(منهنجي دلبر دوست اعجاز منگي هي تازو آرٽيڪل جيتوڻيڪ ”سنڌ ايڪسپريس“ لاءِ ئي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ان اخبار جو ڪالمسٽ آهي صبح جو هي آرٽيڪل شايد ان اخبار ۾ ڇپيل هجي اعجاز پنهنجو هر آرٽيڪل اخبار جي زينت بڻائڻ کان اڳ منهنجي ”ان باڪس“ تي شيئر ڪندو آهي، جيڪو آئون پڙهي وٺندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڏسو! هن منهنجي دل جي ڳالهه نيٺ ڪري ورتي. هي آرٽيڪل پڙهي مون سوچيو ڇو نه ”سنڌ سلامت“ کي ونڊ ڪيان جيئن پاٺڪ اڀياس ڪري پنهنجي راءِ ڏين:معصوم سنڌي) ``````````````````````````````````````````````````````````````````````````````آخرِ شب ڪي همسفر.......!! اعجاز منگي 2729 اٽيچمينٽ ڏسو هي ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن ديس ۾ رنگين ٽي وي هڪ خواب هوندي هئي. ان دور ۾ موبائل فون ته ڪنهن جي خيال ۾ به نه آئي هئي ۽ قومي سياست سان نظرياتي نينهن ڪندڙ انسان سستي ڪاغذ تي شايع ٿيل رسالا ۽ پمفليٽ ايئن پڙهندا هئا، جيئن ڪوئي قيدي عاشق جيل جي سيخن پويان محبوبا جو خط پڙهي. پر جڏهن انهن جي من جي موڳائي اکرن کان اڳتي وڌي ويندي هئي، تڏهن هو ٽيپ رڪارڊر ۾ ڪائي ڪيسٽ کڙتال وانگر کڙڪائي وجهندا هئا ۽ واليوم جي کر کر کي سيٽ ڪرڻ کان پوءِ يا ته ان تي ابراهيم منشيءَ جو آواز پوري محڪوم معاشري کان سر ۾ اهو سوال پڇندو هو ته:“ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾ ڪير ٻڌائي ٻرندا ڪيسين؟”۽ انهيءَ ڪيسٽ جي ٻي سائيڊ تي ڀريل هوندي هئي، عبدالواحد آريسر جي اها تقرير جيڪا لاڙ يا اتر ۾ منعقد ٿيل جشن لطيف جي موقعي تي ٿيل هوندي هئي ۽ ان تقرير ۾ اسٽيج جي ڀرسان ويٺل ٻارن جي آوازن سان گڏ سنڌ جي قومي تحريڪ جي ابوالڪلام آزاد جي مخصوص لهجي ۾ اهي ٻول ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته “آزادي ڪا ايڪ هي ڍنگ، گوريلا جنگ، گوريلا جنگ” جو نعرو هڻندڙ بلوچ دوست ٻڌائين ته انهن جي قومي تحريڪ اڄ ڪهڙي موڙ تي پهتي آهي؟ باقي اسان ته بلوچن سان تڏهن کان وٺي نينهن نڀايو آهي، جڏهن سسئيءَ پنهونءَ جي پويان ويندي ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏي هئي”پر اڄ جڏهن بلوچستان ۾ گوريلا جنگ پنهنجي جاري رهڻ جي جواز کي تيزيءَ سان وڃائي رهي آهي ۽ ڪيچ سان واسطو رکندڙ بي ايس او جو اڳوڻو اڳواڻ نيشنل پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان بلوچستان جي صوبائي حڪومت جو وڏو وزير نامزد ٿي چڪو آهي، تڏهن سنڌ جي ان قومي تحريڪ کان هو ڪنهن ذاتي ڪچهريءَ دوران اهو سوال اٿاري سگهي ٿو ته “جاري رهندي جاري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي” جا نعرا هڻندڙ سنڌي قومپرست دوست ٻڌائين ته هن وقت به جڏهن سنڌ ۾ اٿاهه اونداهيءَ جا طوفان هلي رهيا آهن، تڏهن اها مشعل ڪٿي آهي، جنهن جا شعلا تاريڪيءَ سان الجهي رات جا وار سنواريندا هئا؟”ڇا هڪ بلوچ اڳواڻ جي اهڙي سوال جو جواب هوندو سنڌ جي ان قومپرست تحريڪ وٽ جيڪا بشير خان قريشيءَ جي شهادت کان پوءِ پنهنجو توازن قائم نه ڪري سگهي آهي. جنهن جو مزاج فزڪس جي بنيادي اصولن مطابق “مرڪز مائل قوتن ۽ مرڪز گريز قوتن” جي حوالي سان مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي. سنڌ جون اهي قومپرست سوچون پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان گريز سبب پنهنجي عمل ۾ پاڪستان جي مرڪز طرف مائل ٿي چڪيون آهن، تڏهن انهن جي اهميت ايتري به ناهي، جيتري هٿيار اڇلائيندڙ انهن ويڙهاڪن جي هوندي آهي، جيڪي پرامن سمجهوتو به ڪندا آهن ته اهڙي انداز سان جنهن انداز سان آمريڪي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪندڙ ريڊانڊين باغي جوزف پنهنجي تاريخي تقرير جي ابتدا انهن لفظن سان ڪئي هئي ته:“جنرل هاورڊ کي ٻڌايو ته مون کي هن جي دل جو پتو آهي. اها ڳالهه مون اڃان تائين پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکي آهي، جيڪا هن آخري ملاقات دوران مون کي چئي هئي. مان هيءَ ويڙهه وڙهندي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. منهنجا سارا مهندار مڙس مارجي چڪا آهن. سخت سردي ۾ ڱڱريل ٻارڙا موت جي هنج ۾ اکڙيون ٻوٽي رهيا آهن. جيڪي پهاڙين جي پاسي هليا ويا آهن، انهن کي نه ته ڪو ڪمبل آهي ۽ نه قوت!! ٻڌو منهنجا دوستو ۽ منهنجا دشمنو! مان هيءَ ويڙهه وڙهندي ٿڪجي چڪو آهيان. منهنجي دل اگهي ۽ اداس آهي. سورج جي هيٺان بيٺي هن پل مان اعلان ٿو ڪريان ته هاڻي کان پوءِ مان نه وڙهندس. ڪڏهن به نه وڙهندس....!!”جيتوڻيڪ اهڙي تقرير بلوچستان جي ڪنهن پهاڙي واديءَ ۾ نه گونجي آهي پر سنڌ جي ان قومپرست تحريڪ ۾ اهڙن ٻولن جو ڪو پڙاڏو نه ٿو گونجي، جيڪا تيزيءَ ساڻ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي رهي آهي. هاڻي ڪو جذباتي سينئر قومي ڪارڪن رات جي بيگاهه پهر ۾ ويهي انهن ساروڻين کي ساري ته ساري جنهن مان ڪو اهڙو ناول به نڪري نه ٿو سگهي، جهڙو ناول قرت العين حيدر بنگال جي ڪميونسٽ تحريڪ جي انتشار تي لکندي، ان جي پڇاڙي وري به ان اميد جي هٿ حوالي ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ سرخ پرچم هو ۽ جنهن کي وري سبز کيتن مان گذرندڙ پيچرن تي سفر ڪرڻو هو. پر ڇا سنڌ جي قومي تحريڪ جو سفر پنهنجي منطقي انجام کي پهچي رهيو آهي؟ ڇا اهو قافلو اهڙي عجيب منزل لاءِ هليو هو، جنهن کي هن وقت ڪو پتو نه ٿو پوي ته “ڪٿان جو سفر آ، ڪٿي پيا هلون؟”ڳالهه صرف ان ترقي پسند پارٽيءَ جي ناهي، جنهن جا لڳ ڀڳ سمورا سينئر اڳواڻ ممتاز ڀٽي جي معرفت ميان نواز شريف جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هي سمورا اڳواڻ جن ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي ان وقت اڪيلو نه ڇڏيو، جڏهن هو خطرن سان کيڏندو هو. جڏهن هو گمناميءَ جا ڏکيا ڏينهن ڏسي روپوش راتين ۾ سمهندو هو. جڏهن هن وٽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائڻ جا پئسا به نه هوندا هئا. پر هو کيس ان وقت ڇڏي رهيا آهن، جڏهن هو سکيو ستابو آهي. جڏهن هن کي ڪوئي خطرو ناهي. جڏهن هو سنڌ جي قومي سياست جي سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري ملڪي سياست جي موڪري رستي جو محفوظ مسافر آهي. پر اصل ڳالهه انهن سمورين قومپرست لڏي جي آهي، جيڪو جتي به آهي، خوش ناهي!!ان قومي قافلي جا مسافر اڄ به انهن اونداهين راتين کي دل جي تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪن ٿا، جيڪا انهن جي شديد رومانس جو پهريون تجربو هئي. هو سڀ جيڪي اڌڙوٽ عمر کان اڳتي نڪري چڪا آهن، سي پنهنجي نوجوانيءَ کي جنهن افسوس سان ياد ٿا ڪن، ان ۾ دل جا داو ڪيتري سچائيءَ سان لڳايا ويا هئا. هو جن جا پير سن جي طرف ويندڙ ويران سڙڪ جي سمورن جهاڪن جهوڪن کان واقف هوندا هئا، هو جيڪي سنڌ جي ننڍڙن ڳوٺن جا ڪيئي رستا ڄاڻندا هئا. هو جيڪي اڪثر خطرن جي هٿن مان ائين ترڪي نڪتا، جيئن ڪائي مڇي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پوءِ آخري ڇلانگ ڏئي وري نديءَ جي لهرن ۾ گم ٿي ويندي آهي. هو جيڪي پنهنجي ديس سان ڪيل واعدو وفا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مٿان بيوفائين جي تهمتن جا بار کڻي هلندا رهيا ۽ ڪنهن راڳ جي محفل ۾ رنا به ته پنهنجن لڙڪن کي لڪائي رنا!اڄ انهن وٽ تلخ لهجن کان سواءِ ٻيو ڇاهي؟ ڇا انهن جي جذبن کي ننڊ ائين نهوڙي رهي آهي، جيئن ماياڪو وسڪيءَ جو اهو آخري نظم، جيڪو آتم هتيا کان پوءِ هن جي کيسي مان برآمد ٿيو هو. جنهن ۾ هن لکيو هو ته:“سمنڊ موٽي رهيو آهي سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي عشق جي ڪشتي روزمره جي زندگيءَ سان ٽڪرائجي تختو تختو ٿي چڪي آهي هاڻي ڪير ويهي حساب ڪري ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي؟ سمنڊ موٽي رهيو آهي سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي!!”ڇا سنڌ جي قومي سياست جو سمنڊ به ڪنهن اهڙي گهيرٽ ۾ اچي ويو آهي؟ پر ان کان به وڌيڪ بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جي قومپرست سياست ڪڏهن به ڪنهن سمنڊ سمان رهي آهي؟ سنڌ جي قومي سياست ته ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ان نوريءَ جي نورن جي جهانءِ بڻجي جهلي آهي، جنهن جي مقدر ان “ڦولان ماڇياڻيءَ” جهڙو رهيو، جنهن لاءِ ڪو به تماچي جهونجهڪڙيءَ جو جهرمر ٿي نه آيو ۽ هاڻي هوءَ ان جو ڪهڙو افسوس ڪري ته سندس جيءَ جواهر اڇن وارن واري عمر ۾ ست واري حوالي سان سانڍجي نه سگهيا!!اها اخبار جنهن اسان کي اطلاع ڏنو آهي ته ترقي پسند پارٽيءَ جا تمام گهڻا سينئر اڳواڻ پنهنجي سربراهه کان بنا موڪلائڻ جي هليا ويا آهن، تن جي وڃڻ جي خبر اخبارن ۾ پڙهڻ جو تجربو ان ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي ڪيئن محسوس ٿيو، جنهن اسٽڊي سرڪل گروپ کان وٺي ميان نواز شريف جي ميزباني ڪندڙ پارٽيءَ تائين پنهنجو سياسي سفر وڏي ڪاميابيءَ سان ڪيو پر جنهن سفر جي مقدر ۾ منزل نه هجي، ان جا مسافر گهڻي دير تائين متحد ڪئين ٿا رهي سگهن؟ اهو سوال انساني فطرت جي عين مطابق آهي. جڏهن ته سنڌ جي قومپرست سياست جو “غين” هاڻي وڏا آدرش وڃائڻ کان پوءِ ان پارٽيءَ جي پويان نه ته به آس پاس ضرور آهي، جنهن جو بنياد پنجاب جي سياسي سرزمين تي رکيل آهي. مشاهد حسين کان وٺي چوڌري نثار تائين نواز ليگ جي جن ننڍن وڏن اڳواڻن کي ترقي پسند هائوس تي مانواري مهمانيءَ جو شرف حاصل ڪرڻ جي ننيڍ ملندي رهي، اڄ جڏهن انهن مهمانن سان ميزبانن جو تمام وڏو تعداد به ساڻ وڃي رهيو آهي، تڏهن لطيف جي اها سٽ سچ ثابت پئي ٿئي، جنهن کي سنڌي ماڻهو پهاڪي طور تي استعمال ڪندي چوندا آهن ته:“صبح ٿي ساريان ته اٺ نه اوطاقن ۾”پر اهو صبح ڪٿي آهي؟ جنهن جي آس ۾ پياس به محسوس نه ٿيندي هئي ۽ اونداهيءَ رات سان الجهندا ويندا هئا، اهي ڪارڪن، جيڪي سياست جي سمنڊ جا رهواسي ٿي رهڻ بدران ڪينجهر جي ان ڍنڍ جي ڪناري تي آباد رهيا، جنهن جي چئني ڪنارن تي انهن جي پرن جا پاڇا پوندا رهيا ۽ جيڪي هڪ ڌڙي مان ٻئي ڌڙي ۾ داخل ٿيڻ پوءِ اٿندڙ اعتراض کي انهن ٻولن سان ٻڌي ڇڏيندا هئا ته “ڍنڍ جا پکي ڪهڙي به پاسي هجن، اهي ڍونڍ جي پکين کان پوءِ به بهتر آهن” پر بنيادي ڳالهه اها آهي، جنهن جي نشاندهي ڪندي ڀڳت ڪبير لکيو آهي ته:“پريت نه ڪيجئو پنڇي جيسي جل سوکهي اڙجائي پريت تو ڪيجئو مچهلي جيسي جل سوکهي مرجائي”پوئين رات جي پوئين پهر جا اهي مسافر جيڪي هڪ ٻئي کي سوچي سمجهي الوداع ڪري رهيا آهن، تن کي ڏسي رهي آهي، اها رات جيڪا انور پيرزادي جي لفظن ۾ اڄ به جاري آهي. اها رات جنهن مان هڪ نئين نور سان ڀريل سج اڀرڻ جي تمنا ڪندي لطيف اهي بيت لکندو هو، جيڪي ٻڌي جي ايم سيد روئي پوندو هو. سنڌ جي قومپرست سياست اها ڍنڍ آهي، جيڪا انهن لڙڪن سان وجود ۾ آئي آهي، جن لڙڪن جي ڇولين تي ڪنول جا گل مئخوران جي ساغرن وانگر هڪ ٻئي سان ٽڪرائبا رهندا آهن. جڏهن اکين ۾ لڙڪ نه رهندا آهن، تڏهن ڍنڍون مري وينديون آهن ۽ جڏهن ڍنڍون مري وينديون آهن، تڏهن روهه رسي ويندا آهن. جڏهن روهه رسي ويندا آهن، تڏهن ڏهاڳن کي پنهنجا ڏوهه ياد اچڻ لڳندا آهن. پر تيستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي. جيڪڏهن پڇتاون سان پيار موٽي ملن ها ته عشق جا الميا جنم ڪيئن وٺن ها!!؟
لفظن جي چونڊ ۽ ڪالم لکڻ جو فن ته ڪو اعجاز کان سکي ۔۔۔۔ تمام سٺيون ڳالهيون لکيون اٿس ۔۔۔ ڪاش اسان جا قومپرست هاڻ به سائين جي ايم سيد جي راهه وٺن۔
ادا اعجاز لئه سائين آريسر لکي ٿو ته۔۔ سندس قلم ۾ ايتري سگهه آهي جو هو اگر پيرن سان به ڪا سٽ لکي تڏهن به پبلشر سندس پويان ڊوڙندا رهندا۔۔