• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچي جيڪو اچي ... شمشير الحيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
972253_10151621922528948_278829939_n.jpg

اچــي جيڪو اچـي،

سچ جــــو مچ متـــــل آهي، اچــي جيڪو اچـي،
دونهين دردن جي دکيل آهي، اچي جيڪو اچـي.

رنگ ٽانـــڊن جــــو، اماڙين جـــو، الن ڀڀڙن جــو،
رنـــگ ئي رنـــــگ رتل آهـي، اچي جيڪو اچــو.

ايــــڏي ٿڌ جو سڄـــو ماحـــول ڄمي ويو آهـي،
هڪــــڙو ڀنڀٽ ئي بچيل آهي، اچي جيڪو اچي.

ڄــــر ۾ ڄاڻ جاــــ آڙاهه ٿــــا ڀڙڪـــن، ٽڙڪن،
بـــاهه ۾ بخت ڀــــريل آهـــي، اچي جيڪو اچي.

هـــڪڙي پاسي کان ازل، ٻئي کان ابد جو عالـم،
وچ تـــــي بيٺو اجـــل آهي، اچـي جيڪو اچي.

واٽ واسينـــگ بڻـــــــي، لاٽ مـان اجگر اپڙن،
هــــي ته ڪو ڪاڪ محل آهي، اچي جيڪو اچي.

مــــچ تي ميڙ ڪــــرڻ وارو ته ٻيو ڪــو ڪونهي،
حيـــدري آهي، سچــــل آهي، اچي جيڪو اچي
 
سچ جــــو مچ متـــــل آهي، اچــي جيڪو اچـي،
دونهين دردن جي دکيل آهي، اچي جيڪو اچـي.

عشق ۽ سچ ٻه حقيقتون۔۔۔۔ عشق آهي جلڻ جو نالو ، ڪي پتنگ ئي اچي پچندا، اهوئي سچ آهي جيڪو مچ آهي۔
 
Back
Top