
خبر آ ته سعودي شهزادي فهد الفيصل ڊگري ملڻ جي خوشي ۾ پئرس جي ڊزني لينڊ ۾ دوستن کي ڏيڍ ڪروڙ يورو جي پارٽي ڏئي ڇڏي۔۔شهزادي فهدالفيصل معاشي بحران ۾ گهريل فرانسيسي عوام کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو۔۔۔ جڏهن هن ڊگري ملڻ جي خوشي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊزني لينڊ بڪ ڪرائي ۽ پنهنجي 60 دوستن سان گڏ خوب موج مستي ڪئي ۔۔۔ شهزادي ۽ ان جي دوستن ۽ مهمانن لاءِ خاص طور تي ڊزني ڪيريڪٽرز لباس تيار ڪيو ويو هو۔۔ جڏهن ته ٽن ڏينهن تائين ڊزني لينڊ ۾ اسپيشل سيڪورٽي گهرائي وئي هئي۔۔۔
ٿيم پارڪ جي انتظاميه مطابق سالانه هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهون هن پارڪ جو وزٽ ڪندا آهن پر پوين 20 سالن ۾ ڊزني لينڊ ايترو منافعو نه ڪمايو جيترو هنن ٽن ڏينهن ۾ ڪمايو ويو آهي۔۔۔
شهزادي جي هن شاهه خرچي جي خبر پوري يورپ جي ميڊيا تي هنن ڏينهن ۾ بحث هيٺ آهي۔۔۔