا ته اھو طبيعت ۾ جلدي ڦيرو ڪيئن آيو؟ جواب: ان جو سبب ھي آھي ته اوھان اڳ مضمون ۾ پڙھي آيا اھيو ته اسان جي والد صاحب(سھرو) جي مرضي نياڻي ڏيڻ تي نه ھئي پر برادري جي مجبور ڪرڻ تي اھو ڪم ڪيائون پوءِ ھميشه دست بدعا ھوندا ھئا ته يا الله العالمين ان شخص (محمد عمر) کي نيڪ ۽ صالح بڻاءِ ته منھنجي ٻچن جي زندگي برباد نه ٿئي ڪيئي ڀيرا پنھنجي مرشد يعني حضرت احمد علي لاھوري رح کي سکر وٺي ويندا ھئا ته ان شخص کي دعا ڪن ته کين الله تعاليٰ ھدايت نصيب فرمائي انھن دعائن جو اثر اھو ٿيو جو سندن طبيعت يڪدم ڦيرو کائي وئي ۽ عزيزن ۽ قريبن جو به ڏاڍو خيال ڪرڻ لڳا اھوئي سبب ھو جو وڏو سرمايه وارو ٿي پنھنجيون نياڻيون غريب مائٽن کي ڏنائين ۽ ڪنھن ڌاري ماڻھو ڏي نھاريائون به نهآخر ۾ ڪجھ زمين به خريد ڪيائون جنھن جي سالانه عشر بهسنڀاري ڪڍندا ھئا ڍل کان علاوه گاھ پٺو وغيره ڪڙمين کي ڏيندا ھئا چوندا ھئا ته شرعن اھو انھن جو حق آھي ان کان علاوھ مال جي زڪوات به پابندي سان ڪڍي غريبن ،محتاجن ۽ عزيزن ۾تقسيم ڪندا ھئا ڊاڪٽر صاحب مھمان نواز به حد درجي جا ھئا سندن در تي سدائين مھمانن ۽ عزيزن جو انبوھ ھوندو ھئوھو خوش اخلاق ۽ سدائين کلندا رھندا ھئا ڪڏھن به مايوس نه نظر نه آيا اسپتال ۾ سدائين آفيسن وڪيلن ۽ اميرن جو ھجوم ھوندو ھو ھر قسم جون ڳالھيون چو طرف کان شروع ٿينديون ھيون تن سڀني کي خنده پيشاني سان جواب ڏيئي خاموش ڪندا ھئا آخر ۾ پاڻ کي ھميشھ اھو خيال اچي ويٺو ته باقي عمر ۾ پنھنجي رب کي راضي ڪجي ان ڪري اسپتال جو شوق به گھٽ ٿيندو رھيو ۽ بيماري جا به مٿن وقت بوقت حمله ٿيندا رھيا جنھن جي علاج لاءِ ڪڏھن ڪوئيٽا ته ڪڏھن ڪراچي جا سفر ڪرڻا پيا ۽ شفا به ٿيندي رھي آخر علالت جي ڪري ھن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويا آخرت جي تياري :توھان مٿي پڙھي آيا آھيو ته اخير زندگي ۾ بلڪل دنيا کان الڳ ٿي ويا چڪا ھئا ۽ آخرت جي سفر جي تياري ۾ مصروف ھئا وفات کان ڪجھ ڏينھن اڳ ھڪ مستري جنھن سان دنيا ۾ زياده تعلق ھو ان کي وٺي قبرستان ڏانھن ويو جتي اڳ سندن والده صاحبه جي تربت ھئي ان جي ڀرسان ھڪ جاءِ خالي مستري کي ڏيکاريون ۽ کيس چيائون ته ان جي ڀرسان چوڌاري ديوار ڪڍي جيئن اتي ٻيو ڪو ماڻھو مدفون نه ٿئي اھا خاص منھنجي آھي مستري ان مھل سرون وٺي چوڌاري ديوار ڪڍي وفات کان اڳ وصيت ڪيائون ته مون کي پنھنجي والده صاحبه جي ڀرسان دفنائيندا جڏھن وفات ٿي ته سندن وصيت موجب کيس والده جي ڀرسان رکيو ويو اگرچه عزيزن جو خيال ھو ته پنھنجي آبائي ڳوٺ ۾ سندن ڀاءُ جي ڀرسان رکيو وڃي مگر وصيت موجب کين والده جي ڀرسان دفن ڪيو ويو اھو قبرستان شڪارپور ڦاٽڪ جي ڀرسان ريلوي لائين جي قريب نئين ڳوٺ سکر ۾ موجود آھي شهادت :پاڻ چوندا ھئا ته جڏھن پھريون ڀيرو بيمار ٿيس پوءِ مان ھڪ ڊاڪٽر سول سرجن اسپتال جو ھو ان سان مشورو ڪيم پوءِ ان مونکي ھڪ انجيڪشن ھنئي ان جي دوستي تي ڀروسو ھو جڏھن بيماري جو دورو شروع ٿيوته پوءِ مون محسوس ڪيم ته ان ڊاڪٽر صاحب جا مون کي انجيڪشن ھنئي سا زھريلي قسم جي ھئي ان تعصب جي بنيادتي اھا انجيڪشن ھنئي جنھن جو نتيجو اھو ظاھر ٿئي ٿو مگر پاڻ صبر ۽ استقلال سان اھا تڪليف برداشت ڪندا رھيا آخر ۾ اھو ئي دوررو شروع ٿيو ۽ پاڻ رب ڏانھن راھي ٿيا وصيت نامه: پاڻ زندگي ۾ ٻھ بياض وصيت نامي جا لکيا جي اڄ به سندن اولاد وٽ محفوظ آھن اڪثر ان ۾ اھي مضمون آھن جن ۾ پاڻ لکيو اٿن ته الله جي تابعداري کان سواءِ ڪابه ٻي شيءِ نهآھي ھاءِ افسوس جيڪڏھن پويان ان جا وصيت نامي کي پڙھي عمل ڪن ھا ته دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿين ھا مگر افسوس ان جي قريب به نه ويا الله تعاليٰ ڪڏھن نھ ڪڏھن انھن کي به ھدايت نصيب فرمائيندو جو پنھنجي والد صاحب جي نقش قدم تي ھلي سندن قبر کي موچارو ڪندا جائيداد:اخير عمر ۾ اھو خيال پيدا ٿين ته متان ڇوڪرا ڪاروبار نه ڪن ان ڪري اندازن پنج سو جريب زمين جا پنھنجي ڳوٺ جي ڀرسان خريد ڪيائون وٺڻ شرط پنھنجي خيال موجب جائيداد کي ھن طرح تقسيم ڪيائون ويھ جريب ھر ھڪ نياڻي کي باقي ٻھ فرزند رھيا تن کي ھڪ ھڪ جاءِ نالي ڪيائون ھڪ جاءِ تي جاويد منزل ۽ ٻئي تي ظھير منزل لکرايائون ھڪ ڪار جاويد جي نالي باقي ھڪ جڳھ ۽ ٻه دڪان گھر واري جي نالي ڪيائون )ورتل ڪتاب حالات شيخ تحرير مولانا عبدالواحد شيخ