اڄوڪو ڏينهن 3 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 3 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    3 جون 1903ع شاعر سامي امرتراءِ جئي سنگهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 جون 1908ع صحافي ۽ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 جون 1931ع شاعر اسماعيل بن واصف (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جون 1939ع ليکڪ آغا شهاب الدين جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 جون 1952ع شاعر شمس الدين صابر جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جون 1953ع ليکڪ قاضي قمر (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 جون 1954ع شاعر دين محمد دينل (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جون 1959ع سياستدان زاهد علي ڀرڳڙي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    3 جون 1966ع ڪرڪيٽر وسيم اڪرم جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    3 جون 1862ع اسڪالر آخوند محمد بچل جو لاڏاڻو ٿيو.
    3 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد سليمان واعظ جو لاڏاڻو ٿيو.
    3 جون 1982ع شاعر، محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عطا محمد حامي (خيرپور) وفات ڪري ويو.
    3 جون 1989ع مذهبي اڳواڻ ۽ انقلابِ ايران جي رهنما آيت الله خميني جو لاڏاڻو ٿيو.
    3 جون 1998ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جو انتقال ٿيو.
    3 جون 2003ع اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.
    3 جون 2005ع راڳي ٻڍو فقير انتقال ڪري ويو.
    3 جون 2020ع محقق، ليکڪ، مترجم ۽ سنڌ جو عاشق عطا محمد ڀنڀرو لاڏاڻو ڪري ويو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو