ادا منهنجو مطلب آهي ته ڪو دوست سنڌ سلامت جو رڪن آهي پر ان کان پنهنجو پاسورڊ وسري ويو آهي ته هاڻي اهو ڪيئن هٿ ڪجي۔
جيڪڏهن اوهان سنڌ سلامت پاسورڊ وساري ويٺا آهيو ته پريشان نه ٿيو ۔۔۔ هڪ يا ٻن قدمن تي اوهان پاسورڊ پنهنجو پاڻ ئي ٻيهر ٺاهي سگهو ٿا۔ سڀ کان پهرين اوهان لاگ ان ٿيڻ جي ڪوشش ڪيو۔ اوهان وٽ هيٺيون ارر ايندو۔ اتان اوهان ڇا توهان پاسورڊ وساري ويٺا آهيو؟ تي ڪلڪ ڪيو۔ هڪ ونڊو کلندي جنهن ۾ ٻه سوال هوندا ۔۔۔ 1۔ اوهان جي آء ڊي يا ايميل 2۔ تصديق لاء ڪوبه سولو سوال هوندو۔ فارم ڀري پاسورڊ ٻيهر سيٽ ڪريو تي ڪلڪ ڪيو۔ اوهان جي ايميل تي پاسورڊ تبديل ٿيڻ جي لنڪ ملي ويندي۔۔۔۔ اميد ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔