• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جمالو

باغي عليم

سينيئر رڪن
جمالو۔۔
سائين نياز هُمايوني۔۔

منهنجو جمالو سنڌڙيء سان۔۔

منهنجي سنڌ سڄي چانڊاڻ لا۔هو جمالو
جنهن ۾ موج ڀريو مهراڻ لا۔هو جمالو
جنهن ۾ روحن جي ته رهاڻ لا۔هوجمالو

جنهن جي پرور رکندو پت لا۔هو جمالو
جنهن جي مندن جي ويندي مت لا۔هوجمالو

جنهن جا ڪنول جان ڪنوارا انگ لا۔هو جمالو
جنهن جا انڊڦلٺ جهڙا رنگ لا۔هو جمالو
جنهن جا چارڻ چورين چنگ لا۔هو جمالو

جنهن ۾ آڙيون اُڏرن پر کڻي۔هو جمالو
جنهن ۾ ڪونجون ڪرڪن ڪر کڻي۔هو جمالو

جنهن ۾ سارنگ جا سينگار لا۔هو جمالو
جنهن ۾ هيجن جي هٻڪار لا۔هو جمالو
جنهن ۾ جهانگين جي جهونگار لا۔هو جمالو

جنهن ۾ اوڏ مٽيء جاڪوڏ لا۔هو جمالو
جنهن جي لک لهي لوڏ ولا ۔هو جمالو

جنهن ۾ چارڻ چندن هار لا۔هو جمالو
جنهن تي سائين ڪيا ته سڪار لا۔هو جمالو

جنهن ۾ مکڻ ولوڙين مايون لا۔هو جمالو
جيڪي گهڙا ڀرين گج پايون لا۔هو جمالو
جن جي جيء ۾ جڙيل جايون لا۔هو جمالو

جن جي اکين ۾ ڪجل جي ڌار لا۔هو جمالو
جن جو مرڪڻ ماکيء لار لا۔هو جمالو

جن تي گهوريو درياء خان لا۔هو جمالو
جن تي سوڍا ٿيا قربان لا۔ هو جمالو
جنهن کي هوشوء بخشيو شان لا۔هو جمالو

جنهن ۾ مڪلي ساهه سيباڻي لا۔۔هو جمالو
جنهن ۾ مورن جهڙي مياڻي لا هو جمالو

جنهن ۾ لال لطيف جي لات لا۔هو جمالو
جنهن ۾ سچل سچ جي تات لا۔۔هو جمالو۔۔۔
 
Back
Top