گرمي اهڙو ته ستايو آ جو اصل چڙچڙاهٽ عروج تي آ.... اهڙي صورتحال ۾ عام ڳالهيون ئي گهوماٽي ڇڏين... پر جيڪڏهن ڪجهه بيوقوفاڻا سوال سامهون اچن ته اصل پنهنجن وارن پٽڻ جي نوبت ٿيو وڃي... مثلن..
جڏهن ڪنهن وزني دوست جو پير منهنجي پير مٿان اچي وڃي ۽ اهو پڇي... ”اڙي يار... سور ته نه ٿيئي....“
افففف.... ”نه يار..! ڏاڍو مزو آيو... هڪ دفعو وري رک نه پليز..“
جڏهن ڪو اڌ رات جو فون ڪري ۽ پڇي.. ”اڙي يار ستو پيو هين ڇا...؟“
افففف... ”نه يار.. ! مان ته ليٽي مرڻ جي پريڪٽس پئي ڪئي...“
جڏهن ڪو پي ٽي سي ايل لينڊ لائين تي ڪال ڪري پڇي..”ڪاٿي آهين ادا..؟“
افففف... ”يار مان مارڪيٽ ۾ هان.. فون به ڳلي ۾ لٽڪايو آيو هان...“
جڏهن ڪٽيل وار ڏسي ڪو پڇي.. ”واه .. ڪٽنگ ڪرائي آ ڇا..؟“
افففف.. ”خبر ناهي يار... صبح اٿيس ته وار ڪٽيل هئا...“
هاڻي خبردار جو توهان مان ڪنهن سوال ڪيو آ... منهنجو پارو اڳ ئي گرمي ڪري چڙهيل آ..