• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علڻ جي اوطاق

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
(وفا حنيف بلوچ منهنجو دلبر دوست آهي، هن جي لکڻ جو انداز ڏاڍو نرالو آهي.ساماري شاخ جي وٽ م وسندي جيڪا آهي، اتي ئي رهي ٿو.صحافي، ڪالمسٽ، شاعر هئڻ سان گڏ زبردست انسان به آهي.گهڻو وقت اڳ هن مون ڏانهن ڪجهه مواد موڪليو هو، جيڪو ”سنڌ سلامت“ کي ونڊ ڪجي ٿو

علڻ جي اوطاق
وفا حنيف بلوچ


اسلام عليڪم ڀائو علڻ
.وعليڪم سلام ڀائو گلڻ.ڀائو گلڻ ڪهڙا حال خوش باش ٻيو ڪل خير ٻار ٻچا ننڍا وڏا سڀ خوش ؟
ڀائو علڻ دعا آهي تنهنجي ڪل خير لڳو پيو آهي.
هائو ڀائو گلڻ گھرجي به خير ادا .ادا گلڻ ڏي خبر ڀلا ايڏا ڏينهن لڳائي ڇڏيئه ظاهر به ڪو نه ٿئين نه ڪو خط نه پٽ نه نياپو نه پيغام مون ته سمجھو ته ادو گلڻ ويو هن جهان مان پيالو ڪري.
نه ادا علڻ اڃا تنهنجي دعائن سان جيئون پيا اڃا جوپ لڳا پيا آهيون پر يار ڪجهھ مسئلا هئا، انهن جي ڪري توهان ڏانهن چڪرڙو لڳائي نه سگھياسين ۽ رابطو به نه ٿي سگھيو
اڙي ادا گلڻ توسان وري يار ڪهڙا مسئلا هئا جو تون انهن ۾ منڌل هئين.؟
ڀائو علڻ توکي ٻڌايان ٿو پر يار جاچ ڪجانءِ ڪو ٻيو ته ڪو نه پيو ٻڌي ڇوجو چون ٿا ته اڄ ڪلهه ڀتين کي به ڪن ٿين.
نه ڀائو گلڻ تون اصل بي فڪر ٿي ڳالهه ڪر پنهنجو مخالف ڪير به ڪو نه پيو ٻڌي، باقي هتي هي ٻڌڻ وارا سڀ پنهنجا دوست اٿئي انهن جو تون فڪر ئي نه ڪر. .
ته پوءِ ٻڌ ادا علڻ! مسئلو ڪجھه هيئن آهي ته پاڻ واري يارن وڏن جا باقي وڃي ڪي چند ڏينهن رهيا اٿئي پر يار همراهن ڏئي اصل ملڪ ۽ عوام کي ٽانڊا ڇڏيا آهن.
ڀائو گلڻ سو وري ڪيئن؟
اي ادا علڻ! يار تون ته صفا ڪو ڀوڪ آهين اي! ڏسين ڪونه ٿو ته ڪجهه وقت پهرين هنن روڊن تي وڏيون وڏيون بسون هلنديون هيون ۽ مسافر ويچارا آرام سان سولو سفر ڪندا هئا ۽ ڏاڍي سهولت هوندي هئي پر يار انهن پاڻ واري يارڙن ملڪ ۾ گئس جا وڏا وڏا پمپ لڳايا ته بسن وارن وري بسون بند ڪري ننڍيون گاڏيون گئس واريون خريد ڪري ورتيون، خبر اٿئي ته هاڻي وري اهي گئس وارا پمپ به بند ڪيا ويا آهن ته روڊن تان بلڪل ئي سواري گم ٿي وئي آهي ۽ مسافر مايون توڙي مرد ٻڍا توڙي غريب ويچارا کٿابي ته اصل ويل ۾ آهن. ڀائو علڻ! هيڏانهن اسان واري پاسي کپرو ميرپورخاص روڊ تي ته اصل نسورو ظلم اٿئي. ڪڏهن اچي ته ڏس ان پاسي پوءِ ان ڪري ئي ادا علڻ آئون توهان ڏانهن اچي ڪو نه سگھيس مون سوچيو مڙس پوڙها وري ڪٿي ڪِري نه پنهنجو ڪو عضوو نه ڀڃائي وجھون.
ڀائو گلڻ ڀلا اهي گئس ورا پمپ ڇو بند ڪيا ويا آهن.؟
اڙي ادا! توکي شايد اها خبر ناهي گئس پمپ گھڻا مڙئي انهن ماڻهن جا اٿئي جيڪي هن وقت سرڪار سان گڏ ويٺل اٿئي ۽ اهي گئس ٻيڻي ٽيڻي اگھ تي وڪڻي عوام جي ابتي کل لاهي رهيا هئا ته مٿان وري ڪورٽ سڳوريءَ اهو حڪم ڏنو ته گئس جا اگھ گھٽايو هنن مرڳو هڻي گئس وڪڻڻ ئي بند ڪري ڇڏيو ته لازمي آهي جيڪي گاڏيون گئس تي هلندڙ هيون اهي وري انهن مالڪن بيهاري ڇڏيون. ته هاڻ وري به ٻنهي پاسي غريب عوام ويچارو سورن ۾ آهي.
هائو ڀائو گلڻ! بروبر يار سڇ ٿو چئين واقعي غريب ماڻهن سان بي واجبي آهي.
 
Back
Top