کيوڙه : منفرد خاصيتن سان دنيا جي وڏي لوڻ جي کاڻ اظهار مٺل جسڪاڻي اڄ جو انسان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هن وٽ فطرتي ۽ قدرتي حسن ڏسڻ جو به وقت نه آهي. هن خوبصورت منظرن ۽ قدرتي شاهڪارن مان لطف وٺڻ هي ڇڏي ڏنو آهي. ڌرتي جي هر هڪ شيء ۾ سونهن سمايل آهي، قدم قدم تي رنگ ئي رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ مقام لوڻ جي حوالي سان وڏي شهرت رکي ٿو. ضلعي جهلم جي تحصيل پنڊ دادن خان ۾ دنيا جي قديم ترين لوڻ جي کاڻ موجود آهي. پنڊ دادن خان اهو ئي علائقو آهي جتي معروف سائنسدان محمد ريحان ابو البيروني زمين جو محيط (وچ) ماپيو هو. هن سالٽ رينج جي ڊيگھ (لمبائي) 300 ڪلوميٽر، ويڪر (چوڙائي) 10 کان 30 ڪلوميٽر ۽ جڏهن ته انهن پهاڙن جي اونچائي 2،200 فُٽ آهي. پهاڙي سلسلو ضلعي جهلم، باغان والي کان وٺي ضلعي ميان والي کان ٿيندو سرحد جي علائقي ڪڙڪ تائين پڄي ٿو. هن علائقي ۾ لوڻ جي دريافت تمام دلچسپ طريقي سان ٿي. جڏهن سڪندرِاعظم (Alexander The Great) دنيا فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته، هِن علائقي جي بادشاھ راجه پورس سان هن جي جنگ ٿي. سڪندرِاعظم جي فوج جهلم جي ڪناري، جلال پور شريف جي ويجهو ترسي ۽ جنهن گهوڙن تي هو سوار هئا، انهن کي به اُتي ٻڌي ڇڏيائون. ٿوري ئي دير کانپوءِ گهوڙن پٿر چٽڻ شروع ڪيا، سپاهي اهو سڀ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ سڪندراعظم جي خدمت ۾ سڄو قصو بيان ڪيو، خبر پئي ته پٿر لوڻ جو هو، جنهن کي چٽڻ کانپوءِ گهوڙا تازا توانا ٿي ويا. اهڙي طرح لوڻ جي دريافت کيوڙه ۾ ٿي. ٻي داستان جيڪا کيوڙه جي باري ۾ مشهور آهي ته جڏهن سڪندراعظم کي لوڻ جو پٿر ڏيکاريو ويو ته هن وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. کيوڙه سڪندراعظم جي فوج ۾ هڪ يوناني سپاهي هو، جنهن پهريون دفعو هن علائقي ۾ کاڻ سازي (مائيننگ) ڪئي ۽ ان جي نالي تي هن علائقي ۽ کاڻ جو نالو مشهور آهي. ان وقت لوڻ ڪڍڻ جو ڪو به باقاعده طريقو موجود نه هو، ڇاڪاڻ ته تڏهن کاڻ سازي جو عمل ايترو وسيع ڪونه هو، جتي لوڻ نظر ايندو هو اهو ٽڪرو ڪٽي وٺندا هئا. ان کانپوءِ هي کاڻ مقامي راجه خريد ڪئي. مغل بادشاه اڪبر جي دور ۾ به هٿوڙن ۽ ٻين اوزارن ذريعي لوڻ ڪڍيو ويندو هو. مغل بادشاه جڏهن پنجاب ۾ وڏي طاقت بڻجي اُڀريا ته انهن هن کاڻ جو ڪنٽرول مقامي راجا ۽ سردارن جي حوالي ڪيو. کاڻ تي راجه، مها راجه جو ڪنٽرول ان وقت تائين رهيو جيستائين سِک پنجاب تي غالب نه آيا. 1849 ۾ برطانيه هن علائقي تي قبضو ڪيو ته هن جي مالڪي انهن شروع ڪري ڇڏي ۽ پهريون دفعو هتي ڪمپريسر ڊرلر استعمال ڪيو ويو. کاڻ ۾ ڪم ڪرڻ وارن مقامي ماڻهن سان غلامي وارو رويو رکيو ويندو هو ۽ انهن کي برطانيه سامراج جي خلاف نفرت وڌڻ لڳي ۽ مزاحمت تي مجبور ٿي پيا. مائينرز ۽ مزدورن کي روزانه کاڻ ۾ داخل ڪري گيٽ بند ڪيو ويندو هو جنهن جي ڪري سڀني ملي ڪري احتجاجي طور تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي احتجاج کي ناڪام ڪرڻ لاءِ چيف انجنيئر مائين ڊاڪٽر ورٿ دهلي مان فوج طلب ڪري ڪيترن ئي مزدورن کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي. ان دور ۾ لوڻ ڪڍندي ڪڍندي کاڻ جي ڇهين منزل ٺهي چڪي هئي، مزور هڪ منزل کان بي منزل وڃڻ لاءِ لوڻ جا ٽوڪرا مٿي تي کڻي سفر ڪندا هئا، جيڪو تمام مشڪل ڪم هو. ڊاڪٽر ورٿ، جيڪو انتهائي سمجهدار شخص ۽ پيشي جي لحاظ کان انجنيئر هو، کاڻ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ۽ گهڻي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ريل کي باقائده طور استعمال ۾ آندو ويو. ڊاڪٽر ورٿ لوڻ حاصل ڪرڻ لاءِ “روم ايند پلر” جو طريقو استعمال ڪيو جيڪو اڄ تائين رائج آهي، هن طريقي تحت 50 سيڪڙو لوڻ مائين ڪيو ويندو هو ۽ 50 سيڪڙو سپورٽ لاءِ ڇڏيو ويندو هو. ان وقت ٻاڦ (اسٽيم) انجڻ تي ريل به هلائي وئي ۽ کاڻ اندر سرنگهون (tunnels) به ٺاهيا ويا ته جيئن لوڻ ڍوئڻ ۾ ڪنهن مشڪل کي منهن نه ڏيٽو پوي. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ان جو مڪمل ڪنٽرول پاڪستاني گورنمنٽ وٽ آيو ۽ بعد ۾ اسٽيم انجڻ بدران بجلي تي هلندڙ (اليڪٽرڪ) انجڻ متعارف ڪرائي استعمال ۾ آندو ويو. 1999ع کان جڏهن بجلي جون قيمتون آسمان کي ڇُهڻ لڳيون ته پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PMDC) ٽريڪٽر ٽرالي جو نظام آندو. پهرين کان لوڻ جون قيمتون به ڪافي وڌي چڪيون هيون ته لوڻ ڪڍڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو. 2002ع کانپوءِ پي ايم ڊي سي کاڻ کي سياحن لاءِ به کولي ڇڏيو ته جيئن ماڻهو قدرت جي هن عجوبي مان لطف اندوز ٿين، ۽ اڄ هي کاڻ بهترين پِڪنڪ پوائنٽ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. 800 لک (ملين) پراڻي هن کاڻ جي ايراضي 110 چورس ڪلوميٽر آهي. لوڻ ڪڍڻ لاءِ بلاسٽنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ ايڪسپلوزو، گن پائوڊر ۽ ڊائنا مائيٽ ڪنٽرول بلاسٽنگ ڪئي وڃي ٿي جيڪو انتهائي خطرناڪ ۽ محنت ڪش آهي. روزانو 2000 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ لوڻ ڪڍيو ويندو آهي، جنهن جو 70 سيڪڙو سوڊا ايش فيڪٽري کي فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ 30 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. ايتري تاريخي کاڻ هوندي به اڃا تائين ايترو لوڻ جو ذخيرو موجود آهي جو وڌيڪ 500 سالن کان وڌيڪ هلي سگهي ٿو. کاڻ اندر ڪم ڪندڙ پورهيتن جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ آهي. ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهو هن حيرت انگيز جڳھ کي ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا ۽ ڀرپور نموني متاثر ٿين ٿا. کاڻ جي سير ڪرائڻ لاءِ گائيڊ پڻ موجود آهن جيڪي تمام دلچسپ ڳالھيون ٻڌائي گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن جو من موهي ٿا وجهن. گائيڊ ٻڌايو ته روزانو اسان لوڻ پيٽ ۾ وجهندا آهيون پر اڄ توهان لوڻ جي پيٽ ۾ آهيو. کاڻ ۾ اندر شديد گرم موسم ۾ به تمام خوشگوار ٿڌڙي هوا لڳندي رهندي آهي ۽ ٿڌاڻ جو احساس هميشه موجود هوندو آهي. قدرت واري لون جي کاڻ جي خاصيت اها رکي آهي ته گرمي ۾ ٿڌي ۽ سردي ۾ اندران گرم رهي ٿي. اها ئي وجه آهي ته پراڻي زماني ۾ ماڻهو گهر ٺهرائڻ وقت ڀتن ۽ فرش تي لوڻ ڪُٽي ڪُٽي ڀرائيندا هئا ۽ اڄ به اهو طريقو انتهائي مفيد آهي. کاڻ اندر سير لاءِ ريل جو به انتظام ڪيل آهي، عورتون، ٻار ۽ جهونا اڪثر ريل ۾ ويهي گهمن ٿا پر جيئن ته سير جو اصل مزو پنڌ ۾ آهي تنهنڪري نوجوان پنڌ گهمن ٿا. هن کاڻ جون ٽوٽل 17 منزلون آهن جنهن مان صرف ڇهين منزل تي گهمڻ ڦرڻ جي اجازت آهي ۽ انهي منزل تي ئي تمام سياحي مقام ٺهايا ويا آهن جيڪي ماڻهن جي توجه جو مرڪز بڻيل آهن. هر جڳھ وانگر کيوڙه ۾ به لوڊشيڊنگ ٿيندي رهي ٿي پر مزورن جي آساني ۽ گهمڻ آيل مهمانن لاءِ جنريٽر پلانٽ به منظم ڪيل آهي کاڻ اندر لوڻ جي سرن سان مختلف مزيدار ۽ حيرت انگيز مقام ٺهيل آهن، جنهن کي ڏسندي ئي ماڻهو جو عقل دنگ رهجو وڃي، پهرين جڳھ چاندني چوڪ اچي ٿو. چاندني چوڪ جي کاٻي رستي دم (اسٿما) جي مريضن لاءِ ٺهيل اسپتال جو ماڊل نصب آهي، پر اصل اسپتال ستين منزل تي آهي جتي دم جي مريضن کي علاج لاءِ ترسايو وڃي ٿو. هي اسپتال 14 بيڊن ته مشتمل آهي ۽ هر مريض روزانو 8 کان 11 ڪلاڪ تائين ترسايو وڃي ٿو. اسپتال جي ماڊل کان ٿورو اڳتي خوبصورت ترين مسجد ڳاڙهين، اڇين ۽ گلابي رنگن جي سرن سان ٺهيل آهي، انهن سرن ۾ بلب روشن ڪيا ويا آهن جنهن جيڪري مسجد انتهائي چمڪدار ۽ خوبصورت نظر اچي ٿي. جنهن جو نالو بادشاهي مسجد رکيو ويو آهي. مسجد جي ٿورو اڳيان چاغي جي جبلن جو ماڊل رکيل آهي ۽ انهي جي پاسي ۾ ساڄي طرف انٽرنيٽ صارفين لاءِ لوڻ جي خوبصورت سرن سان ٺهيل ڪيبنون آهن. اڳيان هلندي انگوري باغ ايندو آهي جيڪو کاڻ جي ڇت کان پاڻي جي قطرن جي زمين تي ڪرڻ سان قدرتي طور انگور جي ڇُڳن جهڙي شڪل جو ٺهي ٿو ۽ بلڪل انگور وانگر نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته لوڻ جا crystal هڪ ٻئي مٿان اهڙي سهڻي ترتيب سان اچن ٿا جو برف جهڙي نسبت انگور لڳن ٿا. هن باغ لاءِ اردو ادب جي شاعر احسان دانش، ڇت تان ڪرندڙ قطرن کي اشڪِ نمڪ، هيٺ جمع ٿيڻ وارن قطرن کي آھِ نمڪ، هيٺيان قطره پاڻ ۾ ملن ته وصالِ نمڪ ۽ اگر نه ملي سگهن ته فراقِ نمڪ جي تشبيه ڏني آهي. انگوري باغ جي اڳيان مينارِ پاڪستان جو ماڊل ٺهيل آهي جنهن ۾ تقريبا 2 هزار رنگين لوڻ جو سرون استعمال ٿيل آهن ۽ انهن کي چوڌاري روشن ڪيو ويو آهي. ان جي ساڄي پاسي کان ڪرسٽل ويلي به آهي جيڪا قدرتي طور تي ڪرسٽل نما لوڻ آهي جيڪا صرف کيوڙه ۾ ئي آهي. ان کي وڌيڪ پُر ڪشش بنائڻ لاءِ ان ۾ رنگين بلب لڳل آهن جيڪي روشن ٿيندي ئي سڄي ويلي کي چمڪايو ڇڏين. رستي ۾ جڳھ جڳھ لوڻ جا تالاب آهن جنهن ۾ حد درجي جو نمڪين لوڻياٺو پاڻي بحرِمردار وانگر آهي، جنهن جي گهاٽائي ايتري آهي جو ان ۾ ڪا به شيء ٻڏي نٿي سگهي. انهي ڪري اسان پنهنجن جائز مطالبن جي منظوري لاءِ گهر وارن جي سامهون خودڪشي جي ڌمڪي ڏئي ٽپو ڏئي سگهون ٿا. پوري منزل ۾ تقريبا 300 لوڻ جو ٺهيل ڏاڪڻون آهن جيڪي مغل دور ۾ ٺاهيون ويون هيون. مينار جي کاٻي پاسي ڳاڙهي لوڻ جو ٺهيل شيش محل آهي ۽ انهي جي اڳيان بغير سپورٽ جي ٺاهيل پُل آهي جنهن جو نالو پُلِ صراط رکيو ويو آهي. پُل پار ڪرڻ کانپوءِ ديوارِچين ۽ ديوارِ محبت اچن ٿيون. نون آيل ماڻهن کي حيران ڪرڻ ۽ خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ديوارِمحبت کي چٽڻ سان دل جي مراد پوري ٿئي ٿي، جنهن جي وجه سان عاشق مزاج ماڻهن ان کي چٽي چٽي بلڪل لسو ۽ نرم ڪري ڇڏيو آهي. ان ديوار جي اڳيان تالاب آهي جنهن کي سيف الملوڪ چيو وڃي ٿو ۽ ان مقام کي وادئ ڪاغان جو نالو ڏنو ويو آهي. هتي مٿان کان ڪرڻ وارن قطرن سان ديوار تي معجزاني طور اسمِ محمد لکيل آهي ۽ هڪ پورٽريٽ به ٺهي ويو آهي جنهن کي علامه اقبال جو پورٽريٽ چون ٿا ڇو جو انداز ئي اهڙي جو آهي اهو. ڪاغان وادي کان موٽندي شيش محل اچڻ تي، انارڪلي موجود آهي جنهن جي اندر ڪاٺي جو فوسل آهي جنهن کي لوھ جي ڄاري چوڌاري ڦيري محفوظ ڪيو ويو آهي. ماهرن جي چوڻ موجب اهو فوسل 20 لک سال پراڻو ٿي سگهي ٿو. ان جي برابر ۾ هڪ ريسٽورينٽ به آهي جتي بازار جي نسبت سان کائڻ پيئڻ جون شيون ڪجھ مهنگيون آهن. ايراضي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي ٻيو نمبر وڏي لوڻ جي کاڻ آهي. جيڪا ايتري ته خوبصورت آهي ڄڻ ڪو دنيا جو عجوبو هجي. کيوڙه کاڻ جي ٻاهر مقامي هنرمند لوڻ سان ٺهيل خوبصورت ماڊلز ۽ شوپيس (تاج محل، ٽيبل ليمپ، مينار ۽ ٻيون شيون) فروخت ڪندي نظر اچن ٿا. لوڻ جي اسپتال : ايلرجي ۽ دم جي مريضن لاءَ ٺاهيل اسپتال ۾ مريضن کي صرف 10 ڏينهن لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي. کاڻ ۾ اندر سوڊيم آئين موجود آهي جيڪو ساھ کڻڻ سان اندر وڃن ٿا ۽ ان جي بدولت علاج ٿئي ٿو. عام طور تي مريض 10 ڏينهن ۾ بلڪل شفاياب ٿي وڃن ٿا ۽ مريضن کي داخل ڪرڻ کان پهرين ان ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته متاثر افراد قلب يا بلڊ پريشر جي بيماري ۾ مبتلا نه هجي ۽ ان جي عمر 50 سال کان وڏي نه هئڻ گهرجي. روزانه عبرت 2 جون 2013