ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا

'مختلف موضوع' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا

    سن 1092هه/1681ع: ميان نصير محمد ”ڳاڙهيءَ“ ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو بنياد رکيو.

    سن 1101هه/1688ع: مغل درٻار مان نواب زبردست خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو، پر هتي پهچڻ سان ئي مري ويو. نواب نصرت خان ٺٽي جو ٻيهر ناظم مقرر ٿي آيو.

    سن 1102هه/1689ع: مخدوم صاحب جو همعصر ۽ سنڌ جو مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تولد ٿيو.

    سن 1103هه/1691ع: ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات، ميان دين محمد پنهنجي اباڻي مسندِ ارشاد کي رونق بخشي. نواب حفظ الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

    سن 1104هه/1693ع: مخدوم محمد هاشم ”بٺوري“ ۾ ڄائو.

    سن 1109هه/1698ع: مخدوم صاحب ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگ عبدالغفور وٽ پڙهڻ لڳو.

    سن 1111هه/1700ع: غالباً مخدوم صاحب جو وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي ۾ اچڻ. ميان دين محمد ڪلهوڙي کي ملتان ۾ ڦاسي ڏني ويئي. ان کان پوءِ ميان يار محمد مسند سنڀالي.

    سن 1112هه/1701ع: ميان يار محمد کي مغل درٻار مان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو مليو. ميان يار محمد دادوءَ کان ڏکڻ طرف ”خدا آباد“ نالي گاديءَ جو هنڌ تعمير ڪرايو.

    سن 1113هه/1701ع: سعيد خان صوبيدار ٿي آيو. ميان يار محمد کي اورنگزيب طرفان عنايتون ۽ نوازشون. اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن جي شڪست. مخدوم صاحب جي والد عبدالغفور جي بٺوري ۾ وفات.

    سن 1114هه/1702ع: مير امين الدين خان حسين ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيڻ.

    سن 1115هه/4-1703ع: يوسف خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

    سن 1116هه/5-1704ع: نواب احمد يار خان ٺٽي جو ناظم ٿيو.

    سن 1117هه/1706ع: ميان يار محمد هٿان نومڙين جي شڪست.

    سن 1118هه/1707ع: هند ۽ سنڌ جي بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي دکن ۾ وفات، اعظم ۽ معظم جي پاڻ ۾ جنگ ۽ اعظم جو هار هائي قتل ٿيڻ.

    سن 1119هه/1708ع: اورنگزيب جو پٽ شهزادو معظم، بهادر شاهه اول جي لقب سان تخت تي ويٺو.

    سن 1120هه/1708ع: سعيد خان عرف عطر خان، معظم جي حڪم سان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

    سن 1121هه/1709ع: ٺٽي جي مشهور شاعر ”محسن“ ٺٽويءَ جي ولادت. نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

    سن 1123هه/1711ع: ميان يار محمد اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي. شاڪر خان نواب مقرر ٿيو. نواب مهين خان ٻيهر ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو.

    سن 1124هه/1712ع: بهادر شاهه اول جي لاهور ۾ وفات. سندس پٽ معزالدين جهاندار شاهه جي تخت نشيني. خواجه محمد خليل، جهاندار شاهه جي حڪم تي ناظم مقرر ٿيو. سال جي آخر ۾ جهاندار شاهه، فرخ سير جي مقابلي ۾ شڪست کاڌي ۽ فرخ سير بادشاهه بنيو.

    سن 1125هه/1713ع: عطر خان ولد سعيد خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. ميان يار محمد جي هٿان سبي ۽ ڍاڍر جي فتح.

    سن 1125هه/1713ع: مخدوم صاحب ”زادالفقير“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ڪتاب لکيو، جيڪا سندس غالباً پهرين تصنيف آهي. عطر خان ۽ لطف علي خان جي لڙائي. ٺٽي جو محاصرو. عطر خان جو مارجڻ ۽ لطف عليءَ جو ٺٽي تي قبضو.

    سن 1128هه/1715ع: نواب اعظم خان ٺٽي جو والي مقرر ٿيو.

    سن 1129هه/1716ع: نواب اعظم خان جو جهوڪ تي حملو ۽ صوفي شاهه عنايت الله جهوڪ واري جي گرفتاري.

    سن 1130هه/1718ع: نواب اعظم خان جي هٿان صوفي شاهه عنايت جي شهادت.

    سن 1131هه/1718ع: فرخ سير قيد ٿيو. جهان شاهه بن بهادر شاهه اول جو پـُـٽ روشن اختر، محمد شاهه جي لقب سان تخت نشين ٿيو. ميان يار محمد جي وفات. سندس فرزند ميان نور محمد جي جاءِ نشيني. نواب اعظم خان جي معزولي.

    سن 1132هه/1719ع: مهابت خان بن منعم خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

    سن 1133هه/1720ع: قطب الملڪ ۽ محمد شاهه جي فوجن جي لڙائي، قطب الملڪ جي گرفتاري.

    سن 1135هه/1722ع: مخدوم صاحب جو حرمين شريفين حج ادا ڪرڻ ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي مان سفر.

    سن 1136هه/1723ع: مخدوم صاحب مديني منوره ۾ حضور ﷺ جن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ابو طاهر مدنيءَ کان علم حيث ۾ اجازت ۽ سند حاصل ڪرڻ. ٺٽي ۽ مديني جي ٽوئي جي تحقيق، ٺٽي ۽ حرمين جي پاڇي جي تحقيق ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڪتاب لکڻ. حج ادا ڪرڻ ۽ حرمين مان واپسي. مخدوم صاحب سورت بندر ۾ آيو ۽ سيد سعدالله قادريءَ جو مريد ٿيو. خلا فت جو خرقو ڍڪيو. هندوستان ۾ عيسائي پادرين سان مناظرو ڪرڻ. سنڌ ۾ سلطان محمد خان پنهنجي پيءُ مهابت خان جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو انتظام سنڀاليو.

    سن 1137هه/1723ع: مخدوم صاحب ماه صفر ۾ حج ۽ سفر حرمين ۽ سورت بندر کان سفر پورو ڪري واپس پنهنجي ماڳ ٺٽي پهتو. نواب سيف الله ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، جنهن جلوه گاه امامين جو مقبرو تعمير ڪرايو.

    سن 1138هه/1724ع: مخدوم صاحب جو مرشد سيد سعد الله قادري سورتي وفات ڪري ويو. ٺٽي ۾ مشهور نقشبندي بزرگ ابوالقاسم جي وفات.

    سن 1140هه/1727ع: سنڌ جو مشهور مؤرخ، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ڄائو، جنهن پنهنجي ڪتابن ”تحفـةِ الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراء “ فارسيءَ ۾ مخدوم صاحب جو پهريون ڀيرو اکين ڏٺو احوال لکيو.

    سن 1143هه/1730ع: ٺٽي جي نواب سيف الله جي وفات، نواب دلير خان جي ٺٽي ۾ مقرري، قلات جي واليءَ عبدالله خان بروهيءَ جو مارجڻ.

    سن 1144هه/1731ع: ميان نور محمد کي ”ثابت جنگ“ جو خطاب مليو. مخدوم صاحب جي مديني شريف واري استاد ابوطاهر مدنيءَ جي وفات. مخدوم عبدالرحمان کهڙائيءَ جي شهادت.

    سن 1146هه/1733ع: مخدوم صاحب سنڌ جي شان ۾ ”مدح نامه سنڌ“ نالي بهترين ڪتاب لکيو. سنڌ جي مخالفن جا ان ۾ جواب ڏنا.

    سن 1148هه/1735ع: 23 شوال بروز اڱاري تي نادر قليءَ ”نادر شاهه“ جو لقب اختيار ڪري، پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو.

    سن 1149هه/1736ع: نادرشاهه هٿان قنڌار جي فتح، نواب همت دلير خان جي موقوفيءَ کان پوءِ نواب صادق علي بن سيف الله خان ٺٽي کي ٺيڪي تي کنيو. مرزا مقبل جي آمد سان صادق عليءَ جو ٺيڪو ختم.

    سن 1150هه/1737ع: مغل شاهي درٻار مان ميان نور محمد کي ٺٽي جو علائقو ٺيڪي تي مليو. هن غلام محمد کي پنهنجو نائب بنائي ٺٽي موڪليو. ميان نور محمد جي ٺيڪيداريءَ کان پوءِ مغلن طرفان ٺٽي ۾ نوابن گورنرن جو اچڻ بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ميان جي گادي ٺٽي يا بکر ۾ نه هئي ۽ هن جي طرفان به سرڪاري ڪاروبار لاءِ عملدار مقرر ڪيل هئا ۽ پاڻ نگراني ڪندو هو.

    سن 1151هه/1738ع: نادرشاهه ڪابل تي قبضو ڪيو. اتان روانو ٿي، ڪرنال ۾ محمد شاهي فوجن کي شڪست ڏني ۽ دهليءَ ۾ عام ڪوس ڪرايو. ميان نور محمد پنهنجي پـُـٽ مرادياب کي لشڪر ڏئي ٺٽي موڪليو. ان ڪڪرالي جي ڄام کي شڪست ڏني.

    سن 1152هه/1739ع: نادرشاهه دهليءَ مان روانو ٿي ڪابل پهتو. اتان ڌوڪيندو عمرڪوٽ ويو. ميان ۽ نادر جو پاڻ ۾ ڳرن شرطن تي ٺاهه ٿيو.

    سن 1153هه/1740ع: نادرشاهه سنڌ مان واپس قنڌار روانو ٿيو. ويندي پاڻ سان گڏ ميان نور محمد جا ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه کي يرغمال بنائي وٺي ويو. ميان جو ڪتبخانو به نادر لٽي کنيو ويو. ان کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغلن کا ڦري ايران جي ڏَنَ ڀـَـرُو ٿي.

    سن 1155هه/1742ع: مظفر خان بيگلر بيگي، نادرشاهه جون ٻيڙيون ڪاهي سورت کان ٺٽي پهتو. ميان نور محمد ان سان ملڻ لاءِ ٺٽي ويو. ممڪن آهي ته ميان صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ان دوران ٺٽي ۾ ملاقات ٿي هجي!

    سن 1156هه/1743ع: نادرشاهه طرفان سليمان بيگ اسلم کي سـِـڪي ۽ خـُـطبي جي نگرانيءَ لاءِ خدا آباد موڪليو.

    سن 1157هه/1744ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل عالم مخدوم محمد قائم جي مديني منوره ۾ وفات.

    سن 1160هه/1747ع: ايران ۾ نادرشاهه مارجي ويو. قنڌار جي سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي نادرشاهه جي جاءِ تي پنهنجو بادشاهه چونڊيو.

    سن 1161هه/1748ع: احمد شاهه ابدالي هندستان تي حملو ڪيو ۽ شڪست کاڌي. محمد شاهه هندستان جو بادشاهه وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل بزرگ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وفات.

    سن 1162هه/1749ع: ميان غلام شاهه خشڪيءَ رستي يرغماليءَ مان آزاد ٿي، ايران مان سنڌ پهتو. البت، مرادياب خان بحري رستي مسقط پهتو ۽ ٽي سال اتي ترسيو.

    سن 1163هه/1750ع: سنڌ، دهليءَ کان بعد ۾ ايران کان پوءِ، هينئر افغانستان جي ڏَنُ ڀـَـرُو بڻي. ٺٽي جي مشهور صاحبِ ديوان شاعر ”محسن“ ٺٽويءَ جي وفات. ميان نور محمد مشهور وصيت نامو ”منشور الوصيت و دستور الحکومت“ نالي لکيو.

    سن 1165هه/1751ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف جي ڀٽ شاهه تي وفات.

    سن 1167هه/1754ع: احمد شاهه دُرانيءَ جو سنڌ تي حملو. 12 صفر تي ميان نور محمد جي اسي سالن جي عمر ۾ وفات. ميان صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان جي سندس جاءِ تي تخت نشيني.

    سن 1170هه/1757ع: مرادياب خان معزول ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه سنڌ جو حڪمران بنيو.

    سن 1171هه/1757ع: ميان مرادياب خان وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي استاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي وفات. ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن، عطر خان ۽ احمد يار خان وچ ۾ روهڙيءَ وٽ فيصلي ڪـُـن لڙائي لڳي.

    سن 1172هه/1759ع: مخدوم صاحب ڀرپور عملي طور شريعت جي نفاد جو پروانو سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان جاري ڪرايو، (2 شعبان المعظم 1172هه)

    سن 1174هه/1761ع: مخدوم صاحب غالباً آخري ڪتاب ”الوصيـھِ الهاشميـھ“ عربيءَ ۾ لکيو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن وفات ڪري ويو. مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ ڪتاب ”مقالات الشعراء “ فارسي لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب کي وقت جو ”مجدد“ سڏيو ويو آهي.

    سن 1181هه/1768ع: مخدوم صاحب جي وڏي فرزند مخدوم عبدالرحمان جي وفات. مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجو مشهور تاريخي ڪتاب ”تحفـةِ الڪرام“ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ پڻ مخدوم صاحب جو قدري تفصيلي احوال آيل آهي ۽ سندس ديني خدمتن جي ساراهه ڪيل آهي.

    سن 1182هه/1769ع: ميان غلام شاهه نيرون ڪوٽ ۾ قلعو تعمير ڪرائي، مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکي، پنهنجو تخت گاهه بنايو.

    سن 1186هه/1772ع: ميان غلام شاهه جي حيدرآباد ۾ وفات. سندس پٽ ميان محمد سرفراز خان سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. احمد شاهه ابداليءَ جي قنڌار ۾ وفات ٿي.

    سن 1187هه/1773ع: مخدوم صاحب جو ٻيو فرزند مخدوم عبداللطيف، ميان سرفراز خان جي لشڪر ۾ قاضي القضاة مقرر ٿيو.

    سن 1189هه/76-1775ع: ميان سرفراز خان کان سياسي غلطيون ٿيون، ان ڪري سندس ڀاءُ محمود خان مسند نشين ٿيو. محمود خان جلد معزول ٿيو. ميان غلام النبي حڪمران بنيو.

    سن 1190هه/77-1776ع: ميان غلام النبي شهيد ٿيو. ميان عبدالنبي سنڌ جو والي بنيو. محمد سرفراز خان، ان جو پـُـٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچو عطر خان، قيد ۾ عبدالنبيءَ جي ماڻهن هٿان مارايا ويا.

    سن 1193هه/1779ع: مدد خان سنڌ ۾ قهر بنجي آيو ۽ ظلم مچايو. مير بجار خان، عبدالنبيءَ جي دور ۾ ماريو ويو. عبدالنبي حڪومت ڇڏي فرار ٿي ويو. صادق علي خان حڪومت جي مسند تي ويٺو.

    سن 1198هه/1783ع: ميان غلام شاهه کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ميان محمد سرفراز، محمود خان، غلام النبي، عبدالنبي، صادق علي خان، دوباره عبدالنبي حڪومت ڪندا رهيا. پاڻ ۾ سندن حڪمرانيءَ تان مار ڌاڙ، ڪشت و خون جو سلسلو جاري رهيو. آخر ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنيا ۽ ائين ڪلهوڙا دور جو ميان عبدالنبيءَ تي خاتمو ٿيو.

    نوٽ: (محترم سائين ڊاڪٽر عبدالحفيظ جي ٿورن سان۔۔سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبريري جي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي تان کنيل تاريخي ٽڪرو)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو