اڄوڪو ڏينهن 2 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 2 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    2 جون 1905ع ليکڪ جهمت مل ڀاوناڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 جون 1921ع سياستدان گهنشام سنگهه ديارام (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 جون 1936ع شاعر گلاب خان گوهر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 جون 1936ع ليکڪ واديو نرمل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 جون 1941ع سگهڙ محمد ڇٽل جي پيدائش ٿي.
    2 جون 1944ع ليکڪ رڪي پنجابي جو جنم ڏينهن آهي.
    2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 جون 1987ع باليووڊ اداڪاره سوناڪشي سنها جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    2 جون 1946ع بزرگ محمد حسن جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
    2 جون 1956ع رئيس امام بخش جتوئي جو انتقال ٿيو.
    2 جون 1982ع اڳوڻو صدر فضل الاهي چوڌري انتقال ڪري ويو.
    2 جون 1986ع مشهور مزاحيه اداڪار ننها (رفيع خاور) جو انتقال ٿيو.
    2 جون 1988ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪپور جي ديهانت ٿي.
    2 جون 1992ع اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو انتقال ٿيو.
    2 جون 2004ع گلوڪار مجيب عالم جو انتقال ٿيو.
    2 جون 2006ع شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر نثار حسيني (حيدرآباد) جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 2 جون جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 جون 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهڻا ڏينهن گذريا، وري ياد نه آيا.....

    هيءَ ڪٿا...جيڪا اڄ آئون اوهان سان ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کڻي چُڪو آهيان، اُها ڪجهه آگم پبلشنگ ايجنسي گاڏي کاتي جي آهي ۽ ڪجهه پنهنجي سائينءَ نثار حسينيءَ جي. جيڪو ست ورهيه اڳ، اڄوڪي ئي تاريخ تي نور شاهه قبرستان ٽنڊي ڄام جي قبرستان ۾ اَبدي آرامي وڃي ٿيو هو. اِجهو رات گاڏي کاتي ۾ قاضي منزل ۾ قائم انهيءَ آگم جي آفيس کي وڃي مون تلاش ڪيو، جڏهن ته چوطرف ڪاريءَ وارا ڪَک ڏِٺم ۽ اُن جاءِ تي هڪ نئون جهان موجود...دل دانهن ڪئي، اڙي بابا! هن هنڌ ڪو ادارو آباد هوندو هو!؟ ۽ پنهنجي ڏات ۽ ذات ۾ اُن کان به وڏو ۽ وڌيڪ سگهارو شخص...خود سائين نثار حسيني پاڻ! جيڪو سنڌ ۾ جدت واري پرنٽنگ جو سرواڻ هو ۽ نهايت اعليٰ ڇپائي سونهون پڻ، گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽئبلو صِنف کي آڀاريندڙ... ذوق شوق سان مرزا قليچ بيگ جا ڏهاڙا ملهائيندڙ... قليچ سنگت جو بنياد رکندڙ ۽ علاوه ازين رسالي ’تند تنوار‘، ’ناٽڪ‘ ۽ سنڌي ساهت جو ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي ٻين به عظيم الشان ڪتابن جو پبلشر ... جن منجهان ڪنهن مجموعي جو نالو.. ’جلاوطن‘ (ليکڪ: نو الهديٰ شاهه)، ڪنهن پستڪ جو نالو ’اوتون جوتون‘ (استاد بخاري)، ڪنهن جو نالو ’ديپڪ ۽ ملهار‘ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ڪنهن ڪتاب جو نالو ’سفر من اندر‘ ۽ ڪنهن جو نالو وري ’بَتين واري ناني‘ (اڪبر جسڪاڻي). سچ پڇو ته، سائين نثار جا شايع ڪرايل اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪتاب...محض ڪتاب ٿورو ئي هئا، جهڙا سنڌي ادب جي شاهراهه تي ڪتابن جي صورت ۾... ميل جا پٿر هن نصب ڪيا هئا، هونئن سائين نثار جي، هيءَ آفيس رڳو پبلشنگ هائوس به ٿورو ئي هوندي هئي، جهڙي چوويهه ئي ڪلاڪ کليل سراءِ....اوطاق، يا مُسافر خانو... ۽ مون ناچيز ته ان آفيس جو نالو ئي رکي ڇڏيو هو، ’ميلاپ مرڪز‘ ۽ طارق عالم وري هڪ ڏينهن اُن جي دروازي جي مٿان اڇي چاڪ سان لکي ڇڏيو هو: ’هوم آف هوم ليس‘ ۽ هيءَ آڌي هجي يا مانجهي، منيهن يا طوفان.. اک جو کڻي آئون ان ڏانهن ڏسندو هئس، ته ڪنهن کُليل اک وانگر ان جي دروازي منجهان روشني بڻجي، ڪڏهن سائين محمد ابراهيم جويو پيو نمودار ٿيندو هو، ته ڪڏهن نانگو لائين ڪوٽڙيءَ مان مست الست ڪهاڻيڪار علي بابا... جهمپير مان عزيز، رسول بخش درس، هالا پراڻا منجهان سوز هلائي، عرفان مهدي ... ته ڪڏهن وري دادو جادوءَ مان اُستاد بخاري، سکر مان ادل سومرو، اياز گل، خيرپور مان مختيار ملڪ، نوابشاهه مان ماڻڪ منير ... ڄامشوري مان قيس عالم، ادا اياز عالم ابڙو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تاج بلوچ، ادا مدد علي سنڌي، امداد حسيني ۽ شوڪت حسين شورو به باقاعده ايندا هئا. الاس! اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ پهريان ڏار ان ادب منڊليءَ ۾ ان وقت پوڻ شروع ٿي ويا، جڏهن حيدر چوڪ تي هنگامن منهن ڪڍيو ۽ آسپاس جي ديوارن تي ڪو ٻُٽ ٻڌل ماڻهو، ڪاري رنگ سان ڀريل دٻا کڻي، برش سان پهرين ته ڪلاشنڪوف جو عڪس ٺاهيندو هو ۽ پوءِ ان جي مٿان لکڻ لڳندو هو: ”حقوق يا موت!“ پوءِ اوڻاسي وارو لهو لهان سانحو جو ٿيو ته، شهر ۾ جلاءُ گهيراءُ ۽ ڪرفيو لڳڻ جي رسم شروع ٿي ۽ ان کانپوءِ ته ڪاڏي وئي آگم پبلشنگ ايجنسي ۽ الائي ڪاڏي هليا ويا اديب، شاعر، قلمڪار ۽ ائين آگم ڇا بند ٿيو، ڄڻ حيدرآباد شهر ئي اديبن کان خالي ٿي ويو. پوءِ وڏي وقفي بعد ماحول ۾ جڏهن ٿوري ٺاپر آئي ۽ سائين نثار آگم جا بند دروازا وري کوليا ته، قاضي منزل جي ڪُنڊ ۾ قائم...آگم جي آفيس ڏانهن سائين نثار سان ملڻ لاءِ ويندي آئون ۽ دوست اسرار شاهه گهٽيءَ جي مُهڙ وٽ بيهي خوش دليءَ سان اطلاع طور ڳائڻ لڳندا هئاسين: ”تم جُگ جُگ جيئو مهاراج ري، هم توري نگريا ۾ آئي ري.... دوستن لاءِ آگم جا دروازا برابر ته ٻيهر کليا به.. پر الائي ڇو!؟ اڳوڻيون رونقون بحال ٿي ئي نه سگهيون، ان وچ ۾ پاڻ پرائيويٽ چينلز لاءِ ڏاڍا سٺا ڊراما لکيائين... سنڌي فلم ٺاهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان پنهنجي اعليٰ عهدي تان قبل از وقت رٽائرمينٽ وٺي، سرگرميءَ سان پبلشنگ جي ڪم کي جاري رکڻ چاهيو، پر ان وچ ۾... ڀانئيان ٿو رات جا اڍائي يا ٽي پئي وڳا... جو ڪنهن پراسرار انداز ۾ ڪمري جو دروازو کڙڪايو ۽ پوءِ در کولي ويراڳين جي وڃڻ جي خبر جو ٻُڌم ته ڄڻ پنهنجي وجود ۾ ڪنهن ديوار جيان ڊَهي پيس، ياد اٿم، ٽنڊي ڄام واري نور شاهه قبرستان ۾، شام وقت، نِم جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ هيٺيان... ساميءَ واري هڪڙي قبر ۾... کين آرام سان سمهاري، ...اداس ماحول، بيچين ۽ بي آرام رُوح سان آئون پنهنجي گهر واري پينگهي ۾ اچي ويٺو هئس، تڏهن..منهنجي ڀائيٽي معصومه مليحه وڌي اچي پڇيو هئم: ”انڪل!!! هيءَ جيڪا ڪائونٽنگ ٿيندي آهي نه .. اها ڪهڙي فگر (Figure) تي ختم ٿيندي آهي؟ تڏهن آلين اکين سان نور شاهه واري قبرستان ۾ چپ چاپ سُتل... سائين نثار حسينيءَ جي مڙهه کي تصور ۾ آڻيندي..بي خياليءَ منجهان کيس چئي ويٺو هئس...مليحه بابا...ڪائونٽنگ ختم ٿيڻ جي آخري فِگر آهي: ”ٻي جون، ٻه هزار ڇَهه!“

    نصير مرزا/حيدرآباد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو