• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا. ايس ٽي پي جي مرڪزي ڪميٽي قادر مگسي کان منهن موڙي ويئي

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ٽٽي وئي
ڪيترن ئي اڳواڻن پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
استعيفيٰ ڏيندڙن ۾ وائس چئيرمين حيدر شاهاڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حوت خان گاڏاهي، فنانس سيڪريٽري قادر چنه، مظفر ڪلهوڙو، نند لال مالهي، گلزار سومرو، ساراڻ انڙ سميت سڀ سينٽرل ڪميٽي جا ميمبر شامل آهن. پارٽي ۾ باقي صرف ڊاڪٽر قادر مگسي اڪيلو رهجي ويو، باقي سموري مٿين ليڊرشپ پارٽي ڇڏي ڏني.
پارٽي مان استيعفيٰ ڏيندڙ جو چوڻ آهي ته قادر مگسي جو رويو غير جمهوري هيو، هو پارٽي کي پنهنجي جاگير سمجهي هلائي رهيو هو ۽ سنڌ ۾ اليڪشن جي موقعي تي يا بعد ۾ ڪو به سٺو ڪم نظر نه آيو.
2719 اٽيچمينٽ ڏسو
 
Back
Top