الطاف حسين ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿو۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وفا حنيف بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2013۔

  1. وفا حنيف بلوچ

    وفا حنيف بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ساماروشاخ تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپورخاص
    الطاف حسين ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿو.
    وفا ايم حنيف بلوچ
    الطاف حسين ڪراچي ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي نالي سان هڪ لساني تنظيم ٺاهي هئي ، اها تنظيم ان وقت جي فوجي آمر ضياءالحق جي سرپرستي ۾ قائم ڪئي ويئي ڇو جو هو پيپلز پارٽي جي مقابلي لاِءِ هڪ منظم مسلح تنظيم قائم ڪرڻ چاهيندو هيو ته پيپلز پارٽي کي حڪومت جي بجاءِ عوامي سطح تي نڪ ۾ نٿ وڌي وڃي ، ان تنظيم کي ملڪ جي صدر جي حمايت حاصل هئڻ ڪري ملڪ جون سموريون ايجنسيون ان تنظيم جي هر لاقانونيت کي نظر انداز ڪنديون رهيون هيءَ تنظيم ناجائز طريقي سان هٿيار جمع ڪندي رهي ۽ ان وقت جو ڊڪٽيٽر ضياءالحق خوش ٿيندو هيو ته پيپلز پارٽي جي دشمن تنظيم ايم ڪيو ايم خوب مسلح ٿي رهي آهي، اهي نوجوان جيڪي فطري طور تي مٿي ڦريل ۽ جرائم پيشه هجن انهن کي وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي ۽ انهن کي حڪومتي پٺڀرائي ملي وڃي ته سون تي سهاڳو.جيتوڻيڪ ان تنظيم جي ڪارڪنن پنهنجي شروع واري ڏينهن کان ئي اسٽريٽ ڪرائم شروع ڪري ڇڏيا ۽ انهن جڏهن ڏٺو ته انهن ڏوهن کي آساني سان قبول ڪيو پيو وڃي ۽ انتظاميه خاموش آهي ته انهن ننڍيون ننڍيون چوريون ۽ ڦر جون وارداتون شروع ڪري ڇڏيون ۽ان کان پوءِ شريف دڪاندارن کان ڀتو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو اهي سڀ ڏوهه ان تنظيم سان واسطيدار انفرادي طريقي سان ڪري رهيا هئا ان ۾ ان جي مرڪز جو به حصو هيو ڇو ته ان مرڪز جي ڪري ئي انهن کي تحفظ حاصل هيو الطاف حسين جي حيثيت ان ۾ علي بابا واري هئي جيئن جيئن ڪاروبار ترقي ڪندو ويو تيئن علي بابا مظبوط ٿيندو ويو ڏوهن جي دنيا جو هي ادارو ايئن ترقي ڪندو ويو جيئن ڪو شاگرد اسڪول جي پهرئين جماعت ۾ داخلا وٺي ا،ب ،ٻ سان شروعات ڪندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي انهن درسگاهن مان استاد، ڊاڪٽر، انجينئر، ٺهي نڪرن ٿا، ڏوهن جي ان درسگاه ۾ موبائل فون کسيندي، ڀتو وصول ڪندي ترقي ڪري ڪو اجمل پهاڙي بنجي وڃي ٿو جنهن کي 100 انسانن جي قتل ڪرڻ تي فخر آهي ته ڪو وري عشرت العباد ٺهي پوي ٿو جنهن جي خلاف قتل جا 32 ڪيس درج آهن پر پوءِ به هو سنڌ جو گورنر آهي . ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڏوهن جي اها پناه گاه انساني شڪل جي انهن جانورن سان ڀرجي وئي .انساني قتل انهن لاءِ هڪ راند بنجي وئي ۽ جيڪو انهن جي ان ڪڌي ڪم جي خلاف آواز اٿاريندوته ان کي ڪورنگي جي کليل ميدان ۾ اکين تي پٽي ٻڌي ڊوڙائي ڊوڙائي ان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ ان جي منڍي جسم کان الڳ ڪري ان کي فٽبال ٺاهي ميدان ۾ کيڏيو ويندو اهو انهن بگھڙن جو روز جو معمول هيو۽ هوڏانهن عزيزآباد جنهن کي نائن زيرو به چيو وڃي ٿو ان کي تنظيم جو مرڪزي دفتر بڻايو ويو ان جي اذيت خانن ۾ اذيت جا اهي طريقا ٺاهيا ويا جنهن جي تصور سان انسانيت ڏڪي وڃي ٿي . پڪڙ سان زنده انسانن جا نهن ڇڪي ڪڍڻ ڊرل مشين سان انسانن جي مختلف عضون مان سوراخ ڪڍڻ ڪمند پيڙڻ واري مشين جهڙي مشين سان انسانن کي ايئن پيڙڻ عزتدار ۽ باعصمت شاگردياڻين کي اسڪول ۽ ڪاليج ويندي رستي تان زبردستي کڻي وڃي انهن جي عزت تار تار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي قتل ڪري ڇڏڻ ۽ اهڙي ئي قسم جا ٻيا ڏوه پڻ ان تنظيم جو معمول آهن. اهي سڀ ڳالهيون هٿ جون ٺاهيل ڪهاڻيون ناهن. پر سول ۽ فوجي ايجنسين جي اها رپورٽ آهي جيڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ ۾ ان تنظيم جي باري ۾ پيش ڪيل رپورٽ جو ڪجهه حصو آهي.خفيه ايجنسي جي سربراهه چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست ڪئي هئي ته ان رپورٽ جو پورو تفصيل کليل عدالت ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي . مهرباني ڪري چيمبر ۾ پورو داستان ٻڌو وڃي.محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ دورِ حڪومت ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سان هن تنظيم جو ٺاهه نه ٿيو ته ان وقت جي وزيرِ داخلا جنرل (ر) نصيرالله بابر هن تنظيم خلاف ڪراچي ۾ سخت آپريشن ڪري هن تنظيم جي ڏوهارين کي ڏوهه ڇڏي ڪوئن وانگر ٻرن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪيو . ٻيو ڀيرو نواز شريف جي حڪومت ۾ هڪ دفعو جنرل آصف نواز جنجوعا آپريشن ڪري ڪراچي کي ان جو ڦرجي ويل امن واپس ڪرايو نه ته هر دور ۾ هيءَ تنظيم جنهن کي بعد ۾ مهاجر قومي موومينٽ مان ڦيرائي متحده قومي موومينٽ جو نالو ڏنو ويو پر انگريزي وارو (ايم ڪِيوايم) وري به ساڳيو ئي رهيو . ٻيو ته هيءَ تنظيم حڪومت کان بغير ايئن آهي جيئن پاڻي کان سواءِ مڇي حڪومت ڪهڙي به اچي پر هن تنظيم کي فوري طور تي ان حڪومت ۾ شامل ٿيڻو هوندو آهي ان سان هن تنظيم کي هڪ ته اهو فائدو پهچي ٿو ته هڪ ته پراڻن ڪيل ڏوهن تان پردو نٿو کڄي ۽ ان سان گڏ ٻيا ڪڌا ڪم ۽ ڏوهه پڻ جاري رهن ٿا. ۽ حڪومت جو مضبوط هٿ مٿان هئڻ ڪري هي گرفتاري وغيره کان به محفوظ رهن ٿا . حڪمرانن جي مجبوري وري اها هوندي آهي ته ڪراچي جهڙي شهر ۾( جيڪو هڪ مِني پاڪستان آهي) هڪ مسلح ۽ طاقتور پارٽي جي حمايت ملي وڃي ٿي ۽ حڪمرانن کي هڪ طاقت ميسر اچي وڃي ٿي ۽ هن تنظيم کي ڏوهن جي آزادي ۽ تحفظ ملي وڃي ٿو ايئن هر دور ۾ نظريه ضرورت پنهنجو ڪم ڏيکاريندو رهي ٿو ان دوران هن تنظيم جي باني الطاف حسين کي اسلام دشمن ۽پاڪستان دشمن قوتن ٻنهي هٿن سان کڻي ورتو موصوف سنه 1992 کان برطانيه ۾ پاڻمرادو جلاوطني جي زندگي وڏي عيش عشرت ۽ مزي سان گذاري رهيو آهي.برطانيه جي سرزمين اسلام ۽ پاڪستان دشمن ماڻهن جي لاءِ هڪ محفوظ پناه گاه بڻيل آهي جيئن ته موصوف کي برطانيه ۾ انتهائي معياري رهائشگاه مهيا ڪئي وئي آهي جتي ويهي هو پاڪستان ۽ اسلام دشمني جو فرض تمام سٺي نموني ادا ڪري رهيو آهي غدارِ وطن پرويز مشرف به وطن واپسي کان پهرين برطانيه ۾ قيام پذير هيو اتي ويهي موصوف پاڪستان جي جيڪا خدمت ڪري رهيو هو اها آصف نواز جنجوعا جي دور ۾ نائن زيرو تي ڇاپي دوران مليل ڪاغذات مان ظاهر ٿئي ٿي خفيه ادري انهن جي مرڪز مان جيڪي دستاويزات قبضي ۾ ورتا هئا انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪراچي جو اهو نقشو هيو جنهن کي پاڪستان کان ٽوڙي هڪ الڳ ملڪ جناح پور جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو هو هوڏانهن هي موصوف پاڪستان کي ٽڪرا ڪري جناح پور جي نالي سان هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي . هوڏانهن آمريڪا 2015ع جو جيڪو عالمي نقشو تيار ڪيو آهي ان ۾ پاڪستان نالي جو ڪوبه ملڪ هن زمين تي موجود ناهي آمريڪا جو خيال آهي ته بلوچستان ، خيبر پختونخواه ،۽ ڪراچي ۾ ان جا نمڪ حلال پاڪستان ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا پر آمريڪا اهو وساري رهيو آهي ته قومن جي قسمت جا فيصلا آمريڪا جي هٿ ۾ نه پر عرش عظيم واري رب العالمين جي هٿ ۾ آهن.پاڪستان انشاء الله قائم ۽ دائم رهندو ۽ الله تعالي! ان کي اسلام جو عظيم قلعو بڻائيندو اليڪشن 2013ع ڪراچي ۾ اهڙي طرح ٿي جهڙي طرح ان کان پهريان 2002ع ۽ 2008ع ۾ ٿي چڪي آهي يعني ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪو به اميدوار پنهنجي انتخابي مهم هلائي نه سگھيو پولنگ اسٽيشن تي پولنگ عملو اگر ايم ڪيو ايم جو حڪم مڃي ته ان کي چانهه ۽ ٻين شين سان گڏ خاطر تواضع ڪئي وڃي اگر حڪم نه مڃي ته انهن کي بيوس ڪري هڪ طرف ويهاريو وڃي ان تنظيم جا ڪارڪن پاڻ ئي بيليٽ پيپرن تي ٺپا هڻي بيليٽ باڪس ڀري ڇڏيندا ڪائونٽر فائل ڀرڻ لاءِ انتخابي عملي کي ڏنيون وڃن ٿا ووٽ وجھڻ لاءِ آيل عوام کي گهر وڃڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. هي ڪي فرضي ڳالهيون ناهن پر ٽي وي چئنلز تي هي منظر نه صرف پاڪستاني پر پوري دنيا جي ماڻهن ڏٺا آهن. جماعت اسلامي سميت ٽن نامور پارٽين هن انتخابي فراڊ جي خلاف اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته ايم ڪيو ايم به ڌانڌلي جي خلاف اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم جي ئي ڪيل ڌانڌلي جي خلاف ته بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي پر هنن کي ڪهڙو مسئلو در پيش آيو؟ جيئن ته منصوبي جي مطابق قومي تڪ 250 جي چند پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ڪرائي پوري ڪراچي کي ڌانڌليءَ جو سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو ويو ۽ اهو سڀ اليڪشن ڪميشن جي ملي ڀڳت سان اهو ڊرامو رچايو ويو.هوڏانهن برطانيه مان الطاف صاحب رڙ ڪئي ۽ جيڪو ڪجهه هن جي اندر خراب ۽ فاسد مادو هيو اهو ٻاهر ڪڍيو ۽ چيو ته اگر ڪراچيءَ جا اليڪشن نتيجا قبول ناهن ته ڪراچيءَ کي پاڪستان کان الڳ ڪيو وڃي ۽ گڏ هيءَ ڌمڪي به ڏني ته آئون عنقريب ڪراچي ۾احتجاج جي ڪال ڏيڻ وارو آهيان مطلب ته ڪراچيءَ جي روڊن کي رت سان ڳاڙهو ڪرڻ وارو آهيان.هوڏانهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اينڪر پرسنز ۽ مالڪن کي واضح طور تي قتل جي ڌمڪي ڏني ملڪ کان ٻاهر ويهي هڪ شخص ڪراچيءَ کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو مطلب ته پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو روڊن تي رت وهائڻ جي واضح لفظن ۾ ڳالهه ڪري ٿو اينڪر پرسنز ۽ ميڊيا مالڪن کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي ٿو. پر پاڪستان ۾ ان جي خلاف ڪو به قانون حرڪت ۾ نٿو اچي آخر ڇو؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    آمريڪا في الحال پاڻ کي ته ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ کان بچائي
    پاڪستان جي حفاظت الله سائين ڪندو۔ پر آمريڪا جي حفاظت هاڻي ڪير ڪندو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڇرڪائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ معلومات۔۔۔سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ هاڻ مالڪ بنجي رهيا آهن ۽ اسان سنڌي ماڻهو بيوسي سان بس ڏسي رهيا آهيون۔۔۔:(
    هن ليک ۾ڪافي حد تائين درست ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن۔۔۔پر ڇا اها پڪي خبر آ۔۔؟
    2015 ۾ آمريڪاجي ٺاهيل دنيا جي نقشي ۾ پاڪستان موجود ناهي۔۔!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ايم ڪيو ايم وارن جي نيت درست نه آهي سنڌي قوم هنن کي جيء ۾ جايون ڏنيو اڄ پنهنجي شهر ۾ سنڌي پراوا لڳا ٿا وتن،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو