صدرِ پاڪستان جناب آصف علي زرداري جو اليڪشن 2013 کان پوءِ ميڊيا کي خصوصي انٽرويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بحثيت صدر توهان جا احساس ڪيئن آهن۔۔؟ ۽ پيپلز پارٽي جي رهنما طور تي توهان اليڪشن جي نتيجن کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ٻڌو۔۔؟ (دنيا ٽي وي جو مجيب الرحمان شامي)

    بينظير ڀٽو پنهنجي جان ڏئي توهان کي هن مقام تي پهچايو ۔۔ ان جي جماعت جو توهان تي قرض آهي۔۔ توهان 6 جون تي نواز شريف کان حلف وٺڻ کان پوءِ صدارت ڇڏي پيپلزپارٽي جي قيادت ڇو نه ٿا سنڀاليو۔۔۔؟ (آج ٽي وي جو نصرت جاويد)
    ڇا مستقبل ۾ توهان پيپلزپارٽي جي ذميداري بينظير جي ڪنهن ڌيء حوالي ڪرڻ وارا آهيو۔۔۔؟ (آج ٽي وي جو نصرت جاويد)

    توهان ڪراچيءَ جي ماڻهن کي بندوق جي سامهون رکيو۔۔۔ صرف ان لاءِ ته ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي توهان جا اتحادي هيا۔۔ توهان انهن کي ڪنٽرول ڪيو ها ته توهان جي حڪومت وڃي ها۔۔۔ نه ڪيوَ ته ماڻهن جون جانيون ويون۔۔۔ (اي آر وائي ٽي وي جو مبشر لقمان)
    توهان پنهنجي سڀ کان ڪمزور وزير کي وزيرِاعظم بڻايو ۔۔۔ ڇو؟ (اي آر وائي ٽي وي جو مبشر لقمان)

    نواز شريف صاحب اپوزيشن ڪئي ۽ فرينڊلي اپوزيشن جا طعنا ٻڌا۔۔۔ ڇا توهان به فرينڊلي اپوزيشن ڪندو۔۔؟ ڇو ته مسلم ليگ جو خيال آهي ته انهن جي اصل اپوزيشن عمران خان ۽ تحريڪ انصاف هوندي۔۔۔ (ايڪسپريس ٽي وي جو اياز خان )

    ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۾ شامل نه ٿي ته جيڪي ماضيءَ جا تجربا ٻڌائين ٿا ته ائين ٿو لڳي ته سنڌ جي اندر امن نه هوندو ۽ گڙٻڙ هوندو ته توهان کان سوال آهي ته ان حوالي سان توهان جي سنڌ حڪومت کي ڪهڙي صلاح آهي ۔۔۔ ۽ توهان مستقبل کي ڪيئن ٿا ڏسو۔۔۔؟ (جيو ٽي وي جو سهيل وڙائچ)


    مٿين لکيل سمورا سوال پنجن مشهور صحافين ۽ اينڪرپرسنز طرفان صدرِپاڪستان آصف علي زرداري جي خصوصي انٽريو ۾ پڇيا ويا ۔۔۔ دوستن جي دلچسپي ۽ معلومات خاطر هتي سموري پروگرام جي وڊيو لڳائجي ٿي۔۔۔ ته جيئن صدرِ پاڪستان طرفان انهن تکن ۽ اهم سوالن جا جواب سنڌ سلامت تي ايندڙ ساٿي پڻ ٻڌي سگهن ۔۔۔ اميد ته وڊيو جي اردو هجڻ کي نظر انداز ڪندا۔۔۔

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    واعدو سڀئي ڪندا وفا ٿيڻ مُشڪل آ
    پيڪج ڏيندا غريبن جي غِزا ٿيڻ مُشڪل آ
    نعرا الڳ الڳ پر جدا ٿيڻ مُشڪل آ
    عوام جو حق آ مگر ادا ٿيڻ مُشڪل آ
    غريبن مٿان بيٺي تلوار اُلاري آ
    اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ
    عجيب آهي اِها جهموريت جا جاري آ
    مارشلا کان وڌ مُصيبت خواري آ
    غريبن جي ووٽ تي وڏيري جي لت باري آ
    کٽيندو اهو جنهن کي ليئسنس سرڪاري آ
    انڌير نگري ۾ انڌيرو تاري آ
    اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ
    ايجنٽ وٺي وڃي واڙيو واڙي تي
    پولنگ آفيسر پاڻ هڻندو ٺپا جاڙي تي
    ايس ايس پي به عاشق آ ٻوڙ ڳاڙهي تي
    صحافي پاڻهي لکندا سردار جي ڀاڙي تي
    کوکو مِليو اُنهن کي ٽُٻٽاري آ
    اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ
    جج چون ٿا اسان ٿيل هون خريد
    کائي پيئسه وڪيلن ورتيون گاڏيون جديد
    حيل فيصلو نه ٿيندو ثبوتن تي مزيد
    ڀلي جوتا هڻو اسان کي درد نه ٿيندو شديد
    جوتا لڳا اکين تي ، اڄ اسان لئه بهاري آ
    اڄوڪي سياست جو ابو زرداري آ
    مزا ۽ موجون آهن لينڊ ڪِروزر مِلي آ
    هڪڙي بيگ به هزار جي نوٽن سان تر ملي آ
    ٽين سوني جي سوکڙي منهنجي گهر مِلي آ
    جنهن انڪار ڪيو اُن کي ڊيوٽي دربدر مِلي آ
    مطلب وارن جون موجون ، عوام لئه قيامت ڪاري آ
    اڄوڪي سياست جو ابُو زرداري آ
    محمد جان زريناڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو