معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
(حميد آس ٻٻر جوهي کان هيٺ ڪاڇي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڄ به گم نامي سندو جيون گهاري پيو.ڪاڇي ۾ جڏهن به پونم راتيون پڙاءُ ڪن ٿيون، تڏهن آس انهن چانڊوڪي راتين ۾ شاعري کي سرجي ٿو.هن جي رچنائن ۾ قهر جو مزو آهي، رچاءُ آهي، ترنم ۽ موسيقيت سان ڀرپور هن جي شاعري جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿي ۽ مرڻ جي منشا کان منهن موڙي ڇڏي ٿي. معصوم سنڌي)
نشو آ دنياگيريءَ ۾
آس ٻٻر
ڪنھن لڳاتار يادگيريءَ ۾،
رات ٻڏندا رھياسين پيريءَ ۾
پنھنجو ڪشڪول اھو ئي خالي،
تنھنجي دنيا رھي اميريءَ ۾۔
پاڻ کان پاڻ ٿا وڃئون وسري،
ڪو نشو آھي دنياگيريءَ ۾۔
ٿورڙا خواب ۽ ٻيون خوشفھميون،
ڇا رکيو ھو ڏٺل اميريءَ ۾۔
جڳ لتاڙيوسي اکيون پير ڪري،
ڪجه نه ھو عشق جي فقيريءَ ۾
رات ٽاريون اڀاري چنڊ مگر،
وقت زلفن جي آ اسيريءَ ۾
پنھنجي ٻيڙي کي تار وڻجارا،
شام اچڻي آ ڍنڍ نيريءَ ۾