سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ اعلى پايي جو شاعر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ ”ٽنڊي ٺوڙهي“ ۾ ڄاڻو. سندس والد ان وقت ايران کان لڏي، سنڌ ۾ آيو هو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. پوءِ حيدرآباد شهر مان مئٽرڪ تائين شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق جاڳيس، خوش طبعي به حد درجي جو هو. سندس ذهانت انهيءَ تائين هئي، جو سنڌي اسڪولن کان انگريزي ڪلاسن تائين اول نمبر ايندو رهيو. پاڻ ڪجھ وقت بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ به پڙهيو. جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. واپسيءَ تي ڀائرنجي منشا موجب روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. سرڪاري ملازمت ۾ ڪلارڪي کان ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. رٽائر ڪرڻ بعد، مرزا صاحب مطالعي کي چهڻي ويو، ۽ ڪافي ڪتاب لکي راس ڪيائين. ايتري تائين جو سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، پنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيائين. اڪثر واندڪائي ۾ قبرستان، قبن ۽ دڙن ڏانهن ويندو هو. آخري وقت ۾ زماني جي ڏوجھرن کان صدما رسيس جنهن ڪري بي آرامي غمگيني، ملولائپ ۽ مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي ويو. 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1348ھ مطابق 3جولاءِ 1929ع تي وفات ڪيائين. کيس ٽنڊي ٺوڙهي جي ”بلندي شاھ جي قبرستان“ ۾ آرامي ڪيو ويو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي. جنهن کي سنڌي ادبي 1956ع ۾ شيع ڪيو آهي. سندس شاعراڻه سگھڙ پاڻيءَ جو گاهي بگهائي اهڙن واقعن ۾ خاص موضوعات تي روانيءَ سان قلم هليو، جنهن مرزا صاحب کي ”قادرالڪلام“ بڻائي ڇڏيو. سندس شعرن ۾ لفظن جي سهولت ۽ ڪافين جي آرازاني، انو کاوزن انهن جي آساني طرز ادا ۾ سلامت ۽ رواني، اندروني تنم ذريعي پيدا ڪيل ”خوش اخاني“ ۽ سندس طبعي ظرافت ۽ خوش بياني وارين خوبين سندس ڪلام کي پيارو ۽ دلپزير بڻائي ڇڏيو آهي. نظم کان علاوه نشر ۾ به مرزا صاحب پاڻ ملهايو آهي، بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم وضوعن تي تقريناً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس. انهيءَ لکڻ ۾ رهگز وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”سنڌي ادب جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جهڙو ٻيو عالم اڃا پيدا نه ٿيو آهي.“
جواب: شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سنڌي هميشه اهڙن سنڌ سڄڻن جا ٿورائتا رهندا ۽ کين هميشه ياد ڪندا رهندا ۔۔۔ سلام آهن اهڙن ڏاهن ۽ جوڌن کي جي پنهنجي حياتي ڪارائتي ۽ قومي جذبي جي تحت گذاري پاڻ ملهائي ويا ۔۔۔ رب العالمين کان دعا آهي ته سندن مغفرت فرمائي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين مرزا قيلچ بيگ جي شخصيت ادبي کيتر ۾ گهڻ پاسائين هئي ؛ سندس سنڌ جي تاريخ تي ڪيل ڪم هميشه ياد رکيو ويندو ۔۔۔ هيٺ سندس جون ڪجهه ڪاوشون آهن؛ هي عالم شخص هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو سنڌ جي تاريخ تي مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالهه کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (4) سنڌ جي مختصر تاريخ (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (6) رياست خيرپور جي تاريخ (7) چچنامو سنڌي مرزا صاحب (1) لغات لطيفي (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3)Philological curiosity (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (5) سنڌي لغات قديمي (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ (8) Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو (2) Life of Shah Abdullah (3) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (4) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (5) لغات لطيفي (6) لطيفي لات (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.)