فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رحمت الله عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2010۔

  1. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    انگريزن جي ابتدائي دور جو ناميارو شاعر ۽ روهڙائيءَ جو رانول، فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ولد ميان محمد حسين قريشي، 22 ذوالقعد 1230ھ مطابق 12 مارچ 1814ع تي روهڙي شريف (سکر) ۾ تولد ٿيو. سندس اصل نالو ”عبدالقادر“ هو، جنهن پيران پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه (1078ع-1162ع) جي عقيدت ۽ احترام ۾ مٽائي، ”قادربخش“ رکاريو، ذهانت سببان ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪافي علم حاصل ڪيائين. والده جي وفات بعد، حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رحمت الله عليه جي درگاھ تي مٽيون پريندو رهيو. جتان فيض حاصل ٿيندي ئي درازين سچل سرمست فاروقي رحمت الله عليه جي درگاھ تي پهتو. وڌيڪ فيض وٺندين واپس روهڙيءَ ۾ پهچي شعر چوڻ شروع ڪيائين. گهڻو سير سفر ڪندي، سنڌ جي صوفين، درويشن، بزرگن ۽ فقيرن جا تڪيا به ڀيٽيائين پير ڳوٺ ۾ سيد علي گوهر شاھ ”اصغر“ ۽ سيد صبغت الله شاھ کي عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا سان گڏ مثنوي مولانا روم به پڙهايائين. کين تصوف جا راز اسرار ۽ رمزون به سمجهائيندو رهيو. 16 ذوالقعد 1689ھ مطابق 18مئي 1872ع تي راھ رباني ورتائين کيس گورنمينٽ هاءِ لڳ روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو دفنايائونس.
    پاڻ قادري طريقت ۾ شاھ عنايت صوفي جهوڪ واري جو مريد هو ۽ مير جان الله شاھ جو خليفو پڻ ٿيو. شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”بيدل“ تخلص سان انهن زبانن ۾ طبع آزمائي ڪيائين خاص ڪري سنڌي زبان ۾ ”ڪافيءَ“ جي پختي پيڙ، ٻڌائين ازاسواءِ ”هيرانجهو،“ ”سسئي پنهون،“ ”نوري ڄام تماچي“، ”عمر مارئي،“ ”سهڻي ميهار،“ ” مومل راڻو،“ ”يوسف زليخان،“ ۽ ”شيرين فرهاد“ جهڙن مشهور رومانوي داستانن تي پڻ تمثيلي شعر چيو اٿس، جنهن ۾ واقع نگاري قدرتي ۽ انساني حسن جي تصوير خيالي قوت، عبادت ۽ ضايع وبدايع وغيره ۾ ڪمال درجي تي نظر اچي ٿو. سندس نظريو ”مجازي عشق“ مان ”حقيقي عشق“ حاصل ٿيڻ آهي. سندس عزلن تي مشتمل ”ديوان“ به جوڙيل آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ1954ع ۾ شايع ڪيو آهي. محمد محسن ”بيڪس“ نالي هڪ پٽ به هوص، جو پيءُ جي مرڻ کان پوءَ عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو. هو پڻ سندس جيان بهترين شاعر هو. هيئن بيدل رحمت الله عليه جي ڪافي نموني طور ڏجي ٿي.
    رات مون ڏي مارن جو، نئون نياپو رايو،
    ڏکيو ڏورايو آيو،
    جسماني جي ڪوٽ ۾ رکيڻي رهڻ جو آيو.
    ملڪ مارن جو نت بيهاريو، تو ڪيئن چتور چايو
    ويڙهيپن ڏانهن وڃي ايڏانهن، تو ڪيئن خيال مٽايو
    مارن ريءَ هنن ساڙن ۾ تو ڇا سان هن پرڀايو
    هت سنڀارن سانگي توکي، هٿ ڪنهن سانگ رهايو
    ڪيهي سان تو، هن ڏينهن ڏينهون ڏور ڏسايو
    ور ساڙيه ڏي سگهڙو، ”بيدل“ اٿي سنر ڪر سعيو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رحمت الله عليه

    بهترين ونڊ آهي ادا سنگت سان

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
     
  3. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ادا مهرباني جو اوهان هڪ قادرالڪلام شاعر تي ڪجهه لکيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو