چار هزار ڪتاب پڙهيم، انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم۔ 1۔ ته اي منهنجا نفس! خدا تعالي ا جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ! 2۔ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعالي ا روڪ ڪئي آهي، ان کان پاسو ڪر، نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ! 3۔ ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان توکي پهچي، ان تي صبر ڪر، نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول، جيڪو توکي روزي وڌائي ڏي۔ 4۔ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جو خيال ڪري، ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي توکي خدا نه ڏسي، نه ته گناهه نه ڪر! مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح۔۔۔۔سنڌي ادبي بورد جي ويب سائيٽ تان ۔ وڌيڪ سوانح حيات، ۽ علمي خدمتون پڙهڻ لاءِ ڪتاب جو نالو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح تي ڪلڪ ڪيو
ادا تمام بهترين ڳالهيون ونڊ ڪيون اَٿوَ۔۔ جزاڪ الله ۔ توهان جي ڏنل لنڪ جو ڦيرو ڀريم ته سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي مخدوم صاحب جي زندگي ۽ سندس ڪيل علمي ۽ ديني خدمتن جي تفصيلي ڄاڻ به ملي۔ خاص طور تي ان لنڪ ۾ مخدوم صاحب جي سير ۽ سفر جي سيڪشن ۾ ان واقعي جو ذڪر به مليو جنهن تي ۔ڪجهه وقت اڳ هڪ ڊگهو بحث به ٿي چُڪو آهي۔۔
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع- 1761ع)؛ مشهور عالم هو پاڻ مذهبي ڪتاب نظمي ويس ۾ لکيا اٿس. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيائين. ”زاد الفقير“، ”قوت العاشقين“، فرائض السلام“ مشهور ڪتاب آهن. هن دؤر جي عالمن مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، قاضي عبدالڪريم ميوعيسو ۽ مخدوم عبدالله، مخدوم سليمان، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي مشهور آهن. مخدوم عبدالرحيم گروهڙي؛ جن جي شهادت 1778ع ۾ ٿي، پاڻ الف اشباع جي نموني سان ڪئين بيت چيائون. سندن شاعري صوفيانه ۽ مذهبي آهي پر سندن ڪجهه نثري مقولا ملن ٿا. ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار. ٻه پهاڄون پرچاءِ، ٺلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ، رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي. سنڌي نثر جي تاريخ ڊاڪٽر غلام علي الانا) مخدوم عبدالرحيم گروهڙي گهڻو ڪري ”ڪبت“ جي صورت ۾ شاعري ڪئي، سندن وحدانيت تي ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو. لاالٰه الا الله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ، سڃاڻڻ ۾ آن سندي عقل عاجز هوءِ سڀن ڌاران تنهن سري، ان ري نه سري ڪوءِ سنڌي ادب جي ويب سائيٽ تان کنيل