موئرو۔۔۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
سائين نياز هُمايوني۔۔

هلي ملي موئرو۔۔۔۔۔موئرو ڙي موئرو۔
بلي بلي موئرو۔

موئرو ٿو پڏي تڏي۔۔بنا ڪِلي جي بيٺو ڪُڏي،
هلي ملي موئرو۔۔۔۔۔موئرو ڙي موئرو۔
بلي بلي موئرو۔

کير نه ڌائي موئرو۔۔گاهه نه کائي موئرو،
هلي ملي موئرو۔۔۔۔۔موئرو ڙي موئرو۔
بلي بلي موئرو۔

لڳندي لاهي کير بلي۔۔مري جياري وير بلي،
هلي ملي موئرو۔۔۔۔۔موئرو ڙي موئرو۔
بلي بلي موئرو۔

ماڻهو جيئري ڪم نه اچي۔۔ڄڃ پرائي احمق نچي،
هلي ملي موئرو۔۔۔۔۔موئرو ڙي موئرو۔
بلي بلي موئرو۔
 
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڪثر
جڏهن مينهن يا ڍڳي ء جو ڦر مري
پوندو آهي،ته ان جي کل لاهي ان ۾
بوهه يا پلال ڀري،ڦر جي شڪل ۾ آڻي،
اُن کي مينهن يا ڍڳيء جي اوُهه سان لاهيندا
آهن ته اها سولائي سان کير لاهيندي آهي۔۔
 
Back
Top