• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاسرڙو۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
تاسرڙو
سائين نياز هُمايوني۔

تاسرڙو ٿو وڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

منهنجو هينئڙو ٿو هِڄِي
منهنجي سنڌڙي شال بچي
منهنجي جندڙي شال بچي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔

ڪوئل وڻ تي ڪوڪي پئي
ڪالهه جي آيا نادر ڪيئي
اڄ به سُجهن ٿا ڏيهه ۾ سيئي
ڪنڌ ڪُڌن جو ڀڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔

ارِڙهين صديء جي اُڀري ڇاتي
سچل سڪ جي ڳاني پاتي
جنگ اچي ابداليء لاٿي
ڪير پاپيء سان پُڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

چٻرن چرڙي ڀاڳ ڦٽايو
مدد پٺاڻ نڀاڳ ٿي آيو
ويريء اهڙو ويل مچايو
اندر اڃان پيو ڇڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

بگهڙ ته ڪنهن سان ٻيلهه نه ٻيلي
شاهه شُجاع شڪارپور ڀيلي
کرڙي ۾ اڃان ائلي ائلي
جابر تنهنجو جنازو کڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

پار درياهون ڪڻڇي ٻولي
ڪير ويو منهنجي سنڌڙي رولي؟
پنهنجي پرائي جي ماريو اولي
ڀينگ ٿي وئي سڄي کٻي
تاسرڙو ٿو وڄي

جوڳي ٿو در در نانگ نچائي
اڃان به ڪهڙا ڏينهن الائي
ڏسڻا پون هن ماڳ ۾ هائي
جند جهوريء ۾ٿي جهڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔
 
اڳيئين زماني ۾ جڏهن ڪنهن غنيم جي چڙهائي جو خطرو
پيدا ٿيندو هو ته سڄاڻ ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪنجهي جا ٿانو
مٿي هيٺيان رکي سمهڻ لائ چوندا هئا۔
ايئن چوڻ سان پري کان ڪاهي ايندڙ غنيم جي گهوڙن جو دهڪو
سندن ڪنن تي پوندو هو۔۔اها خبر جڏهن گهر جي ڀاتين کي ڏني ويندي هئي
ته هو هٿيار پنهنوار کڻي۔غنيم سان منهن ڏيڻ لئه نڪري پوندا هئا
تاريخ جي انهي گوريلا حڪمت عملي تي هي تاسرڙو لکيو ويو آهي۔۔
 
سائين نياز همايوني جا عظيم خيال پڙهڻ لاء مليا۔۔۔

لک قرب اوهان سولي سمجهاڻي سان سمجهايو
 
اڳيئين زماني ۾ جڏهن ڪنهن غنيم جي چڙهائي جو خطرو
پيدا ٿيندو هو ته سڄاڻ ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪنجهي جا ٿانو
مٿي هيٺيان رکي سمهڻ لائ چوندا هئا۔
هيءَ مون لئي نئين ڳالھـ آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسانجا وڏڙا ايڪو سائونڊ مان واقف هيا۔
 
Back
Top