ڪافي سڌريل ملڪن ۾ مسافرن جي انتظار گاهن تي لائبريري جي سهولت به هوندي آهي، ته جئين مسافر سواري اچڻ تائين علم جي اساٽ پوري ڪري سگهن۔ پر اسان وٽ مسافر خانن تي پيئڻ جو پاڻي به نه هوندو لائبريري ته اسان جي خوابن کان به مٿي آ۔ سڄو ڏينهن ويچارا مسافراڃ ۾ تڙپندا آهن ۽ ٻيو وري اسان وارو پاڪستاني ٽائم ، گاڏي جو ٽائم هڪ هوندو ته ايندي وري شام جو پنج بجي يا وري ايندي ئي ڪانه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 2712 اٽيچمينٽ ڏسو
اڪثر جڏهن پارئيويٽ اسپتالن ۾ وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي انتظار ڪندڙن لاء ٽي وي به لڳل هوندي آهي۔ اتي ڪجهه رسالا به ملندا آهن ۔۔۔ عجيب آهي ته اهي رسالا يا ته ڪٽر مذهبي هوندا يا وري فيشن ۽ فلمن جا ۔۔۔۔ اهڙِ جاين تي به ڪتابن جي سخت ضرورت آهي، جيتوڻيڪ اتي اها سهولت ملڻ ڪا ڏکي ناهي پر ڳالهه آهي ڪلچر جي، ريتن جي ۔۔۔۔ خاص ڪري لائبريري ۽ ڪتابن واريون ريتون ته هتي ناهن