• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو تعارف

شاهد چانڊيو

سينيئر رڪن
منهنجو پورو نالو۔۔۔شاهد احمد
فقير ماڻهو آهيون
سهڻي سنڌ امڙ سان محبت آ
لطيف جا پيروڪار آهيون
سهڻي سنڌڙي جي سهڻي سٻاجهڙي شهر سکر
سان تعلق آهي
زندگي جو ٻيو نالو جدو جهد آ
مان جوئي آهيان سوئي آهيان

نماز روزا پڻ چڱو ڪم،اڃا ڪو ٻيو فهم،
پسين جنهن سان پرين کي،

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
 
ابل شاهد اوهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار اميد ته اوهان هن فورم جي سڀني ساٿين جيان گلڙن جهڙا لفظ ڄاڻ ڀريل ڳالهيون ونڊ ڪندئو
 
ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻُوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي.
WELCOME.gif
ادا شاهد هن سنڌ جي پياري فورم تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪيون ٿا​
اميد ۽ آس آهي ته توهان پنهنجي قيمتي وقت مان هن فورم لا وقت ڪڍي اسان تائين​
ڪي ڳالهيون پهچائيندا ،الله پاڪ اوهان کي خوش رکي ، سدائين آباد هجو​
الله جي امان ۾ ، سدائين گڏ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔​
 
اسلام عليڪم
محترم شاهد احمد سائين
اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو ،
هن اڱڻ کي پنهجن خوبصورت خيالن جي ونڊڻ ،پنهجي بي پناه پاٻوه سڪ ۽ اڪير سان سينگارڻ،۽ جيجل سنڌ جي مشڪلاتن کي حال اورڻ لاء هن فورم جا ساٿي اوهان جي اظهار جا منتظر آهن اميد ته پنهجن جذبن ۽ احساسن کي اسان لاء رهنما بنائيندا،
هڪ چڻنگ گُگُهه اونداه کي روشن ڪرڻ لاء ڪافي هوندي آهي،
اسان عِلمَ جي عَلَمَ کي عَمَل ۾ آڻي،
روشن راه ضرور سگهون ٿا ماڻي ،
بس هٿ وڌندو رهي ،لاٽ ٻرندي رهي،
ساٿ سان ساٿ ۽ سنڌ سلامت رهي
 
اسلام عليڪم سهڻا شاهد احمد۔۔هي سهڻو اڱڻ به مُحبتي ماڻهن جو آهي۔۔سڀ لطيف جا فقير آهيون۔۔ڀليڪار ڪيون ٿا اوهان کي۔۔ ساٿ سلامت رکجو۔۔
 
ڀاء اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي ۔۔۔ سکر سنڌ جو سهڻو ۽ تاريخي شهر، جيڪو سنڌو درياء جي ڪپ تي آهي۔ سکر جا گرم ڏينهن ۽ ٿڌيون راتيون ياد اينديون آهن۔ هن شهر سان سٺيون يادون وابسته آهن۔


welcome-jpg.2489
 
خوبصورت خيالن جي مالڪ محترم شاهد چانڊيو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔
سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء لاء جاکوڙيندڙ فورم آهي۔ هڪ اهڙوآڱڻ جيڪو سڀني کي لکڻ ۽ خيالن جي اظهار جو برابر جو موقعو ڏئي ٿو۔ سنڌ سلامت هڪ اهڙو فورم جتي اوهان لکڻ سان گڏ دوستن جا خيال پڙهي ۽ انهن تي پنهنجا ويچار ڏئي سگهو ٿا۔۔۔۔ اوهان جا خيال پڙهيا آهن۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي لکڻ جو عمل جاري رکندي اسان جي رهنمائي ڪرڻ سان گڏ هتان گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا۔
 
Back
Top