اتم کيتي، وڌم واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار مطلب آهي ته کيتي کي اول نمبر، واپار کي ٻئي نمبر، نوڪريءَ کي ٽين نمبر ۽ سوال ڪرڻ کي چوٿين نمبر يعني بيڪاريءَ ۾ شمار ڪيو ويو آهي. چونٿا ته هڪ دفعي هڪڙي زميندار کي ڪا پٿر جي پٽي هٿ اچي وئي جنهن تي ڪا عبارت نقش ٿيل هئي، آزمائش خاطر انهيءَ زميندار تمام گهڻي زمين آباد ڪئي، مگر پاڻ ڪڏهن به پوک جي نظرداري نه ڪيائين، اٽلو عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو. اهو به نه ڏٺائين ته پوک کي ڀاڻ آهي يا نه، پورو پاڻي مليس ٿو يا نه. نتيجو اهو نڪتو جو هو وڏي نقصان هيٺ اچي ويو، اهو حال ڏسي ڪاوڙ ڌاران پٿر کي کڻي زور سان زمين تي سٽيائين، پٿر جي پٽي زمين تي ڪرڻ سان اونڌي ٿي پئي ته پويان هيٺيان لفظ لکيل نظر آيس، جڪي پهريان ڪون پڙهيا هيائين کيتي سر سيتي اهي لفظ پڙهي پشيمان ٿيو ۽ پنهنجي عيش عشرت کان باز آيو ۽ چوڻ لڳو ته ڏوهه منهنجو آهي. پهاڪن جي پاڙ عبدالڪريم سنديلو
سٺي شيئرنگ ۔۔۔۔ پر سائين اڄڪلهه اسان وٽ اهي سڀ ڳالهيون مٽجي رهيون آهن ۽ نوڪري کي اتم سمجهيو پيو وڃي پر اها به سرڪاري نوڪري ۽ ماستري هجي ته پنج ئي آڱريون گهه ۾ ۔۔۔۔