(سا ئين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ) وٺي هر هر جنم وربو غريب گل سيتائي مظلوم قومن جي صدين جون صدائون جڏهن جڏهن انساني روپ ڌارڻ ڪري نروار ٿينديون آهن تڏهن ستايل ماڻهن جا سڏڪا رڪجي ويندا آهن ،وقت کان اڳي پوڙهائپ جو شڪار ٿيل جوانين ۾ جوالا مکي جهڙو جوش جاڳي پوندو آهي ،طبقاتي تفريق جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ماڻهن جي مک تي لافاني مرڪ موٽي ايندي آهي ،اهو انسان تاريخ جي رٿ تي سوار ٿي قومي شهيدن جي روحن کي ساڻ ڪري دليلن جي هٿيارن سان پرھ جا پيغام کڻي انقلاب ۽ آزادي جي گيتن سان پنهنجي وطن جي محڪوم ماڻهن جي دلين کي زندگي جا سبق ڏيندو آهي ، اهڙي شخصيت جيڪو سن جي ڌرتي تان باغبان جي باغي جهڙي ارڏي ۽ اجري ڪردار سان قومي آزادي جو علم کڻي طاغوتي طاقتن مهاڏو اٽڪائي ظلم جي ڪوٽ جي ڪنگرن کي ڪيرائڻ جو عهد ڪري چڪو هو ، سندس زندگي جا قدم جنهن به پيچري جا راهي رهيا ، انهي راھ جي منزل هميشھ سنڌ جي خوشحالي رهي آهي ، سندس جيون پتر جي سمورين سٽن ۾ سنڌ ۽ سانگين جي سورن جي نجات جا نت نوان طريقا ۽ طرزِ عمل رقم ٿيل آهن.هو سياست جي جنهن به سٿ سان سلهاڙيل رهيو ،انهي ۾ عملن جاکوڙ ۽ جتن رڳو وطن جي خوشحالي لاءِ رهي آهي ،صوفياڻين صفتن سان سرشار سن جو اهو ٻڍڙو شخص جيڪو سدائين سنڌ جي نوجوان نسل جي گهيري ۾ رهيو ، سندس اوطاق تي آيل نوجوانن جي سياري جي سرد راتين ۾ به اٿي سندن سار لهڻ وارو سائين جي ايم سيد جيسيتائين انهن سان گڏ هيو ، ته ائين ڀاسندو هيو جهڙوڪ رني ڪوٽ جي ديوارن جهڙي مضبوط حصار هجي ، جنهن اندر ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ کي انهن ڏانهن اک کڻي نهارڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي ، انهي حصار جي هوندي انهن جا گناھ ۽ گمراهيون سدائين لڪل رهيا ، جيستائين هو هنن جي وچ ۾ هيو ته ڪوبه خوف انهن کي ڇهي به نه سگهندو هيو ، هو انهن جي وچ مان ڇا اٿي ويو ، ڄڻ خدا جي رحمت هٿ ڇڏائي هلي وئي ،هن جي وڃڻ سان ائين لڳو جهڙوڪ عربن جي لشڪر ديبل جي ديوار ڪيرائي سنڌ جي آزادي کسي ورتي هجي ، انهي ڏهاڙي سن جي گهٽين ۾ روئندڙ اکيون پنهنجي نگهبان جي وڃڻ تي نير وهائي رهيون هيون سيد پنهنجي جوهر ۾ سنڌ جي مٽي جي اها مٺ آهي ، جنهن هر دور جي دادگير اڳيان ديوار بنجي سنڌ جو دفاع ڪيو ، ۽ ڪنهن به جابر ۾ اها جرئت پئدا نه ٿي سگهي ته اُهو هن مٽي جي مٺ سان منهن مقابل ٿي سگهڻ جي سگھ ساري سگهي ، ڇوته هو هن رياست جو خالق آهي ، هن رياست جا اعلى ايوان هن جي احسانن جي آڏو اوچي ڳاٽ ڳالهائي نه سگهيا ،توڙي جو هن هزار بار دعوتون به ڏنيون ته اچو مون سان ڳالهايو ،جيڪڏهن آئون غلط آهيان ته مونکي گنهگار ثابت ڪريو ، پر هتان جا گمراھ سياستدان سدائين ڪن لڪائي بزدلي جي ٻوڙن ۾ منهن هڻي پاڻ بچائڻ جا جتن ڪندا رهيا ، هتان جون عدالتون پڻ ان ٻڍڙي شخص جي ڪنهن به بيان تي بحث ڪرڻ جي جرئت نه ساري سگهيون ،۽ نه وري ان جي موقف سنڌ ڳالهائي ٿي تي ڪا دليل بازي ڪرڻ جي همت پئدا ڪري سگهيون ،ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار ايڏو ته شانائتو هيو جو باقي سمورن کي پنهنجا قد ننڍڙا نظر ايندا هيا ، سندس زندگي ۽ ڪردار ۾ ڪوبه اهڙو خال نه هيو جنهن کي خيال ۾ رکي ۾ خلجين جو روحاني اولاد کيس مجرم ثابت ڪري سگهي ،محبتن جي امين سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجي قوم کان شڪايت نه ڪئي هو سدائين لطيف جي ( مارن مُنجھ مياس نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي ) جهڙين سٽن تي سڏڪي به پوندو هيو ته جمن دربدر جي سٽن (وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ) جهڙن ٻولن تي مرڪي به پوندو هيو ،سندسن انهي مرڪ جي اک سنڌ جي انهي ارڏي نوجوان کي ڏسندي هئي جيڪو آزادي جو علم کڻي ( مون سين هلي سا ، جا جيءُ مٺو نه ڪري ) جهڙي جرئت سان سندس خواب جي تڪميل لاءِ نڪري نروار ٿيندڙ آهي . هو درياھ جي ڪناري ويهي ڪنهن نوجوان جي زبان مان نڪتل لطيف جي وائي آيل ڪريان ڪيئن منهنجو نيهن اپليو نه رهي کي ٻڌندي ، پنهنجين ٻاجهارين اکين سان کيس دعا ڏيندي تاڪيد ڪندو هو ته بس اهو عشق سلامت رکجانءِ اڄ سندس جنم ڏهاڙي تي بيشڪ هو ظاهري طرح هو اسان گڏ ناهي ، ليڪن سندس نظريو ، جيڪو پرينءَ جي پار کان آيل نيهن جي نياپي جيان سدائين ساھ ۾ سانڍڻ جهڙو آهي ، انهي پيغام جي پچار جيڪڏهن عمل کان سواءِ آهي ،ته اهو هن قوم کي ڪنهن ڪنڌي لائڻ بجاءِ بيوسي ۽ لاچاري جي رڻن ۾ رُلائي کيس مايوسين جي اڻ کٽ ريگستانن جو راهي بنائي ڇڏيندو .ڇوته سنڌي قوم جي سمورن دردن جو درمان سائين جي ايم سيد جي نظرئي ۾ ئي آهي ،سنڌ جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ اهي سمورا گُر ،گس ۽ڏس ڏنل آهن ، جن کي وقت ۽ حالات جي ضرورت مطابق عملي جامو پهرائڻ اسان ۽ توهان جي پڻ فرض ۾ شامل آهي ،سيد جي نظرئي ۾ جيڪڏهن عدم تشدد جو تاڪيدي سبق آهي ته ان ۾ هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين جهڙا باب به شامل آهن ،سائين جي ايم سيد جي تعليم ۾ جيڪڏهن (عالم سڀ آباد ڪرين ) جهڙيون دعائون به آهن .ته سندس ڏنل سبقن ۾ وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ (وجهن تان فرق، رڪ وهندي راند ۾) جهڙيون سٽون به سمايل آهن . اڄوڪو ڏهاڙو ، جيڪو آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙن لاءِ تجديدِ عهدِ وفا جو ڏهاڙو آهي ،اهڙن ڏهاڙن تي قومون پنهنجا ويڇا وساري هڪ چادر تي ويهي وچن ورجائينديون آهن ،پنهنجي رهبر اڳيان گڏجي سموريون عداوتون ڇڏي ايڪتا ۽ اتحاد جو ثبوت ڏينديون آهن ،هي ڏهاڙا طاغوتي طاقتن اڳيان پنهنجي طاقت جي اظهار جو ذريعو هوندا آهن ،پرهتي ائين ناهي هتي (سيد جي آخري آرام گاھ جي چو طرف) هڪ ٻئي کي چئو کنبو ٻڌي مارڻ ۽ مهڻا ڏيڻ رواج بنجي پيو آهي ،پنهنجي اندر جي اختلافن جون ڀريون کڻي هتي ئي هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ جو ڄڻ ته قسم کنيل آهي ، اسين مڃون ٿا ته تحريڪن اندر طرزِ عمل تي اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي ، ليڪن اها ڪٿان جي ڏاهپ آهي ته مناظرائي ملن جيان هڪ ٻئي کي مهڻا ڏئي دنيا کي ڏيکارجي ته رڳو اسان ئي صراطِ مستقيم جا صالح بندا آهيون ،باقي سمورا والعصر ان الانسان لفي خسر جي مصداق آهن . اسين جيڪي سيد سان عقيدتن کان مٿڀريون محبتون ڪندڙ آهيون ، اهي گڏجي انهن محبتن جي تقدس جو تحفظ ڪريون ،ان ڪري اچو ته گڏجي آزادي جي امام سائين جي ايم سيد جي اڳيان پنهنجا فروعي اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃون ،ائين ڪرڻ سان طاغوتي طاقتن جي ڪوٽن کي ڪنبڻي وٺندي ۽ سائين جي ايم سيد سنڌ جي سمورن شهيدن کي ساڻ ڪري رني ڪوٽ جي اڀرندي ديوار کان بيهي کين چوندو ته وٺي هر هر جنم وربو مٺا ، مهراڻ ۾ ملبو ختم اونداھ ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو