ٿرجي سياسي آسمان تان ارباب شاهيءَجو سج ڪيئن لٿو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    ٿرجي سياسي آسمان تان ارباب شاهيءَجو سج ڪيئن لٿو؟
    ارباب عبدالمالڪ
    [​IMG]’سُڻندو‘ ڳوٺ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي سنگم تي واقع آهي، 11 مئيءَ واري رات ڦُلڙا بهه ڳوٺ ۾ سُڻندي جو ڳڀرو جوان اليڪشني سياست جو کاڄ بڻيو. شهادت ماڻيندڙ پ پ حامي راهمون برادريءَ سان تعلق رکندڙ هو. جتي واقعو رونما ٿيو، اهو ڳوٺ نهڙين جو هو. ڪجهه مهينا اڳ سندس عقد واريون رسمون ادا ٿيون هيون. ايئن ٿرپارڪر ۾ ادارن جي بد انتظاميءَ جا جوهر کُلڻ لڳا ۽ ڌڙا ڌڙ ماڻهن تي ’دنبوقن‘ جا مُنهن کوليا ويا. اڳي ٻڌبو هو ته هائجيڪر فقط جهاز اغوا ڪندا آهن، پر ٿرپارڪر ۾ نه صرف پولنگون، انهن جو اسٽاف ۽ بيلٽ باڪس اغوا ٿيا پر هڪ ٻئي جي سوين حامين کي به اغوا ڪيو ويو ۽ ڪو پڇڻ وارو به ڪونه هو. سُڻندي واري ريت تي رت روئڻ واريون اکيون روئندي رهجي ويون. ’پنات‘ ڊاڪٽر ڪمال راهمي جو ڳوٺ آهي. ارباب جي قتل تي ڪمال جا ڀائر صهيب ۽ موسو ٻن ڌارائن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙي جو خيال هو ته مُرشد جو حڪم مڃبو ۽ ٻئي چيو ته مُرشد جو حڪم اکين تي پر هيئن هر سال ڀائرن جا لاشا کڻڻ جو ٺيڪو پاڻ ڪونه کنيو آهي. صهيب-موسو ڪلچر الاهي سارن ڳوٺن تي اثر انداز ٿيو ۽ ٿر جي ماڻهن پنهنجي مئنڊيٽ کي اغوا ڪندڙن کي چئي ڏنو ته: اوهان کي به اهي اُرهه زورائيون ڦٻڻ ڪونه ڏينداسين. پوءِ هائجيڪرن جو جيڪو حال ٿيو، اهو سڀني ڏٺو.
    ٻي اهم ڳالهه، جنهن ارباب شاهيءَ جي تخت کي لوڏيو، سا هُئي غريب هندوئڙن سان نا انصافيون.... ڪولهين، ڀيلن کان ويندي ٺڪرن ۽ مهاراجن تائين اڪثر آباديءَ کي مذهبي متڀيد ذريعي هيسايو ويو. ”رهو ٿا پاڪستان ۾ ۽ اسان جي سامهون ٿا اليڪشن وڙهو...“ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽ راڻي همير سنگهه اهڙن دڙڪن جو همت سان جواب ڏنو، جنهن سان گڏ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻيءَ به گجگوڙ ڪئي ۽ ارباب شاهيءَ جو خوف ٿرين تان لٿو. ٽئين اهم ڳالهه، جنهن ارباب غلام رحيم کي زمين تي لهڻ ڪونه ڏنو، سا هئي نُونن ۽ نهڙين جي مڳي..... صاحب! ڪنهن ايري غيري نٿو خيري جي مجال آهي، جو اهي توهان سان مهاڏو اٽڪائي سگهن..... ارباب صاحب نه ته پير سائين پاڳاري جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ ڏهه جماعتي الائنس جو حصو بڻيو ۽ نه وري تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندي به مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جي ڪنهن جلسي ۾ شريڪ ٿيو، ارشاد فرمايائين ته، سڀ اسان وٽ لنگهي اچن پيا ۽ اسان ڪنهن وٽ به ڪونه پيا وڃون. غوث بخش مهر ۽ ڄام مدد جي سربراهيءَ ۾ پير سائين پاڳاري جا سفير بار بار آيا پر حمايت فقط حاجي سراج جي پُٽ جي ڪيائين ۽ بدلي ۾ يونس سائينءَ جا مٺي، ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ وارا جلسا ملتوي ڪرائڻ لاءِ وڃي راجا هائوس پهتو. ڊگهڙيءَ جي تڪ تان نون ليگي اميدوار کي پنهنجي لختِ جگر جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ نواز شريف جي ننگر ٺٽي واري جلسي کي خطاب ڪرڻ جي به سعادت حاصل ڪيائين. اهي اڏامون اليڪشن جي آخري ڏينهن واريون هيون. ٻيلي! توهان ته ڪنهن جي در جي حاضريءَ کان نابري واري ويٺا هُئا، هاڻ ته هر هنڌ حاضر آهيو، آهي ته خير! نڪو ٿا ستيتاليهه سيٽن تي ايم پي ايز جي اُميدوارن کي ايڊجسٽ ڪرايو ۽ نِڪي وري 18 ايم اين ايز جي اُميدوارن لاءِ حمايت ٿا وٺو. ٿر ۾ اڌو اڌ غير مُسلمن جا ووٽ آهن، توهان جي پئنل تي ڪو هڪ به هندو اُميدوار ناهي، ته راءِ عامه ۾ اوهان لاءِ همدردي ڇو پيدا ٿئي؟ توهان جي خود اختيار جلاوطني ختم ٿي ته توهان ’ق‘ ليگ کان رستا ڌار ڪري هم خيال جا مرڪزي صدر بڻجي لاهور تشريف فرما ٿيا. ٿرين جو وڏو انبوهه اوهان جي آڌر ڀاءُ لاءِ لاهور جي اُوچن بُرجن واري شهر پهتو ته کين ايئرپورٽ کان اورتي روڪيو ويو. ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس وارا چون پيا ته، جئين ته ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ منهاج القرآن وارن موڪل ورتي آهي ۽ سندن ليڊر به ساڳئي وقت پهچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته نعري بازيءَ دوران لا اينڊ آرڊر جو مسئلو پيدا ٿئي، تنهن ڪري توهان هليا وڃو. پرديس ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان اهڙن دڙڪن کانپوءِ ڍاٽين ... ”جتي پُڄڻ ناهي، اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو“ تي عمل ڪيو... اوهان شريف برادران جي سهاري سان وطن ڏانهن تشريف فرما ٿيا پر ايئرپورٽ تي نواز ليگ جو ٻئي ٽئين درجي وارو ڪو ليڊر به اوهان جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڪونه آيو. اوهان گهمڻ هائوس پهتا ته خيرن سان هم خيال مسلم ليگ رحلت فرمائي چڪي هئي. حامد ناصر چٺا وارن اوهان جو ساٿ ڪونه ڏنو. همراهن جوڻيجي ليگ جي تنِ بيجان ۾ رُوح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اوهان ’پيپلز‘ واري نئين نالي سان، بالٽيءَ جي انتخابي نشان سان ميدان ۾ آيا. هاڻ خيرن سان اها پارٽي به نواز ليگ ۾ ضم ٿي چڪي آهي ۽ اوهان صاحب نواز ليگ جا مرڪزي اڳواڻ بڻجي چڪا آهيو. شريف برادران لاءِ اوهان جا ڪلماتِ خير ٻڌي اوس اهي سٽون ذهن تي تري آيون آهن:
    نئون نينهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري.
    اُهي به ڪي ڏينهن هئا، جڏهن اوهان جي واٽر ڪورسن تي ڪنهن صاحب ڇاپا هنيا هئا. رڻ شاخ تي رائيونڊ جو راڻو لٿو هو. جي اوهان کي ارباب امير حسن نه جهلي ها ته اوهان جاتي امراء جي جانيئڙي سان ڏاڍي ڪريو ها. خورشيد شاهه ڪنهن زبردست چئنل جي آشيرواد سان اوهان وٽ ڪهي آيو. ارباب ذڪاءُ الله ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر سميجي جي به خواهش هئي ته ته هاڻوڪيءَ اليڪشن ۾ پ پ سان سهڪار ڪريون ته جيئن اوهان جي زباني ڪلامي لغزشن جو به ازالو ٿئي، ته گڏو گڏ پنج سالا مفاهمتي دور ۾ پ پ پاران ڪيل ڪن چڱن ڪمن جو سُٺو بدلو به ڏجي. لاٽ، بلالاڻي، ملاڻي ۽ عنايت راهمي سان راهه رسم وڌائجي ۽ ٿر ۾ ٻاهرين اُميدوارن واري ڏچي کان به بچجي... پر اوهان جي اڪيلي اڏام کي سائي جهنڊي نه ملي. نتيجي طور اوهان جو سياسي جهاز ٽائيٽينڪ جهڙي انجام کي پهچي چڪو آهي.
    ٿر ۾ هيءَ پنجين اليڪشن هئي، جيڪا گن پوائنٽ ٿي هائجيڪ ٿي. هاڻوڪي اليڪشن لاکڻيون ۽ جيسي جي پار جهڙن ڳوٺن ۾ حبسِ بيجا حوالي ٿيل هئي ۽ اهي ڳوٺ موهن جي دڙي جيان کوٽائيءَ جي دائري ۾ داخل ڪجن ته پڪ سان اليڪشن ڪميشن جا سوين بيلٽ باڪس هتان برآمد ٿي سگهن ٿا. اوهان ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جهڙن آمرن جي ساراهه مان ڍاپو ئي نٿا. پ پ سميت هر جمهوري جدوجهد لاءِ محتاط گفتگو فرمائيندا ڪريو، ممڪن آهي ته ايئن ڪرڻ سان ٿر جي سياسي آسمان تان ارباب شاهيءَ جو لٿل سج ٻيهر به طلوع ٿي سگهي.
    arbaabmalik48@yahoo.com
    ڪاوش
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو مضمون ۔۔۔۔ سٺيون ڳالهيون ۔۔۔۔ اهڙي ئي طرح هن دفعي ٺٽي جي شيرازين جو به سج لهڻو هو ۔۔۔ پر هنن آخري وقت ۾ گڙبڙ ڪري ، ٺپا هنيا ۽ نتيجي ۾ آخري وقت ۾ ڏيڍ سئو يا ٻن سئو ووٽن تان ٽي سيٽون کڻي ويا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخ ۾ پهريون شفاف چونڊون 1 جون 2013 تي ٻيهر پولنگ دوران ٿيون۔ دنيا شاهد آ ته ارباب مڪمل ڪلين سئيپ ٿيا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سليمان ادا
    توهان ڪهڙي بنياد تي شيرازين کي ڌانڌلي طور
    کٽيندڙ چئو ٿا؟؟؟
     
  5. دوست محمد ڌامراه

    دوست محمد ڌامراه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا باغي۔۔ ڇا شيرازين جون ڌانڌليون اوهان کان لڪيل آهن يا ڄاڻي واڻي اوهان کي نظر نه پيون اچن۔۔؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو