هڪ دفعي هڪ پکي ماکيء جي مک کي چيو.. : ”وڏي محنت سان تون ماکي گڏ ڪرين ٿي ۽ انسان توکان چورائي ٿو وٺي... ڇا توکي افسوس نه ٿو ٿئي...“ ماکيء جي مک ڇا ته جواب ڏنو... :”نه.. ڇو ته اهي مون کان ماکي گڏ ڪرڻ جو گر چوري نه ٿا ڪري سگهن...“ مون ڏٺو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي الله پاڪ ڪا اهڙي ڏات ڏني هوندي آهي جيڪا عام ماڻهون وٽ ناهي هوندي.. جي اهي پنهنجي صلاحيتن کي ٻين تائين پهچائين ته انهن جي مهارت ختم نه ٿيندي.. انهن کي گهرجي ته ننڍي ماکيء جي مک وانگر دل وڏي رکن.. ته رب پاڪ کين اڃان وڌيڪ ڏيندو..
ادا سمجهيوسين ته اوهان ڪٿي ٿا ڳالهايو ۔۔۔۔۔۔ لک قرب جو اوهان معلومات ۽ هنر سڀني دوستن سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔