• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“قصو قادو ڪُتائيءَ جو”

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
(وفا حنيف بلوچ منهنجو دلبر دوست آهي، هن جي لکڻ جو انداز ڏاڍو نرالو آهي.ساماري شاخ جي وٽ م وسندي جيڪا آهي، اتي ئي رهي ٿو.صحافي، ڪالمسٽ، شاعر هئڻ سان گڏ زبردست انسان به آهي.گهڻو وقت اڳ هن مون ڏانهن ڪجهه مواد موڪليو هو، جيڪو ”سنڌ سلامت“ کي ونڊ ڪجي ٿو:معصوم)
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
قصو قادو ڪُتائيءَ جو
وفا حنيف بلوچ/ساماروشاخ
اڄوڪي هن قصي سان گڏ حاضر آهي اوهان جو پنهنجو پيارو ڀاءُ قادو ڪُتائي. دوستو ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاه پنهنجي وزير کي حڪم ڏنو ته تون پنهنجي هن ملڪ جي عوام جو جائزو وٺ ته هن ۾ برداشت جو مادو ڪيترو آهي . ؟ ان ملڪ ۾ هڪ اهڙي پل هئيماڻهن کي ڪم ڪار لاءِان پل تانئي گذري وڃڻو پوندو هو ، وزير ڇا ڪيو جو ان پل تان گذرڻ لاءِ عوام تي ٽيڪس هڻي ڇڏيائين ته عوام ڪو به احتجاج نه ڪيووزير وري ڇا ڪيو جو ان ٽيڪس کي وڌائي ڏهوڻ تي ڪري ڇڏيائين تڏهن به عوام ڪو احتجاج ڪو نه ڪيو،نيٺ وزير بيزار ٿي ان پل تي هڪ ماڻهو بيهاري ڇڏيو ۽ ان کي اهو حڪم ڏنو تهجيڪو ماڻهو هتان گذري ته ان کانٽيڪس به وٺندو وڃ ۽ ان کي هڪ هڪ جوتو به هڻندو وڃان ڪم جي شروع ٿيڻجي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِبادشاه جي محل آڏو ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا تهبادشاهه سوچيو ته هاڻي شايد عوام جي برداشت جو مادو ختم ٿي ويو آهي۽ هاڻي احتجاج ٿيڻ وارو آهيبادشاهه انهن ماڻهن سان ملي انهن کان معلوم ڪيو ته توهان سانڪهڙو مسئلو آهيته انهن ماڻهن جواب ڏنو ته سائين توهان جوتا هڻڻ لاءِ صرف هڪ ماڻهوبيهاريو آهي جڏهن ته ماڻهن جي لائين تمام ڊگهي هوندي آهي ان ڪري اسانکي ڪم تي پهچڻ ۾دير ٿيوڃي ٿي ان ڪري توهان کي اسان جي طرفان عرض آهي ته جوتا هڻڻ لاءِ ماڻهو ڪجهه وڌيڪ بيهاريا وڃن. سو ڀائرو هينئر پاڻ وٽ به اهو ئي ساڳيو حشر لڳو پيو آهي ماڻهن کي ڪو الله ساڃاهه ڏئي باقي ٻيو مڙيئي خير آهي هينئر اجازت ڏيندا پنهنجي ڀاء قادو ڪتائيءَ کي ڇو جو مونکي وري ڪتن جو ميل آهي اڏانهن بو وڃڻو آهي.
وري جلد حاضر ٿِبو هڪ نئين قصي سان گڏ تيستائين الله واهي.
 
Back
Top