رُٺا روههِ وڃن ڪنهن هِيڻائيءَ کان هَنجِڙا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نانءُ آهي،معتبر ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ عالمي سطح جو نقاد به هو.ڪيهر شوڪت جو سهيوڳي ملڪ آگاڻي جنهن کي ”نيروليءَ جو ڪن“ ناول تي وڏي مڃتا ملي.سنڌ جي جاگيرداري ذهنيت رکندڙ ماڻهن هن ديو قامت اديب کي سنڌ جي ” لٽل بيجنگ“ آگاڻي ڳوٺ ۾گوليون هڻي شهيد ڪيو (معصوم سنڌي)
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    ڪهاڻي
    ’’’’’’’’’’’’’’
    رُٺا روههِ وڃن ڪنهن هِيڻائيءَ کان هَنجِڙا
    ملڪ آگاڻي
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي جو ڳوٺ جي رئيس جو ڏانهس نياپو آيو هو. ائين ته بيگم بڙي لاءِ مهلو ڪمهلو نياپو ايندو ئي رهندو هو، پر جهڙو اڄوڪو نياپو تهڙو ته ڪڏهن نه آيو. ائين به نه هو ته، ڪو هن رئيس جي بيگر کان انڪار ڪيو هو يا ڪنهن ڪڙمي ڪاسبيءَ کي ڏکايو رنجايو هجي. اوچتو رئيس جو نياپو، سو به جهڙي انداز ۾ ڏنو ويو، اهڙو نه سئو نه ٻڌو. هن ان نياپي آڻيندڙ جي ڪڙڪيدار آواز، گهنجايل نرڙ ۽ جن لفظن جو استعمال ڪيو ويو هو انهن لفظن تي هُنَ بار بار سوچيو، حالانڪ ان نرڙ ۾ پيل گهنجن يا لفظن ۾ ايترو زهر نه به سمايل هو پر پوءِ به الائجي ڇو ڪنن کي اهي الفاظ ڪجهه اوپرا اوپرا لڳا هئا، ۽ هن کي ڪجهه اهڙي قسم جي بڻاس اچي رهي هئي، جهڙي ڪپڙي سڙڻ جي، جيڪا پري کان ئي ڏسائيندي آهي ۽ پوءِ خفڻ بڻاس خفڻ بڻاس جو هُل مچي ويندو آهي، نه ته هن جي ڪپڙن کي باهه لڳي هئي، ۽ نه ئي وري نياپي ڏيندڙ جي گهُنجن يا جن لفظن ۾ نياپو ڏنو ويو هو انهن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ڀڀڙُ ڀڙڪيل هو، پر اهڙي ڪا بڻاس هئي ضرور جيڪا هن جي ناسن کان نڪري دماغ ۽ دل تي اثرانداز ٿي هئي. خطري جي اهڙي ڪا گهنٽي وڳي ضرور هئي، جنهن جو کيس احساس ٿيو هو. هونئن ته هي نڪو چور هو ۽ نه ئي لچ لوفر يا بدمعاش. هي ته بس هڪ هنرمند، ڪاريگر ۽ فنڪار هو، سو به شهر جو نه، جنهن جي هنر جي عزت ڪئي ويندي آهي. جنهن کي عزت، مانُ وٺڻ، نوان نوان قدردان پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع گرئونڊ مهيا هوندو آهي. جنهن جي هنر جو پورو پورو نه، تڏهن به ڪافي ڪجهه معاوضو ڏنو ويندو آهي. هي ته بس هنرمند هو ۽ سو به ڳوٺاڻو هنرمند، جنهن جا وسيلا محدود، جنهن جا ذريعا محدود. ڳوٺ، جيڪو هر رئيس (وڏيري، سرائي، مير، پير) جي جاگير ۽ ان جاگير ۾ هر ماڻهو، جانور توڙي وڻ ٽڻ سندس جاگير.
    هو جوان هو، ٻلوان هو، جنهن کي تکي تَبر ڪهاڙي کان ڏسندي ڏسندي وڏا ٿلها ڳردار درخت ڪپجي ڪٽجي ڦهه اچي زمين تي پيا، پر سندس سوچ مطابق کانئس ويجهڙائيءَ ۾، ويجهڙائيءَ ۾ ڇا، هن ته پنهنجي سانڀر کان وٺي اڄ تائين ڪنهن کي به ڪو ڏک نه ڏنو هو. هو ته اهڙي درخت مثل هو، جنهن جي ڇانوَ ۾ جيڪو به آيو، تنهن سُک پرايو، جيڪو آيو تنهن سُرور پرايو، اهڙو ڪوبه نه آيو جنهن ڪجهه نه پِرايو. سڄي ڏينهن جي پورهئي ڪندي، رندو، رنبو، ڪهاڙو، واهولو وهائيندي هن جيڪا عزت، مان مرتبو پرايو، سو نه رڳو سندس محنتن جي ڪري پر ان عزت حاصل ڪرڻ پٺيان ته پوري هڪ ڪٽنب، ڪٽنب ڇا، پوري خاندان جي ورهن جي تاريخ هئي. پوري خاندان جون قربانيون ۽ ڪاوشون هيون. پنهنجي ڪاريگريءَ واري دُڪان ۾، اڄ جتي، جنهن منجليءَ تي کيس ڪِرِت ڪندي ڏٺو ويو هو، تنهن منجليءَ تي کانئس اڳ نه ڄاڻ ڪيترن هنرمندن پنهنجي ڌنڌي، محنت مزدوري ۽ ڪاريگريءَ جا جوهر ڏيکاريندي جان ڏني، پر اهو دڪان اها منجلي، ساڳيءَ طرح ئي قائم دائم رهيا، سواءِ ڪن معمولي تبديلين جي، سي به ظاهر آهي هر پراڻي جي وڃڻ پنهنجي مسند کي خالي ڪرڻ سان پيدا ٿينديون آهن ۽ ضرور ٿينديون آهن، ائين ئي جيئن اوستي جلال جي وڃڻ کان پوءِ، سو به ڪجهه زبانن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ ذڪر مثلاً ڪنهن چيو ”اوستا، تون به تون آهين، پر مرهيات اوستو جلال ڪونُ سڏائي. واهه ڙي مڙس تنهنجو عقل، قرآن سنئو، جيترا ٻٻر آڻي ڏيونس، هڻ جو گاڏيءَ ۾ سرائي الا الا... ڀڄندي ڀڄي وڃي پر مجال آ جو ڪٿان چِڪي هوءِ هوءِ...
    ٻيو چوندو، ”اڙي يار ڪهڙيون ٿو ڪرين مڙس جون ڳالهيون، اسان به ٻال جتيءَ کان سڃاڻونس. ڪڏهن نه مڙس جي اکين ۾ ڪو مير ڏٺوسي. ڪڏه نه ڪنهن سان ڪو ڏند اگهاڙي ڳالهايائين. مڙس جون ڳالهيون وسِرن ئي نٿيون. گاڏيءَ ۾ جو ڳن ڀڄي پوندو هَڻ جو نَپُ ڌڻيءَ ۾ پَتِ ڪيو الا الا... اهي ڏينهن هي ڏينهن نَجو ڪاٿان ڦوٽِ ڏنائين.“
    ٽيون چوندو، ”بس ڙي يار، مرهيات ويو پنهنجو وارو وڄائي، شل جنت نصيب ٿيندس. مشڪل ڪشا مشڪل آسان ڪندس. ٻيلي هلڻو ته سڀ کي آ، پر ايترو ضرور چئبو اوستو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو ۽ پٺيان سندس ڪم به لائق هٿن ۾ آهي.“
    ۽ چوٿون چوندو ”يار ساڻ ايمان جي اسان ته اوستي مجيد کي به اوستي وڏي جي سِري ڪري ڀائيندا آهيون. الله ڏينهن ڏئيس ڪن ڳالهين ۾ ته اوستي وڏي کان به ٻه قدم اڳتي آهي.“
    ائين ئي هڪ جاءِ تي ٻيو، پراڻي جاءِ تي نئون. هُونئه به مُئي کي ڪير ڪيستائين ياد رکندو ”چار ڏينهن چاهه جا، پوءِ ڪَنا گهُم واهه جا“ آخر ۾ سندس نالو صرف حوالي طور بيانن ۾“ داستانن ۾ قصن ۾ ڪهاڻين ۾!! ائين انسان جون انسان کان پنهنجي مُحسن مرعب کان وفاداريون تبديل ٿينديون رهيون/ رهن ٿيون.
    ۽ وڃڻ وارو، مري وڃڻ وارو، موت جي ڪُن ۾ ٻڏڻ وارو به ڪهڙو نه ڳهيلو چئبو، ٻڏندي ٻڏندي به ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ آتو. فنا في الله ٿيندي ٿيندي به پوئين جي ڳڻتي، ٻچي ٻار جي زمين تي زندهه رهڻ وارن جي ڳڻتي!! هن جي سمجهه مطابق ائين ئي سندس بچاءُ ٿي سگهي ٿو. ائين ئي رهندي دنيا تائين سندس نانءُ زندهه ۽ تابنده رهي سگهي ٿو.
    ۽ جڏهن سندس محسن استاد جلال هيءَ دنيا تياڳي رهيو هو، هن دنيا کي الوداع چئي رهيو هو، تڏهن به سندس اها ئي ڪوشش رهي هئي ته هو، مجيد کي پنهنجن اصولن تي هلڻ جي ترڪيب ڏئي. پنهنجي مَسند تي ويهارڻ جي ترڪيب ڏي، جيئن ڪنهن زماني ۾ سندس پيءُ مرندي مرندي کيس پنهنجي پيڙهي تي ويهاريو هو ۽ پنهنجي پيءُ کي زندهه رکڻ لاءِ مٿس ساڳيو نالو رکيو هو ۽ مرڻ واري کي جيڪا آخري رعايت ملڪ الموت طرفان ملندي آهي سا اها ئي ته بس پوئين کي هڪ وصيت ڪري. مرڻ وقت جلال چيو هو، ”ٻچا، تنهنجو استاد هڪ ڪنگال ماڻهو آهي، تولاءِ ڪا ٽيڊي پائي به نٿو ڇڏيو وڃي.“ منهنجي سڄي حياتيءَ جي پونجي هي اوزارن جي پيتي ئي اٿئي، جيڪا مانکي پاڻ وڏڙن کان ورثي ۾ ملي، جيئن انهن کي. اها ئي هينئر تنهنجي حوالي ڪيو وڃان ٿو. انهيءَ کي ساهه سان سانڍجانءِ. پنهنجي ابي ڏاڏي واري ڪرت کي نه ڇڏجانءِ، متان ڪوڙهيو ٿي مرين. منهنجي نالي کي روشن رکجانءِ. تنهنجي پيٽ ۾ هنر آهي، تون ڪٿي به ڪڏهن به بک مري نٿو سگهين. هر ڏکي وقت ۾ استاد کي ساريندين ته انشاءَ الله ڪامياب رهندين. آخر ۾ هن مڙهيءَ جي پارت هجئي جنهن توکي پيٽ ڄاون کان وڌ گهريو، پٽن کان وڌ پاليو.“ هن پراڻي کٽ تي پراڻي وڇايل رليءَ تي مرڻينگ حالت ۾ ئي ستي نهايت وڏا ۽ تڪڙا ساهه کڻندي چيو هو. تنهن کان پوءِ جو سندس زبان لڳي هئي ته مٿان اٺ پهر اچي پورا ٿيا هئا. هينئر ته رڳو سندس ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. اکيون ٻوٽيل، ڏرا ڏنل، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويل ۽ باقي؟ باقي جسم خاموش بت جهڙي ٺريل برف جي نادي، ڪا چر پر ڪا حرات ڪانه. سندس بگڙيل حالت ڏسي مجيد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. هن بي وسيءَ مان هيٺئين چپ ۾ چڪ هڻي ڇڏيو هو. پر ويچاريءَ پوڙهيءَ گهٻرائجي رئي جي پلاند کي ڦهلائيندي هينئن ڦاٽيون دانهون ڪيون هيون.
    ”پهچ پير دستگير، مهابي پنجتنن جي، مهابي، مَدنيءَ جي، مان ٻڍڙيءَ جو ٻيڙو تارِ. هن مڙهي کي هَڙس جو ڏيندين.“ ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر کي آخري سهارو سمجهي نڪري ويو هو. ”مئي ڏاڪدر به الائي ڇو دير ڪئي؟ ابا وڃينس ته اڳڀرو.“
    تڏهن مجيد اکين ۾ آيل ڳوڙها اگهندي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو. پٺيان ڪنهن پاڙيسرڻ کي ٻاجهه پئي هئي، همدردي جتائڻ خاطر اندر ايندي پڇيو هئائين.
    ”ادي ڪيئن آهي؟ اٿس ڪا فرحت، پيو ٿس ڪو فرق؟“
    ”دعا ڪر ڀيڻ- باقي ته...“ هن ملا کان ياسين سڳوريءَ جي شوڪاريل پاڻيءَ جا چمچڙي سان ڦڙا وجهندي چيو هو. پوءِ جڏهن پاڙيسرڻ اڃا به قريب آئي هئي، تڏهن مريض جي بگڙيل حالت ڏسي نرڙ تي هٿ رکي تپاسيو هئائين.
    ”ڪڏهن کان ههڙي هيڻائي!؟- ڇو، ساهه کي ايڏي سَٽَ!!“ کن جي تپاس کان پوءِ.
    ”ڪجهه ڳالهايو ٻولهايو؟“
    ”نه، ڙي ڀيڻ مڙسالوءَ کي اٺن پهرن کان غَشُ- ڏسين ٿي، بخار اصلي ڪَههَ ئي نٿو ڏي.“ هن ڳوڙها اگهندي چيو هو.
    پاڙيسرڻ پوءِ جڏهن پيرانديءَ کان ڦري آئي هئي، تڏهن پيرن تان لَٽو لاهي پيرن جي تَرين تي هٿ رکيا هئائين، ان وقت اڻ ڄاتي خوف کان نڪري ويو هوس.
    ”مائي پير ڇو برف لڳا پيا آهن؟“
    ڀلا رت جا رشتا ايترا سولا ڇڄڻا ڪٿان جا. هن تيزيءَ ۾ پيرانديءَ ڏانهن ڦرندي چيو هو.
    ”ڀيڻ خيرين صلين وائي ته سڻائي ڪڍ.“ حالانڪ هوءَ پاڻ به هارائي ويئي هئي، پر زبان سان، قبوليت.
    ”هيڏي ڏس، هيڏي ڏس، باقي اڇو مٿو ڇا تي آندو ٿي.“ پاڙيسرڻ وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ سندس هٿ وٺي برف جهڙن ٺري ڳڱ ٿي ويل پيرن تي رکيا هئا. جنهن کان هن جي پوڙهي گهنجيل چهري تي پريشانيءَ جا وڌيڪ گهنج نروار ٿيا هئا. تنهن بعد ڏسندي ئي ڏسندي مريض تي هڪ زبردست دؤرو ڇائنجي ويو هو. هو سڄو وٽجي سٽجي ٻيڻو ٿي ويو هو. هن جي بي سُرِتن عضون ۾ اوچتو تيز جنبش اچي وئي هئي. هن جون ڄنگهون ٻانهون ملي هڪ ٿي ويون هيون. بدن ۾ تيز ڏڪڻي، ڪنبڻي، اکيون تيز ڇنڀجي، ڏند سخت ڀڪوڙجي ويا هئا. ڏندن جي تيز ڀڪوڙجڻ سبب زبان جو ڏندن هيٺان اچي ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ، رت جاگرڙا واڇن کان وهڻ. ان وقت پوڙهيءَ ۽ پاڙيسرڻ پوري طاقت سان مريض کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر نه جو سنڀلڻو هو سو نه سنڀليو. ڳچ کان پوءِ هارٽ کي بجليءَ وارو جهٽڪو ۽ جهٽڪن مٿان جهٽڪا لڳا هئا. پاڙيسرڻ موڪلائي ويندي ويندي چيو هو.
    ”ڏاڪدر سو اچي ساهه وجهندس. جڏهن ڳالهه اچي نِنِدِ تي پهتي آ، تڏهن هلي آ هيلا هلائڻ.“
    پوڙهي پڻ ڊاڪٽر جي انتظاريءَ ۾ ٻاهرين در تي ليئو پائي جڏهن واپس مريض مٿان آئي هئي، تڏهن ڪاريءَ وارا ڪک هئا نه ساهه نه پساهه بس هڪ مڙدو کٽ مٿان پيل هو. هن جڏهن ان مڙدي جي هڪ جاءِ کُپي ويل اکين جي، سُسِيل ماڻڪين ۾ نهاريو هو تڏهن کانئس هڪ عرش ڏاريندڙ دانهن نڪري وئي هئي.
    ”اڙي موٽ منهنجا ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ وارا ووءِ...“
    ۽ وڃڻ وارا وري ڪٿي موٽندا آهن. وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن، ڇڏي ويندا آهن، صرف پٺيان پنهنجون يادون. اهي يادون جن کي ساري، ڇانئجڻ لڳندي آهي سارڻ واري تي نه ڄاڻ ڇو هڪ اداسي واري ڪيفيت.
    ان اُداسيءَ واري ڪيفيت ۾ پوڙهيءَ مهلو ڪُمهلو پار ڪڍيا هئا ۽ مجيد خاموش ئي خاموش سڄي رات ڳوڙها ڳاڙهيا هئا ۽ انهن ڳوڙهن ڳاڙيندي ڳاڙيندي هن جو اندر اجرو ۽ دماغ اهڙو کُلي پيو هو، جنهن کان ماضيءَ جي ڪابه چرپر لڪل ڪانه رهي سگهي هئي. اهو ماضي جنهن ۾ مائٽ ڇڏي، ديس ڇڏي، خبر ناهي ڪهڙي طرح اچي پرديس ۾ پالنا ورتي هئائين. اوستي جلال جي شاگرديءَ ۾ رهندي بچپن کان جوانيءَ ۾ پير پاتو هئائين. ان ايڏي وڏيءَ مسافريءَ کي طئه ڪندي هن جيڪي سٺو هو، ان جون خوشگوار ناخوشگوار يادون اڄ سوڌو سندس چت تي چٽيون هيون ۽ انهن يادن کي ساريندي وري وري سندس اکيون ڀڄنديون رهيون هيون.
    هن جڏهن پهريون ڀيرو جلال جي دڪان ۾ قدم ڌريو هو، تڏهن سندس عمر اهڙي ڪا خاص به ڪانه هئي. ممڪن آ اسان جي اندازي کان مٿي هجي، پر سمجهه بنهه گهٽ هئي. بيشڪ اهو زمانو اهڙو هو جنهن ۾ مُڇن جي ساول تائين ته اها به خبر ڪانه ته ڪڪڙ ڪٿان مُٽَندي آهي ۽ اڄ، اڄ هر ڪو ڄمندي ڄام آهي.
    هن جي ٻالپڻ کان جوانيءَ ۾ پير پائڻ سان جلال وري جوانيءَ کان پيريءَ ۾ پير مٽايو هو. ائين ئي چڻ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ترتيب ڏنل دستور مطابق ٿيو هجي. ها بيشڪ هن کي جلال جي جوانيءَ واري جوش، صبر ۽ سڪون کان وڌيڪ پوڙهائپ جي بخيلائپ وڌيڪ ياد رهي، جنهن بخيلائپ سندس جيتري کَل اُڊيڙي اوترو ئي محبتن ۽ مُرڪن جا ٽمٽار ماڻ مليس. هن جي جسم تي اڄ سوڌو اهڙا ڪيترائي نشان موجود هئا، جيڪي يا ته ڪنهن اوزار جي وڍڻ چيرڻ يا ڪنهن ڪاٺيءَ جي ٿِڙِڪڻ يا وري چڙ ۾ آيل استاد پاران اڇلايل اوزارن جا ٿيا هئا. بهرحال ايترو گهڻو مليو هوس، جيڪو سندس وسارڻ کان بنهه ٻاهر هو.
    ڪنهن گراهڪ چيو هو:
    ”ڪاڪا جلال، مجيد کي به جَسُ آ، توسان ٻيلي ڏاڍا ڳن ونجهه ڏنا اٿائين.“
    ”ميان، جي مجيد کي جس آ ته اوستي جلال به ڪو لائو ڪونه گهريو اٿس. اصلي پيٽ ڄڻين کان وڌيڪ.“ ٻئي چيو هو. تڏهن رندي کي روڪيندي جلال چيو هو.
    ”ابا، ساڻ ايمان جي مان ته کيس پنهنجو ٻچو ڪري ڀائيندو آهيان. الله جي پنهنجو نه ڏنو ته ڇا ٿيو، شاگرد به ته ٻچا ئي ٿيندا آهن.“
    ”ها، سچ به استاد ۽ شاگرد ڇا ورهايو پر ڪاڪا جلال ڪڏهن ڪڏهن تون مڙئي طبع کان نڪري ويندو آهين، پوءِ اچي ويندا آهن ويچاري مجيد تي موچڙا.“
    ”ميان، جي چڱائيءَ پاران ٻه لفظ چيائينس ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي، آخر ته پيءُ جي آچار اٿس.“
    ”پر ادا جي سکندو نيٺ ته پاڻ کي ڪم ايندس. مانکي ڪو قبر تي کڻي ڏيندو. جي چڱو ٿيندو ته جڳ نيڪي ڪندس پر جي... اڄ ڏسون ٿا هر ڪنهن کي ڪم گهرجي نه ڪي چَمُ.“ جلال چلم مان آخري ڦوڪ هڻڻدي ٻيهر رندو وهائيندي چيو هو. ”توهان ڏسڻ وارا آهيو، مان به ڪو گُٿو لفظ ته ڪونه چيو هوندومانس، باقي چڱائي لڱائي...“
    ”ڪاڪا اٿس ڪو سنڀال سڙيءَ وارو؟“
    ”يَر رب کي خبر، مان ته وڏا وس ڪيامانس. وري به پڇوس پاڻ کان.“
    ”يار، سچ پڇو ته پنهنجي سر کي ته اڄ به سُڌ ڪانهي. اهو استاد واتان سو ٻڌندو پيو اچان ته ’تون اسان جو سڳو پٽ ناهين‘ هن ڪوڏر جي ڳن کي واهولي سان ڇليندي چيو هو.
    ”پر ادا، مٺو ته مان به ڪونه گهريو اٿمانس، سڄو گهر ملڪ اسان ڇڙا سِرَ. اک ٻوٽي کان پوءِ سڄي مڏي سندس، اسان جو وري ڪهڙو ٻيو ويٺو آهي ڌڻي سائين.“
    پوءِ جڏهن ڪوڏر جو ڳن گهڙيندي سندس هٿ تيز جنبش اچڻ سبب ۽ خيال ٻئي پاسي ٿي وڃڻ سبب ڌڪ لڳڻ سان ڳن ٻه ٽڪر ٿي پيو هو، تڏهن جلال کي سخت بُڇان وٺي وئي هئي. وهائي ڪڍيو هئائينس هٿ ۾ جهليل رندو نرڙ ۾. ”ڀيڻهان حرام خور... وڌي وڌي وڻ ٿئين، عقل جو ذرو ڪونه... ويهڻ جو ڀير ته ڏسيس، ٻيو ڪو چوندو اصلي اهڙو ڪو لاثاني ڪاريگر آهي، هاڻي هيڏي ٿيءُ ته يڪو سيڪاٽي نه رکانءِ بُت“ تنهن بعد پٽڪي جو پڳ ڇوڙي سندس نرڙ مان وهندڙ رت اگهي ڦٽ کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين، ”ڪيترو ٿو چوانءِ سُڌُر سُڌُر، پر... سٺو ٿي جوڳُ هجي وري ته...“ رت اگهندي، ڦٽ بند ڪندي ڪندي پاڻ کي به رت ۾ شهمير ڪري رکيو هئائين. گهڻو گهڻو پوءِ ڪنهن چيو هو.
    ”اڙي ميان، سٺو ته مڙهي کي ڇڏي وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪر، نه ته هڪ نه هڪ ڏينهن نيندءِ سر، ڪندءِ اسپتال داخل، پوءِ هُن جيان آئي سوڌ لاءِ ڪُٽائي وئي...“
    ”يار، گهوريو سر استاد تان، هن جا هزار احسان، هن جا لک لائق، نه ته اڄ جيڪر... هونئه به استاد جي مار سنوار آ. پوءِ ڇو نه کڻي... استاد سان ڪي سينا ساهبا آهن ڇا.“
    نه هن ئي استاد سان سينا ساهيا ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن سينا ساهيا، ڇو ته سندس استاد ۾ اهڙي سگهه هئي، جنهن سان سينو ساهڻ ڪو اهڙو آسان نه هو. اڄ جنهن رئيس جي خسيس نياپي تي کپندو رهيو هو، اهڙن رئيسن کي ته هُن کنگهيو به ڪونه هو. ها، بيشڪ هر نئين ڏينهن نيون بيگرون اُڙهو پر حڪم هلائڻ واري آڏو اهڙو اڻٽر، اهڙو اڏول، جو کيس لوڙائڻ جهڙي تهڙي جي وس کان ٻاهر. ڪنهن ڏينهن جي ساڳي رئيس جو ماڻهو آيو ته اهڙيون سَت سُريون ٻڌڻيون پيس جهڙيون... ”اوستي جلال کي سلام.“
    ”ماليڪم...“ هن هيٺ ئي جهليل ڪنڌ سان ڪارائي وهائيندي چيو هو، ۽ پوءِ جڏهن ڪنڌ مٿي ڪيو هئائين، تڏهن ڪنهن کي پنهنجي سامهون ويٺل ڏسي ڇڙي پيو هو ”ڪيترو جهليندو آهيانؤ... ويهڻ جي جاءِ به اچي اها لڌي ٿي. اُٿ ڀڄ پري. اوزارن جو ڪم آ، ڪو اولو سولو پوءِ...“
    ”اوستا، مان گانءِ کاڌي. مان کان ته اهو وسري ويو. ڀلا ٻڌ ته سهي، رئيس توڏي موڪليو آهي، پوءِ...“ هن ڏندي ٽيڙيندي چيو هو.
    ”موڪليو ٿائين ته مٿي تي کڻانءِ ڇا... رئيس، رئيس. رئيسن ۾ به اچي برڪت پئي آ. جيڪو ٿو گهر کان رُسي سو سڀ اسان لاءِ رئيس... ڀيڻهان صبح مردان سان هُجنؤ رڳو ٽپالان پهچائڻيون... وري ڪهڙي رئيس جي کاڻ کٽي آهي؟“
    ”اڙي اوستا وڙهين ڇو ٿو، اڄ ڪا صبح سح سَوائڙي ته ڪانه پيتي ٿي. ميان ٻيو ته سک آ...“ هن هروڀرو به حجائتو ٿيندي چيو هو.
    ”مان ٿو چوان اها ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگهه ڇڏ، ڳالهه ڪر مطلب جي.“ هن بيزاريءَ مان چيو هو. نياپي آڻيندڙ مڙئي تُرش ٿيندي بغير ڪنهن تمهيد ٻڌڻ جي چيو هو ”رئيس جو نياپو ٿي ته صبحاڻي گورا گل آ، سو پٽيون جَڙي ڏئي وڃ.“
    ”صبح مردان سان بيگر... رئيس ته ڄڻ ان جون ڳوڻيون پهچائيندو هجي. حڪم ته ڏس... اسان غريب پورهيو ڪري پيٽ پاليون. اهو ٻارهين مهيني ٿو گڏو لاپو ملي... سَپَ ٿورو ئي آهيون جو مٽي کائي پيٽ...“
    ”اوستا، وڙهين ڇو، ڄڻ منهنجي ٿو بيگر وهين. رئيس کي ته اهڙا کتا جباب...“
    ”اڙي ها، ها، هاڻي ڇڏ ڊيگهه. چئو وڃي ان پنهنجي بابي کي. جيڪي نه پَلَ ڀري ڏيندو آ، سي سوگها ڪري. آهن رڳو رئيسن جون بيگرون وهڻيون، ڪن ٻيو به...“
    ۽ پوءِ جڏهن ڀوتار جو ماڻهو دڪان جي ٻاهرين در تائين هليو ويو هو، تڏهن پٺيان اوستي واڪو ڪيو هو.
    ”وري ڪاڏي؟ سِيٽَ اها ڪر جيڪا ٺهئي جُڙئي. چويس ٿوري جهٽ ۾ اچي ٿو.“ پوءِ پريان گاڏيءَ ۾ ڇيڪُون وجهندڙ مجيد کي چيو هئائين، ”ڇڏ ابا، وڃ، وڃ ته اجايو... اسان غريب ڀلا ڀڄي سگهنداسي. ڇڏيس ڇڏيس مان پاڻهي...“
    ۽ اهڙيءَ ئي ڪاوڙ جي وقت جيڪو آيو سو ڏنڀجي ويو، جيڪو آيو سو کاڄي ويو.
    ڪنهن چيو ”اوستا، هن پنجاريءَ ۾ ڏوڻا ته وجهي ڏي. صبحاڻي...“ ”تون ته ڀلي گهوڙي تي چڙهيو آيو آهين. ڏسين نٿو ته مان واندو ناهيان“ هن چڙي بخيلائپ مان چيو هو، تڏهن ڪڙميءَ کيس ٻانهون ٻڌندي عرض ڪيو هو.
    ”اوستا، ڏس پنهنجي ڌڻيءَ ڏي، مان هي هٿ ٿو جوڙيان، صبحاڻي ڪاڄ سان وڃڻو آ، ڇو ٿو چئن سنگتين ۾ لڄي ڪرين.“
    اڙي يار، اوستي کي پنهنجي ته چنتا پوري ڪرڻ ڏي. واندو ٿيندو ته... اسان جيڪي اڳ ۾ آيا آهيون، سي ويٺا آهيون. باقي... اوستا هن هَر کي اوڳ هڻڻي ٿي هر اڌ ۾ پيڙيو پيو آهي.“ هن اوستي جي خوشامد ڪندي پنهنجي ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ”تون وري هن کان به اڳيون هَر وهي آئين. آهي رڳو تو مهانڊي جو هَر، باقي... ايڏهن پري ڪري اڇلينس ته يڪي اوڳ نه...“ کيس ڇڙٻيندي چيو هئائين، تڏهن هاريءَ چرچن ۾ پنهنجي بي عزتيءَ جي داغ کي مِٽائڻ چاهيو هو.
    ”اوستا، ٻيو ته سُک آ، صبح مردان سان ڏنگين ٿو ڏنگين. اڄ ڪنهن اڪيلي وڻ هيٺان ته نه لنگهيو آهين. ڪن ماسي ڦاپل هنيون ٿي رات لتان هَهه هَهه هَهه.“
    ”واهه يار واهه. اوستي جو مرض به تو ڳولي هٿ ڪيو- ڪاڪا جلال هاڻي ڇڏ کڻي حرص کي، پوڙهو اچي ٿيو آهين، ڪجهه ته پٺتي لاءِ به...“
    ”ميان جيئن ماڻهو پوڙهو تيئن باهه گهڻي. ٻڌو نٿي سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.“ ائين ئي هو ٽهڪڙن ۾ پئجي ويا هئا ۽ جلال جي منهن تان آهستي آهتي ٽامڻي اُڏامڻ لڳي هئي.
    ”اچو اچو جلال کي ڪپي ڪيو ست ٽڪر. باقي مان ته اچي ڦاٿو آهيان. جيڪر ته هن ڳوٺ مان اَعِلى ڪري ڀڄي وڃجي. تعدي ته جاتي ڪاٿي آهي، پر هن ڳوٺ سان به ڪو فضل الاهي آهي. اصلي ويهڻ کان ويو آ.“
    ”اوستا، خير گهر، لڏن تنهنجا دشمن. تون ڇو... واڍا، رازا، لوهار، ڪنڀار ته ٿين راڄ جو ناموس... تون ڇو...“

    هڪڙي کيس پرچائيندي سک ورتو، ٻين کيس مڇرائيندي، چيڙائيندي مزو ورتو. عام طرح ٻڌو ويندو آهي ته ”ڙي اولاد کي ٻين جي ٻارڙن کان الائي ڇو نفرت هوندي آهي، پر هت ته معاملو ئي ابتڙ هو. هن کي جيترا ٻارڙا پيارا اوترا ئي بيزار ڪندڙ. اهو ڏينهن هن لاءِ ننڍڙو چئبو، جنهن ڏينهن ٻارڙن جو ڪو وَلر ٿي کيس چيڙائڻ، خفي ڪرڻ نه آيو هجي ۽ مجيد سميت ٻين ويٺلن جا کلي کلي پيٽن ۾ هٿ نه پيا هجن. مزو ته تڏهن ٿيندو، جڏهن ٻارڙا سودو وٺي موٽندا ۽ ان سودي سلف ۾ ڪو هڪ اڌ واڱڻ به شامل هوندو هو يا ڪٿان واڙيءَ مان هٿ چڙهيو هجين، پوءِ ته سندن لاءِ ٻٽيهو سون. پوءِ ٻارڙا جَٿو ڪري واڱڻ هٿن ۾ نچائيندو ڏانهن وڌندي هڪ ٻئي کي ڌڪا ٿيلها ڏيندا. سندن مُک تي مرڪ کيڏندي رهندي. پوءِ پريان ئي واڱڻ ڏيکاريند
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    تمام بهترين ڪاوش۔ڪهاڻي به شاندار۔
    پر ملڪ جو اهو ناول مون پڙهيو ناهي۔ٻُڌو ضرور آهي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    تمام بهترين ڪاوش۔ڪهاڻي به شاندار۔
    پر ملڪ جو اهو ناول مون پڙهيو ناهي۔ٻُڌو ضرور آهي۔۔
     
  4. حبيب الله سميجو

    حبيب الله سميجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 نومبر 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    اسلام ڪوت تهرپارڪر
  5. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ناول ته ناهي پر ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهانيڪار پنهنجي سموري سگهه سان جيڪي ڪجهه اپٽارڻ جي ڪڪوشش ڪئي آ، سا ڏاڍي زيبائتي لڳي ٿي.
    ملڪ آگاڻي، هڪ وڏو نالو، ڪهاڻي توڙي تنقيد ۾، “نيرولي جو ڪن” هن جو شاهڪار ناول آهي، مون به اهو ناول ڪاليج پيرڊ م پڙهيو هو، ان دور ۾، جڏهن سنڌ جي شعور تي اڌرنگ جو حملو نه ٿيو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو