اتفاق سان دل چيو ته هن رسالي کي پڙهجي ان جي فهرست کوليم ته صفحي نمر 15 تي هڪ مقالو پڙهڻ جو ارادو ڪيم جيئن ئي ان کي پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي ان مان ڪنهن خاص فرقي ۽ مسلڪ جي بُو اچڻ لڳي نيٺ صفحي نمبر 15 جي آخري سٽن ۽ 17 جي ابتدائي صفحي تي سڀ بڙاس اچي نڪتي ۽ اولياء سان توسل ۽ انهن کي مڃڻ ۽ انهن جو احترام ڪرڻ ۽ انهن تي خيرات ڪرڻ وغيره کي شرڪ قرار ڏنو ويو هو افسوس اهو ٿيو ته اسان توحيد جي نالي تي ڪنهن نه ڪنهن مسلڪ کي ضرور گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهيون يا انهن جي عمل کي هرو ڀرو به برو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيون حالانکه اهل سنت و الجماعت جا جيد علماء ۽ اهل تشيعه جو توسل ۽ زياره قبور ۽ خيرات وغيره تي گهٽ وڌ اختلاف سان عقيدو موجود آهي ته اهو عمل صحيح آهي ڪنهن حد تائين، اگر ان کي صحيح نيت سان انجام ڏنو وڃي پر ان کي جي سامعين ۽ قارئين سامهون پيش ئي غلط انداز ۾ ڪيو وڃي ته پوء اڳيو ن اهو ئي سمجهندو ته ڪنهن خاص مسلڪ جي پيروي ڪئي پئي وڃي ۔۔خير سنڌ سلامت تي اهڙي قسم جو مواد هجڻ گهرجي يا نه مان ان باري ۾ ڪا به راء ڏيڻ کان قاصر آهيان جيڪو ڪنهن خاص مسلڪ جي حمايت ڪندو هجي ۔۔۔۔۔