پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ پروفيسر عطا محمد عرف”حامي“ صاحب خير پور لڳ ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ پيدا ٿيا.سندس گهراڻو وچولو ۽ متوسط هو. ننڍڙا زميندار هئا.ذات جا سوهو ۽ سندن لقب ”حامي“هو.اڪثر شاعر پنهنجي پسند جو تخلص رکندا آهن پر انهيءَ تخلص ۽ لقب جي بوءِ به انه ۾ ڪونه هوندي آهي.پر سندس تخلص ”حامي“ حقيقت ۾ سو سيڪڙو صحيح ڏٺو.هو صاحب هر غريب ، امير ، فقير شاهوڪار ۽ پنهنجي ۽ ڌاري ماڻهو جي مدد ڪندو هو. هي دنيا بڇڙائي ۽ برائيءَ سان ڀري پئي آهي پر انهنيءَ دنيا ۾ ڪي نيڪ انسان به آهن جن جي ڪري دنيا باقي آهي.انهن نيڪ ۽ مُخلص انسانن ۾ هڪ سائين حامي صاحب به هو.جنهن پوري زندگي انسان ذات جي خدمت ۾ صرف ڪئي. مون هن سخي انسان سان 10 سال گڏ گذاريا۽ سندن صحبت مان ڪافي ڪجهه پرايو. حقيقت ۾ اسن جو علائقو جيڪب آباد قبائلي آهي ۽ اسان جي چوڌاري ٻروچ قومون آهن جيڪي اڪثر ڪِرمنل ۽ ڏوهاري هيون.انهن جي وچ ۾ رهي پاڻ بچائڻ وڏو مسئلو هو پر اهڙن نيڪ انسانن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري مون ۾ ڪجهه انسانيت آئي. حامي صاحب جي شخصيت تي جيترو لکجي اهو ٿورو آهي.سندس هرپهلو ۽ خوبي تي جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو. سندن حياتي تي ڪافي اهل قلم لکيو آهي ۽ پي لکندا. ٻه اکر لکڻ منهنجو به فرض آهي. محترم محمد علي حداد صاحب سندس حياتي تي تفصيلي احوال لکيو آهي.ڇاڪاڻ ته هن سان تمام پراڻا ۽ گهرو واسطو رهيو آهي.۽ استاد حامي جو ڪافي ڪلام ۽ لئبريري هن جي حوالي آهي.تنهنڪري کيس وڌيڪ معلومات آهي. پهرين ملاقات سائين حامي سان 1962ع ۾ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ ٿي جڏهن آءٌ پنهنجي مُربي مهمان مرحوم ضياءُ الدين ”بلبل“ جو خط کڻي پهتو هوس.ڪمري ۾ هڪ سادو فرشته صفت انسان شاگردن جي ميڙ ۾ ويٺل هو ۽ ٽيبل تي پَن جي ٻيڙين جي ٽوٽن سان ڀريل پليٽ رکيل هئي شاگردن سان محبت جي محفل مچل هئي.آءٌ چند گهڙين ۾ کانؤس ڏاڍو متاثرٿيس. منهنجي خوش نصيبي جي شروعات جي ملاقات 1972ع ۾ ٿي جڏهن آءٌ ليڪچررشپ جو آرڊر کڻي ممتاز ڪاليج پهتس.هاسٽل جي ڪمري ۾ ساڳيو انسان شاگردن جي وچ ۾ ويـٺل هو.ساڳيا خاڪي ڪپڙا،ساڳئي پليٽ ٻيڙي جي ٽوٽن سان ڀريل. مونکي چيائين ته مون سمجهيو ته جيڪ آبادي ٻروچن جهڙو ليڪچرر هوندو.پر تون ڏاڍو مٺڙو آهين.ان ڏينهن کان مونکي ايترو پيار ۽ عزت ڏنائين جو اڄ تائين وساري ڪونه ٿو سگهان. مونکي سنڌي ڊپارٽمينٽ ته حوالي ڪيائين پر هاسٽل وارڊن جي ڪمري ۾ رهائي هاسٽل جو مالڪ ڪيائين. پوءِ سائين جي ڪچهري ۽ صحبت ۾ مون ڪافي پرايو. سائين حامي صاحب جي شخصيت تمام گهڻ پاسائي آهي.ايترين خوبين جو مالڪ هو جو ڪوبه انسان کيس صحيح سمجهي ڪونه سگهيو. مون ناچيز جيڪي ڏِٺو محسوس ڪيو سو هت چند جملن ۾ ذڪر ڪريان ٿو. (1) مذهب: حقيقت ۾ سندس مذهب انسان ذات سان محبت هو.پر تڏهن به ظاهر ۾ سندس مذهب شيعه مسلڪ سان واسطو هو.پاڻ شهداءِ ڪربلا جي واقعي کان ڏاڍا متاثر هئا.پنج تن پاڪ جي ياد سندس سيني ۾ سمايل هئي پاڻ چوندا هئا ته جن مقدس هستين جي تعريف حضور پاڪﷺ ڪئي آهي. انهن جي تعريف نه ڪرڻ بغض ، ڪدورت ۽ منافقي کان سواءِ ڪجهه نه آهي.پاڻ شيعي هجڻ جي باوجود حنفي سُنين سان پيار ڪندا هئا ۽ نماز اهل سنت جي طريقي سان پڙهندا هئا. خاصطور نماز عيد پنهنجي سڄي قبيلي کان الڳ سُنين سان پڙهندا هئا. انهي روش سبب ڳوٺ جا سڀ ماڻهو کيس پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ عزت ڪندا هئا. هڪ دفعي آءٌ کانؤس پڇيو ته سائين ماتم ۽ جلوس جي حقيقت ڇا آهي؟پاڻ چيائون ته بابا ماتم ۽ ڏک دل ۾ هجي ظاهري ماتم صحيح نه آهي.وڌيڪ وضاحت ڪيائين ته ڪٽڙو ۽ تنگ نظر مڻهو حسينيت جي نظريي کي سمجهي نه سگهيا آهن. اُهي جلوسن کان چڙندا آهن تنهنڪري ڀَل چڙن ۽ سڙندا رهن. سائين حامي صاحب هر عالم جي عزت ڪندا هئا پوءِ هو ڪهڙي به فرقي سان واسطو رکندڙ هجي. سندن چوڻ موجب ته هو اسان کان ڀلارا آهن. حامي صاحب جهڙو فراغ دل ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ٻيو انسان نه ڏٺو.پاڻ اهڙن مُلن جي خلاف هئا جيڪي دين جي آڙ ۾ نفرت پيدا ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي مذهب باري ۾ فرمائن ٿا: ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪلفت نٿا رکون مذهب اسان جو آ محبت خدا گواهه (2) شاعري: بحيثيت شاعر ۽ اديب حامي صاحب تي فني تجزيو ته منهنجي وس کان ٻاهر آهي. انتي وڏا شاعر جهڙوڪ توير عباسي وغيره ڪري سگهن ٿا. باقي اسان جي نظر ۾ سندس شاعري ايتري سادي ، سلوڻي ، پياري ۽ نصيحت سان ڀريل آهي.جو عام آدمي به ان مان فيض حاصل ڪري سگهي ٿو. حامي صاحب کي شاعري تي ايترو عبور هو ۽ اهڙي ذات هئي جو هو صاحب ڪنهن به موضوع تي سٺو لکي سگهندو هو. محفل ۾ ويٺي سٺو شعر تيار ٿي ويندو هو سندس پراڻا دوست چون ٿا ته هڪ دفعي امتحاني سڄو پيپر شاعري ۾ حل ڪري آيا. حامي صاحب جي چيل شاعري ، ڇپيل شاعري کان تمام گهڻي آهي.حامي صاهب جا پراڻا شاگرد محسن شاهه، محمد رمضان ۽ ڊاڪٽر شوق چون ٿا ته صبح جو جڏهن سائين جي ڪمري ۾ ويندا هئاسين ته سڄا ڪاغذ شاعري سان ڀريا پيا هوندا هئا. ڪڏهن ته ڀتيون به ڪاريون هونديون هيون. کيس شعر جو قدر اوتري تائين هوندو هو جيتري تائين محفل ۾ پڙهيو وڃي ان بعد ڪاغذ ٻين جي حوالي ٿي ويندو هو.جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وڃي ته انهن محفلن ۽ مشاعرن جي رڪارڊ تان ڪجهه مواد هٿ ڪري سگهجي ٿو. حامي صاحب تمام سٺا ۽ وڏا شاعر ۽ اديب هئا سندس ڪم کي ڏسڻو آهي ته سچل سرمست جي ڪلام تي ٿيل محنت کي ڏسي سگهجي ٿو. سائين جي محنت اسان ڏٺي جڏهن ٿوري عرصي ۾ خيرپور تي وڏي ٿيسز لکي. روزانو 5، 10 ڪتاب پڙهي اتان تت ڪڍندا هئا ۽ ان جي تسلي لاءِ خيرپور جي هر ڳوٺ ۾ وڃي اتان جون رسمون ريتون ، لباس ، زيورات ۽ رهائش ۽ قومن جي اٿڻي ويهڻي قلم بند ڪيون. خيرپور جي سروي ڪري درگاهون ۽ قديم آٿار تي مڪمل ريسرچ ڪئي. سائين حامي صاحب وڏن ۽ سٺن شاعرن جي عزت ڪندا هئا پر عام شاعرن جي عمل ۽ لالچ ڏسي تنگ ٿي پنهنجي فرزند ڊاڪٽر نصير کي شاعري ڪرڻ کان منع ڪئي.سائين جي مداحن ۽ دوستن کي گهرجي ته سندن ناصحانه ۽ قومي شعور وارا شعر ڪورس ۾ شامل ڪرائن. جيئن ايندڙ نسل جي قومي سجاڳي ۽ غيرت ۾ اضافو ٿئي رباعيڌاڙو ٿو لڳي گهر ۾ ڏسون ٿا يارو لُٽجون ٿا مگر ڪين ڪڇون ٿا يارو غيرت جو اهو حال اسان جو آهي نڪ پنهنجو وڍائي به جيئون ٿا يارو (3)حامي جي حمايت: مون ناچيز جي نظر ۾ حامي صاهب جي هزارخوبين ۾ هي حمايت ۽ مدد واري خوبي سڀني کان مٿڀري آهي.سندس مدد ، ساٿ يا ٽيڪ _يڻ جي خوبي ٻين خوبين کان نرالي رهي.ڇو ته هرڏکي ۽ مجبور انسان سان مدد ڪرڻ سندس شغل ، وندر يا پيشو هو.انهيءَ ۾ غريب امير پنهنجو هجي يا ڌاريو ۽ ذات پات جو فرق هن کان دور هيو.اڪغر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪوبهمجبور ماڻهو ڪٿتي اٽڪي يا ڦاسي پوندو آهي ٿه ڪنهن سرنديءَ ۽ بيٺل دوست جي دروڃي کيس مدد لاءِ چوندو.پوءِ ڪي انهيءَ کي دلاسو ۽ آسري ۾ رکندا.جي چڱو انسان هوندو ته انهيءَ سان نڪري پوندو۽ اڃان ڀلو هوندو ته خرچ جو بار پاڻ کڻندو ۽مجبور جو مسئلو حل ڪرائيندو. پرحامي صاحبجهڙي خوبي ٻي ڪنهن انسان ۾ ڪونه ڏٺي. هن الله لوڪ انسان کي مدد لاءِ به ڪونه چوي صرف کيس خبر پوي ته فلاڻو دوست ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آهي. هو بنا ٻڌائڻ جي سندس ڪم لاءِ نڪري پوندو. پوءِ سندس ڪيترو به خرچ ٿئي ۽ تڪليفٿئي پنهنجي وس ۽ طاقت آهر ڪم ڪري ايندا ۽ معمولي نموني چوندو ته بابا توهان جوڪم ٿي وپيندو. اهڙوته همدرد انسان هجي ته مونکي ٻڌايو ته آءٌ ان جا پير چميان.اهڙا واقعا مون ڪافي ڏٺا جيڪي بيان ڪرڻ کان مٿي آهن.خود مون سان اهڙي همدردي ٿي ۽ ٻين پروفيسرن ۽ دوستن سان ٿي.هڪواقعو نموني طور لکجي ٿو. سندنڳوٺ ۾ ڪافي قومون رهن ٿيون. انهن مان هڪ نوجوان روزگار سانگي ڪراچي رهندو هو.اُتان هڪ نوجوان ناري کڻي ڳوٺ پهتو. پر مائٽن انهيءَ عمل کي ننديو ۽ حامي صاحب جي ڀوَ کان هن کي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيائون. ڪافي عرصي بعد اهو ستايل انسان نوجوان جي ايڊريس هٿ ڪري سائين حامي صاحب جي دوست کان ٻه اکر لکرائي حامي صاحب سان مليو.هاڻي دوست جي چٺيءَ جو قدر ڏسو.انهي ستايل مهمان کي اوطاق تي عزت سان رهائي . انهي ڪيس جي پوئواري ڪئي. اهو نوجوان ڳوٺان نڪري نواب شاهه ضلعي ۾ رهيو.جتان ناري ڦرائي ويٺو ۽ پوءِ ناري ڪنهن نئين ڌر وٽ وڪامي وئي.تقريبن ٻنمهينن جي جفا ڪشي کان پوءِ اصل پارٽي وٽ پهچي ۽ وڪريجا پيسا گهران ڀري نياڻي کي عزت سان پيءُ حولاي ڪيو. اهو مثال انهي ڪري ڏنو ته قارئين اهڙو همدرد انسان هن دنيا مان ڳولي سگهن. پاڻ شعر ۾ چون ٿا خالق کي خوش رکڻ جو سليقو اٿئي خادم ٿي عام خلق جو خدمت جي ڳالهه ڪر. (4)سياست: سائين حامي صاهب عملي سياست ۾ به رهيو هو جواني ۾ خيرپور اسٽيٽ جون 1953ع جي چونڊن ۾ حصو وٺي بااثر زميندار کي تاريخي شڪست ڏئي حزب اختلاف جا ليڊر ٿيا پر انهي سياسي دور ۾ ڪڏهن به ڪنهن لالچ ۾ نه آيا ۽ نه وري ڪو سياسي دٻاءُ قبول ڪيو. پروفيسري واري دور ۾ به بلاواسطه سياست سان ان جو تعلق رهيو. سندس سياست جو مرڪز انسان دوستي ۽ سنڌ دوستي رهيو.جيڪو به سياستدان سنڌجي مفادن جي ڳالهه ڪندو هو ان کي پسند ڪندو هو.شروع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي چند اصولن جي مخالفت ڪئي پر جڏهن سنڌي ماڻهو اسلام آباد ۾ داخل ٿي نوڪريون ڪرڻ لڳا ته ڏاڍا خوش ٿيا.وري جڏهن ڀٽو مرحوم کي هڪسنڌي سمجهي ڦاسي ڏني وئي ته هو هميشه لاءِ آخرتائين ڀٽو فيملي جا شيدائي رهيا. اهو دور اسان سنڌين لاءِڪارو دور ۽ عذابن جو دور هو انهي دور ۾ حامي صاحب قومي سجاڳي جو ڪلام چيو ۽ انهي دور ۾ ملٽري ۽ ان سان مليل IJI، مُلن جي خلاف ڪافي ڪلام چيو محفلن ۽ ڪچهرين ۾ قومي شعور اُجاگر ڪيو. مُلن ڪا ڪٽڪ ڪيئن نه اچن ٿا ڪاهي فتويٰ ٿا ڏين، ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي نعرو ٿو هڻي حق جو تڏهن اي ”حامي“ منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي اڳتي هلي شهيد بينظير لاءِ لکن ٿا. ڪمزور نياڻي کان ڊڄي ٿي جنتا هڪ نار نماڻي کان ڊڄي ٿي جنتا حربا ته هزارين ٿي هلائي ليڪن هن راڄ ڌياڻي کان ڊچي ٿي جنتا سائي حامي صاحب آخر تائين پيپلز پارٽي سان رهيا ۽ ان ڪاري دور ۾ پيرپاڳارو ۽ غوث علي شاهه کي صاف انڪار ڪيو. سندس تعلق ۽ پيار قائم علي شاه سان رهيو. هو صاحب به اڃان تائين پوين سان نڀائي ٿو.خاص طور جڏهن حامي صاحب علاج لاءِ ڪراچي اسٽيشن پهتا ته قائم علي شاهه مفرور ۽ ڀڳوڙي جي هالت ۾ سائين سان لڪي لڪي ملاقات ڪئي ڇاڪاڻ ته ان وقت ضيا جا ڪُتا کيس سخت ڳولا ڪري رهيا هئا. (5)سخاوت: استاد حامي سخي انسان هو. پنهنجي وس ۽ طاقت آهر هو نرالو سخي هو. سخي انهي ڪري چوان ٿو ته هن جي سخاوت جي ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي.جن کي خبر هوندي هئي اهي چون ٿا ته سندس سخاوت پيار ۽ عزت و احترام سان ٿيندي هئي.سندس سخاوت غرب پاڙيسري ۽ شاگردن لاءِ مخفي هوندي هئي.ڪافي غريب شاگردمختلف شهرن ۾ سائين جي ڏنل اسڪالر ۽ مدد سان پڙهندا هئا.ڪڏهن ته هن جي سخا سان ڏنل وائيٺل معتبر انسان به فائدو وٺندا هئا. آءٌ سائين سان گڏ هاسٽل ۾ رهيو آهيان مهيني جي مقرر تايرخن تي ٻه چار معتبر مهمان ايندا هئا.جن جي پوشاڪ اسان جي پوشاڪ کان وڌيڪ بهتر هوندي هئي. مونکي چوندا هئا ته بابا مهمان آيو آهي بورچي کي چڱي ماني جو آرڊر ڏي. مهمان کي ماني چانهه کانپوءِ حال احوال وٺي پاڻ هنن سان ٻاهر روڊ تائين ويندا هئا ۽ رستي ۾ هن کي پيسا ڏيئي موڪلائيندا هئا. ڪجهه مهينن جو اهڙو حال ڏسي آءٌ همٿ ڪري کانؤس پڇيو ته سائين اهڙن ماڻهن کي خير ڏيڻ ٺيڪ نه آهي.هو اسان کان به وڌيڪ آسودا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاڻ فرمايائون ته بابا ضرورت کان سواءِ ڪير سوال ڪندو آهي. ڇا تون ڪنهن وٽ سوالي ٿي ويندين. وڌيڪ چيائون ته ميويدار وڻ جو ڪم آهي ميوو ڏيڻ اهو نه سوچيندو تهمنهنجو ميوو ڪو ڀلو ماڻهو کائي ٿو يا بُرو ماڻهو کائي ٿو. مطلب ته سائين ڪو وڏو جاگيردار يا سرمائيدار ڪونه هو جو ڪنهن کي لک بخشي ڇڏي پر سندس ڏنل هڪ روپيه به ٻين جي لکن کان مٿي هوندو هو. پاڻ چون ٿا ڪر خير دعا کٽ اي سخي يار الهه لڳ آرزدهه نگاهن ڏي نگه دار الهه لڳ (6)امن پسند: سندن حياتي جي هر پهلو ۾ لفظ حامي جي جهلڪ نظر ايندي.پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي تڪليف نه ڏني.۽ نه وري ڪنهن جي خلاف وڃي ڪنهن تي رپورٽ ڪئيالبته غلط ڪم کي غلط چئبو.ڏاڍ ۽ زورکي ضرور ننديو. پاڙي جا ٻروچ قومون سندس حق گوئي تي ناراض ٿي سندس ڳوٺاڻن کي تنگ ڪندا هئا پر جواب ۾ ڪنهن تي به حملو نه ڪيو ۽ نه رپورٽ ڪئي. پراڻي دور ۾ سندس حق گوئي تي هڪڌاڙيل ۾هرم جانوري کيس مارڻ ۽ ڳوٺ تي حملي جي ڌمڪي ڏني.پر سائين ڳوٺ وارن کي خبردار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو آخر ماڻهن جي شرمائڻ تي ۽ حامي سائين جي حيثيت معلوم هئڻ تي اهو بدنام ڌاڙيل محرم جانوري هاسٽل ٻاهران اچي معافي ورتي.جنهن کي سائين معاف ڪري ڇڏيو. هڪ دفعي سندس ڀاڻيجي کان موٽر سائيڪل ٻروچن ڦُر ڪئي پوليس اصل رهزن پڪڙي کيس ڏاڍي مارڪٽ ڪئي سائين ٿاڻي تي وڃي انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سختي ڪرڻ تي ناراض ٿيا. صوبيدار چيو ته سائين هنن ماڻهن کي اسان سڇاڻون ٿا صرف هڪڏينهن جي مهلت ڏيو. ٻي ڏينهن جڏهن صوبيدار رهزن جي لڄ تي حملي جي ڌمڪي ڏني ته هن هڪدم چيو ته منهنجي عزت ۾ هٿ نه وجهو گاڏي فلاڻي کوهه ۾ پيل آهي.اهڙا مثال سوين ملندا جن ۾ سائين پنهنجن مخالفن کي به معاف ڪندا هئا. دشمن به اڱڻ تي اچي ويندو آ بخشائي سڀئي ڏوهه بچي ويندو آ (7) مهمان نواز: اسان جي سٻاجهي سنڌ ۾ مهمان نوازي سڀني قومن کان مٿاهين آهي.انهي خوبي سبب بُري ۽ ڀلي مهمان جي تميز به ڪونه ڪن.ڪڏهن ته گهر به ڦرائي ويهن. 1947ع ۾ نون آيل مهمانن جي تمام گهڻي خدمت ڪيائون انهن لاءِ خوشيون ناچ گانا ۽ نوان گيت چيائون. ”پناهگير پرديسي ڀلي ڀائر آيا“ پاڻ بکون ڪتي انهن کي کارايائون . پاڻ جهوپڙين ۽ ڪکائن گهر ۾ رهي انهن کي هندو ڀائرن جي پڪن گهرن ۽ محلاتن ۾ رهايائون. نتيجو اهو نڪتو جو مفت۾ مليل زمينون ۽ گهر وڪڻي وڏن شهرن ۾ آباد ٿيندا رهيا.۽ اتان سنڌين کي تڙي کين مهاجر ڪيائون. حامي صاهجب جي مهمانوازي ته ٻين کان وڌيڪ نرالي هئي.سندس اوطاق تي هميشه ٻه ٽي مهمان هوندا هئا.سندس ڳوٺ خيرپور کان پاسيرو هيو تنهنڪري وقت ضرورت لاءِ گهر ۽ اوطاق ڪڪڙن سان ڀريل هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته مهمان ٻڌائي ڪونه ايندا آهن ۽ ڪنهن به وقت اوچتو اچي وڃن پوءِ انهن جي خدمت سبزي کير مکڻ ۽ لسي سان گڏ اهي ڪڪڙ به مدد ڏيندا هئا.جنهن ڏينهن مهمان نه آيو ته کيس مزو نه ايندو هو.مهمان جي خدمت کانسواءِ تمام وڏي عزت ڪندا هئا. مهمان ڪهڙو به هجي عزت ۽ مان وٺي ويندو هو. خبر ڪهڙي ڏيان اي دوست ” حامي “ وٽ هلي ڏس تون تڏي تي دل جي دشمن تان به هو قربان ٿيندو آ. (8) پاڙيسري: استادحامي جو پاڙو تمام وسيع هو.خيرپور ضلعي ۽ انکان ٻاهر سڄي سنڌ سندس پاڙو هو.پر خاصطور سندس ڳوٺ جنهن ۾ ڪافي ذات جا رهواسي هئا.اهي سڀ کيس پنهنجي مائٽن کان وڌيڪ پيارا هئا. انهن جي ڏک سک شادي غمي ۾ هميشه شريڪ ٿيندا هئا.ايتري تائين جو پنهنجن عزيزن کي ڇڏي عيد نماز ڳوٺ وارن سان پڙهندا هئا. ڳوٺ جي فيصلن ۾ ڪنهن سان به فرق نه ڪندا هئا. ڪافي دفعا ڳوٺ وارن کي ترجيح ڏيندا هئا. هڪدفعي ننڍي نوڪري لاءِ ڪاليج ۾ سندس ڀاڻيجي ۽ غريب پاڙيسري درخواستون ڏنيون پاڻ پنهنجي ڀاڻيجي کي سمجهايو ته بابا اوهان کي ٻني ٻارو آهي. اوهان دست بردار ٿيو ته اُن کي نوڪري ڏيارجي.اهڙن روين ڪري سڄي ڳوٺ وارا پنهنجو وڏو ۽ سربراهه سمجهندا هئا. استادحامي جي پهرين ٻارهي (ورسي) تي مائٽن پاڻ ۾ چندو ڪري بندوبست ڪيو جڏهن ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته ڏاڍا ڏُکارا ٿيا.۽چيائون ته اوهان زيادتي ڪيو ٿا. سائين اسان جو ابو هو. سندس ورسي اسان ملهائينداسون. اهڙي طرح ڪنهن ڇيلو ڏنو ڪنهن حصو ڏنو ۽ گڏجي مائٽن سان وڏي پئماني تي ورسي ملهايائون. هاڻي سالياني ورسي سرڪار طرفان ملهائي ويندي آهي. (9)سادگي: سادگي سٺي انسان جيسونهن هوندي آهي. استاد حامي جي سادگي هميشه لاءِ لازوال هئي. مون 1962 ۾ کيس ڏٺو وري 1972 ۾ ساڳي خاڪي پوشاڪ ۽ قائد اعظم واري ٽوپڇي ڏٺي. سندس ايڏو وڏو نانءُ ، عزت ۽ شهرت هوندي ڪڏهن به سائين حامي ۾ وڏائي نه ڏٺي.جڏهن ڪو بحث هلندو هو ته سائين اڻ واقف ۽ اڻ ڄاڻ وانگر حصو وٺندو هو ۽ غلطي جي درستگي به سادگي سان ڪندا هئا.جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ڦني خان ثابت ڪندو هو ته کيس کلندي اهڙا جملا چوندا هئاجو اڳئين جو پگهر نڪري ويندو هو. مثال طور هڪ دفعي جيڪ آباد ٽائون حال ۾ وڏو مشاعرو هو. فيضبخشاپوري چيو ته هاڻي اوهان کي رباعي ٿو ٻڌيان. حقيقت ۾ اها رُباعي نه هئي سائين حامي صاهب اٿي چيو ته اوهان فرمايو ته رُباعي ٻڌائيندس سا رباعي ٻڌايو.فيضصاحب منجهي پيو ۽ شرم کان وڃي ڪرسي تي ويٺو. ممتاز ڪاليج ۾ هڪ سيد ذات جو ليڪچرر ٿي آيو.جيڪو وڏيري سان گڏ ٿورو سياسي ماڻهو به هو.سو انهي انداز سان پئي ڳالهايو سائين کلندي کانؤس پڇيو ته بابا فلاڻي سائين جي ٽِڪري (جُوا جي) هلي ٿي يابند ٿيوئي اهي الفاظ ٻڌي سندس پگهر نڪري ويو. کيس هميشه خاڪي رنگ جا ڪپڙا هوندا هئا پهريون دفعو جڏهن مونکي ڳوٺ ۾ هڪ سادي ۾ شريڪ وٺي وڃي رهيو هوته مونکي موٽر سائيڪل جي پٺيان وهاري مونکي چيائين ته ڪپڙو کڻي ويڙهي ڇڏ.ڳوٺ جو رستو ڪچو هو.۽ ڳوٺ تائين مٽي ۽ ڌوڙ ۾ رنڱجي وياسون. پوءِ چيائين ته بابا خاڪي رنگ جا ڪپڙا انهي ڪري ڪندو آهيان جڏهن ڳوٺ جو روڊ ٺهيو ته اڇي رنگ جا ڪپڙا پائڻ لڳا. سندس گاڏي موٽر سائيڪل وڏي هيلي ڪاپٽر نما هوندي هئي.جنهن جو نمبر 5012 هو. پاڻ نمبر پليٽ جي ٻڙي تي هٿ رکي تشبيهه ڏيندي چيائون ته بابا 5 ۽ 12 جي وچ ۾ ڪجهه نه آهيان.مطلب ته هن وٽ هميشه نهٺائي ، نوڙت ۽ نيازمندي سندس زندگي جو زيور هو. اولاد: جهان جو سلسلو اولاد آدم جي وڌڻ سان هلي ٿو. استاد حامي جا ڀائر ۽ ڀيڻ توٽل پنج هئا ۽ سندس اولاد به پنج هو.جن مان هڪ پٽ ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو ٻه جواني ۾ ڌيءَ ۽ پٽ اوچتو هليا ويا باقي ٻه ٻار هڪ پٽ ڊاڪٽر نصير احمد ۽ نياڻي آهي. سائين جي وڏي پٽ ضمير احمد جي وفات صدمو والدين ۽ عزيزن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مونکي ٿيو.ڇاڪاڻ ته سندس وفات منهنجي رهائش ۾ ٿي . سائين حامي صاحب وڏو پٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ مون وٽ رهايو هو. سندس پڙهائي آرام سان هلي رهي هئي ضمير احمد مون سان گڏ ممتاز ڪاليج جي بنگلي D-9۾ هڪ جدا ڪمري ۾ رهيل هو اوچتو هڪ شام ماني کانپوءِ ٻه التيون ڪيون ۽ بخار تمام وڌي ويو سڀ ڪالوني جا پروفيسرمرحوم احمد علي ميمڻ ، محمد هارون، نثار احمد ، محمد رمضان اعواڻ ۽ ٻياگڏ ٿي ويا ترت علاج ٿيو پر ڪوبه فرق نه ٿيو آخر فيصلو ٿيو ته سائين حامي کي گهرائجي . سائين آيو ۽ سندس پيارو شاگرد ڊاڪٽر شايد سندس نالو طالب شيخ هو کي گهرايو ويو.هن ترت علاج ڪيو ۽ چيائين تهکيس ڪنهن به اسپتال ۾ کڻي وڃڻ جي تڪليف نه ڪيو ۽ اتي به ساڳيو علاج ٿيندو.انجيڪشن کانپوءِ کيس آرام اچي ويو سڀني سمجهيو ته کيس ننڊ اچي وئي آهي.حامي صاحب سان تقريبن 15 پروفيسر گڏ ڪمري ۾ مشغول ٿي ويا رات گذرندي رهي ۽ ڪچهري ٽهڪن سان هلندي رهي مان مرحوم ضمير جي پيراندي کان ويٺل هئس. منهنجي نظر مرحوم جي چهري تي هئي.آخر منهن مان ساهه کڻڻ دوران ڦوٽا نڪرندي نڪرندي بند ٿي ويا. مونکي وهم ٿيو پيرن تي هٿ رکي ڏٺم ته بلڪل ٿڌا هئا.خبر نه پئي بغير سوچ سمجهه اُٿي سندس منهن تي هٿ رکي ڏٺم ته ساهه بند نظر آيو. اوچتو سائين حامي هڪل ڪئي باباخير گهر ضمير کي مس آرام آيو آهي.ان وقت کان پوءِ تقريبن ٻه ڪلاڪ منهنجي لاءِ موت هئي ٻاهر نڪري ويم دل ايترو ڌڙڪي پئي ڄڻ جلد ٻاهر نڪرندي ڪجهه دوست ٻاهر آيا تن سان ڳالهه ڪئي. ڪنهن کي به همٿ ڪونه هئي ته سائين کي حقيقت ٻڌائين. نيٺ فيصلو ٿيو ته ساڳي ڊاڪٽر کي گهرائجي. صبح اذان کان اڳ ڊاڪٽر آيوکيس جي همٿ نه ٿي ۽ گهڻو چيڪ ڪرڻ لڳو . سائين سڀني جي منهن کي ڏسي سمجهي ويو آهي پنهنجي عمر جو ”حامي“ اُجهامڻ تي ڏيو ڇو ته هن تي حاڻ آ وقت سحر پيداٿيو چيائين ته بابا حقيقت ٻڌاءِهي الله جو حڪم ٿيو آهي ته مڃڻو پوندو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته دماغي رڳ ٽٽن سبب ضميراحمد راهه رباني وٺي چڪو آهي. ڊاڪٽر جي ٻڌائڻ بعد ۽ غم جي اظهار سان منهنجي دل جو ڌڙڪو گهٽيو.ورنه شايد مونکي به هلڻو پوي ها. اهڙي طرح هڪ نوجوان جو اوچتو موت جنهن جي تازي شادي ٿي هئي هڪ وڏي المناڪ صدمو هيو جيڪو کلندي کلندي هٿن مان هليو ويو. سائين جي اکين ۾ صرف ڳوڙها هئا ۽ ڪابه دانهن ڪوڪ نه ڪيائين صرف چوندا رهيا ته الله جو حڪم ڪوبه ٽاري نه ٿو سگهي. وفات: هر انسان کي هلڻو آهي سائين جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪمزوري وڌندي رهي نيٺ ڊاڪٽر اميد علي خميساڻي جي زور ڀرڻ تي يورين ٽيسٽ ڪرايائين ته شگر ظاهر ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد وري ٽيسٽ ۾ ڪجهه آثار خراب بيماري جا نظر آيا ۽ ڪراچي وڃڻ لاءِ مشورو مليو. پوين ڏينهن ۾ سائين چوندو هو ته بابا 63 سال پورا ٿيا اها عمر نبي پاڪ ۽ سندس پيارن جي آهي ۽ هاڻي بونس ۾ پيو هلان . هاڻي هلڻ جو وقت آهي.جڏهن ڪراچي جناح اسپتال ۾ ملڻ وياسون ته پاڻ چيائين ته بابا وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جگر ۾ ڪان لڳا آهن جن جو نالو مٽائي هاڻي ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪينسر آهي. اسپتال ۾ هڪ سهڻو سرجن هو جنهن کي سائين چيو ته تنهنجي آپريشن ۾ جي مري به وڃان ته خوش نصيبي سمجهندس ، آپريشن کان ڳوٺ واپس اچي سڀني کان موڪلايو اسپتال ۾ تقريبن مهينو کن هئا پر اسپتال جو ماحول به مٽجي ويو سڀ ڊاڪٽر پريشان ته هي ڪهڙو انسان آهي جنهن سان ملڻ لاءِ سارو جڳ پريشان آهي. لاڳيتا ٻه آپريشن ٿيا ۽ سائين کلندي کلندي راهه رباني وٺي ويو ۽ کلائڻ وارو ماڻهو جڳ کي روئاري ويو. پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ پاڻ رٽائرمينٽ مان مليل پيسن مان ٻه چار ايڪڙ زمين خريد ڪيائون جتي سندس آرام گاهه آهي ۽ ان مٿان سندس فرزند هڪ پڪو ڇپرو ٺهرايو آهي ۽ ان جي گيٽ تي سندس شعر لکرايو آهي شايد حامي سائين انهي وقت لکيو هو حامي هيو جو اڳ ۾ سو حامي مري ويو احباب يار دوست ويس فاتح پڙهي حسن پرست: سونهن هر انسان کي پسند آهي پوءِ ڪو اظهار ڪندو آهي ڪو وري مون وانگر دل ۾ محسوس ڪندو آهي. جنهن شخص حسن پسندي جي حس نه آهي اهو ايبنارمل انسان آهي ڇاڪاڻ ته عربي ۾ چوڻي آهي ته ”الله جميل و يحب الجمال“ جڏهن رب پاڪ به پنهنجي خلقيل سونهن کي پسند ڪري ٿو ته پوءِ انسان ڪيئن انڪاري ٿيندو. استاد حامي هڪ شاعر آهي ۽ هن ۾ حسن پرستي جي حس ٻين کان زياده ۽ نياري آهي پاڻ حسن بابت اظهار ڪن ٿا. شوخ آهيان ڪجهه نه ٿو سمجهان سڄي سنسار کي پر جهڪان ٿو جي ڏسان ٿو حسن جي سرڪار کي استاد حامي صاحب جو به عشق نرالو آهي اهڙو عشق جنهن ۾ ڪابه لوڀ لالچ نه هجي اهڙو عشق عام انسان کان مٿانهون آهي پاڻ فرمائن ٿا عشق جي هر هڪ رمز نرالي راز نياز ٿيندو آ سيخ مکڻ جي پچندي آهي باهه ۾ پارو ٿيندو آ سائين حامي جي عشق هر انسان سان هو جيڪو انهن کي مٺڙو ظالم ۽ ٻين لفظن سان سڏيندو هو. سندس پيار ۽ محبت جي اها انتها هئي جو هر ماڻهو ائين سمجهندو هو ته حامي صاحب صرف هن سان وڌيڪ ٺهيل آهي. پهرين ملاقات ۾ هر ڪو شڪ جي نظرن سان ڏسندو هو پر جيئن جيئن سندس ويجهو وڃبو ۽ قرب ۾ ڪڙبو ته ان شخص جا وهم ۽ وسوسا دور ٿي ويندا هئا ۽ ذهن تي آيل ڪدورت جا پردا پاش پاش ٿي ويندا هئا ۽ سڄي زندگي حامي جي غلامي ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. حقيقت ۾ حامي صاحب جو پنهنجن شاگردن سان پيار پنهنجن ٻچن جهڙو هو.ڇاڪاڻ ته ته سائين حامي کي پٽ جو اولاد ڪافي سالن کان ڪونه هو اها اولاد جي آس پنهنجن شاگردن مان پوري ڪندا هئا.آخر 1955ع ۾ ڪربلا معلا جي زيارت نصيب ٿي جتان رب پاڪ کا نرينا اولاد جي بيک ملي ان بعد کيس ٻه پٽ ضمير احمد ۽ نصير احمد پيدا ٿيا. کيس ماڻهن جي گلا ۽ غيبت مان ڏک بهٿيندو هو.ان جو اظهار هيئن ڪن ٿا افسوس بي گناهه الزام لک لڳا سهڻن کي پنهنجي ڀر ۾ رهيم بُرو ڪيم سائين حامي انهن گندن ذهنن کي وائکو ڪيو جن جو عشق ۽ پيار جو مقصد صرف هوس پرستي هو اهڙن ماڻهن کي سائين بدنام زمانا چيو آهي محبت کي بدنام ، بدنام ڪن ٿا هوس کي ڏين ٿا جي نام محبت
استاد عطا محمد حامي خيرپور جي سدا حيات ۽ دلين ۾ رهندڙ شخصيت ۔۔۔ سندس باري ۾ تفصيلي ليک وڻيو۔ حامي صاحب سچ ته محبتي ماڻهو هيو، جنهن جي دل ۾ نفرت ڪانه هئي۔ ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو