شاهه رخ کي ڦاسي............! سنڌين جي هزارين قتل ٿيل ماڻهن تي انصاف خاموش ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    شاهه رخ جتوئي ڦاسي ٻڌائي ويئي آهي پر اسان انهن جسٽسز کان پڇنداسين ته ايم ڪيو ايم سنڌين جا هزارين قتل ڪيا انهن کي ڦاسي ڇو نه، غزالا بتول صديقي سميت 30 هزار سنڌين جي قاتلن کي ڦاسي ڇو نٿا ٻڌايو۔ اهو ان ڪري ته سنڌي ننڌڻڪي مخلوق آهن جانورن وانگر پيا ڪسن پر انهن لا پاڪستان ۾ انصاف جا دروازا بند آهن ڇو ته اهي ننڌڻڪا سنڌي آهن۔ هنن جو ڪو اوهي واهي ڪانهي۔ پر هڪ مهاجر قتل ٿئي ٿو ته سڄي ملڪ جي ميڊيا اٿي پوي ٿي ۽ نيٺ شاهه رخ کي ڦاسي اچي ٿي ڇو ته هي سنڌي آهي هي اگر مهاجر يا پنجابي يا پٺاڻ هجي ها ته شايد ڦاسي نه ٻڌائي وڃي ها۔۔
    اي سنڌيو هاڻ ته سجاڳ ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
    2735 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رسول بخش۔۔۔ڪجهه دير قوم پرستي کان هٽي ڪري اهو سوچيو ته ڇا شاه رُخ قاتل نه آهي۔۔؟
    جنهن انسان جو هن قتل ڪيو هو اهو به ته ڪنهن جيجل ما جو ٻچو هو، ڪنهن ڀيڻ جو ڀا هو۔
    اسان سنڌين سان ناانصافي برابر ٿيندي رهي آ، پر ڇا اهو جواز ڄاڻائي اسان گنهگارن جو پاسو وٺون۔۔؟
    الله جو قانون، دنيا جو قانون ڪنهن به قاتل کي بخش نٿو ڪري جيستائين مقتول جا وارث کيس بخش نه ڪن۔
    سنڌي ماڻهن سان ظلم صدين کان ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا ڇو جو اسان ۾ نه ٻڌي آهي نه ئي ايتري سجاڳي جو پنهنجا جائز حق وٺي سگهون۔، پنهنجا حق وٺڻ لا قربانين جي ضرورت پوندي آهي۔ ٿالهي تي حلوي وانگر رکي ڪير به ناهي ڏيندو پر پيارا ڀا هن قصي کي قوميت جي ور نه چاڙهيو۔ مهرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيتوڻيڪ قاتل جي ڪابه طرفداري ڪونه ڪنداسين ۔۔۔ پر پوء به ان فيصلي تي راء ڪو وڪيل ئي بهتر ڏئي سگهي ٿو۔۔۔۔ پر پوء به قاتل ته قاتل ئي آهي۔

    سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ڳڀرو روز ڪسن ٿا ،،،، انهن تي جلد فيصلو نه اچڻ يا انهن تي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس نه وٺڻ اسان لاء ڏک جو سبب بڻجي ٿو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    اسد چانڊيو صاحب جي وال تان
    فقط ٻه ڏينهن اڳ
    ”ميمڻ ڳوٺ ۾ رينجرز اهلڪارن
    هڪ سنڌيءَ کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو.
    سنڌي قوم کي ڳاله ياد به نه آهي، واقعي کي فقظ ٻه ڏينهن ٿيڻ باوجود.
    ويچارو سنڌي ”ويچارو“ جو هو

    جَي هو پاڻ ”ڪرپٽ صنعتڪار نه هو، نه ئي ڪنهن صنعتڪار جي عياش اولاد ......!!
    ته پوِءِ بهادر ۽ غيرتمند قوم
    رياستي اداري هٿان سندس قتل جو نوٽيس ڇو وٺي....!!“
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ممتاز قريشي صاحب اوهان جون ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي ٺيڪ به آهن پر هڪ ڳالهه سوچڻ جي به آهي ته سنڌ ۾ مرتضي ا ڀٽو ڏينهن ڏٺي جو شهيد ڪيو ويو ان جو ڪيس اڄ تائين هلي ناهي سگهيو، محترمه شهيد ڪئي وئي ان جي ڪيس جي ڪا خبر ڪونهي، غزاله صديقي جو ڪيس، اهڙا ٻيا ڪيترا ئي ڪيس آهن جيڪي عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار آهن۔۔ پر حيرت ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته هي واحد ڪيس آهي جيڪو ايڏو جل اُڪلجي ويو ۽ ملزم کي سزا به اچي وئي۔۔ پاڪستان جون عدالتون جيڪڏهن سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن جا معاملا به ايترا جلد اُڪلائي ته هوند ظالم کي جلد سزا اچي وڃي۔۔۔ان تي سوچجو ته آخر اُهي ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ئ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڄ جو دور ميڊيا جو دور آهي۔ ميڊيا ڪنهن به واقعي کي سچو ۽ ڪوڙو ٺاهي سگهي ٿي۔ اڪثر ڪري ناانصافي کي انصافي ۽ انصافي کي ناانصافي ڪري دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي واقعن ۾ مظلومن کي انصاف نه ملي سگهندو آهي۔ انڪري ڪنهن جو نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ ڪنهن جو نه اهو دارومدار ميڊيا تي آهي۔ شاه رخ ڪيس کي موثر انداز ۾ کنيو ويو ته انصاف جو فيصلو به ممڪن ٿي سگهيو۔ ميڊيا کي هر بيڏوهي جي قتل جون اصل حقيقتون عوام تائين پهچائڻ گهرجن۔ ظلم ڪٿي به ٿيي ڪنهن سان به ٿيي۔ ظلم کي ظلم ئي چئبو۔ اهڙن ظلمن خلاف آواز اٿارڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔ سڄي سنڌ ۾ هر روزاهڙا ڪيترائي واقعا ٿي رهيا آهن۔ ڪراچي ۾ ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ذاتي دشمني، سياسي رسه ڪشي ۾ نه صرف سنڌي پر هر قوم جا بي گناهه مارجي رهيا آهن۔ هر طرف لاقانويت آهي۔ ڪٿي ڪرپٽ وڏيرن جي سينه زوري آهي ته ڪٿي دهشت گردن جي، انهن سڀني جو ڪو به دين، مذهب يا قوميت نه آهي۔ اهي فقط سنڌ ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا۔ منهنجي ڄاڻ موجب هن وقت ڪٿي به سنڌي مهاجر، سنڌي پنجابي يا سنڌي پٺاڻ جهيڙو نه آهي۔ سياسي بنيادن تي جهيڙا ضرور ٿي رهيا آهن، پر ماضي وانگر صرف سنڌي هجڻ جي ڪري ڪنهن کي سزا نه ملي رهي آهي۔ انفرادي دشمنيون پنهنجي جا تي پر اجتمائي طور تي اڄ صورتحال ايتري خراب ناهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شاھ رخ جو پاسو وٺي انتھاپسندي جو ثبوت نه ڏيو دوستو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ممتاز اوهان جون ڳالهيون به درست آهن۔۔
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    دوستو۔۔توهان جي خيال ۾ شاهه رخ کي سزا نه ملڻ گهرجي۔۔؟
    ڇا سنڌي ٻين قومن جي ماڻهن کي ايئن ئي بيگناهه بيڏوهي ماريندا وتن۔۔؟
    سنڌين تي ٿيندڙ ظلمن جي ڪري اهو جائز ته ناهي ته اسان هروڀرو به سنڌين جو ئي پاسو کڻون۔۔چاهي اهي غلط ڪم ئي ڪندا هجن۔ اسان کي فراخدلي جو مظاهرو ڪندي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي۔
    ادا منظور مٿي اسان جي سنڌي ليڊرن جي شهادت جو ذڪر ڪيو آهي انهن جي ڪيسن جي پوئواري ڪيتري قدر سندن وارثن ڪئي آهي اها به سڀني کي خبر آهي۔ صرف ۽ صرف سياسي مفاد حاصل ڪيا ويا۔ 5 سال عياشين ۽ بي اتها ڪرپشن ۾ گُذاري ڇڏيائون۔ نه قوم جو ڀلو ٿيو ۽ نه ئي سندن ليڊرن جي قتل جو ڪو سراغ ملي سگهيو۔ اسان جن انهن سياسي پارٽين جي نام نهاد وارثن کان ته اهي شاه زيب جا مائيٽ چڱا نڪتا۔ ڏينهن رات هڪ ڪري به ڪيس هلرايائون۔ انصاف به انهن کي ئي ملندو آهي جيڪي انصاف چاهيندا آهن۔
     
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جيڪڏهن ڳالهه مالڪن جي آهي ته پوءِ منهنجا سائين منهنجي اکين اڳيان هڪ پنهنجي عزيز جي قتل جو واقعو آهي اڄ ان کي 13 سال ٿي ويا آهن، ان جي امڙ ڪورٽن جا ڌڪا کائي کائي آخر بيحال ٿي گهر ويهي رهي ته الله پاڪ سڻائي ڪندو۔۔ پر ڪورٽن ڪو کڙ تيل نه ڪڍيو نه ئي قاتل گرفتار ٿي سگهيا نه انهن کي سزا ملي سگهي۔۔ائين هجي ته ڪي ته اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي ٻچڙن جي قتل جي ڪيسن جي پوئواري ڪندي ڪندي مري کپي ويا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو۔پر اسان اهو نٿا چئون ته ڪنهن به قاتل کي با عزت بري ڪري ڇڏجي بس ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن اهڙا ڪيس ايترو جلد حل ٿي سگهن ٿا ته پُوءِ ٻيا به اهڙي نوعيت جا سڀ ڪيس فوري طور حل ٿيڻ گهرجن۔۔ ان مان هڪ ڳالهه اها به ٿابت ٿي ته جيڪڏهن ڪورٽون ڪنهن به معاملي ۾ سنجيده ٿي ڪم ڪن ته اهو معاملو جلد نبيرجي ٿو وڃي۔ مطلب اهو ٿيو ته جتي ڪورٽون پاڻ سنجيدگي اختيار ڪن تڏهن نه ته ڀلي ڪنهن جي عمر ڳري وڃي مجال آ جو ڪنهن جي حق ۾ فيصلو اچي سگهي؟؟ ائين ڇو آهي بس سوال اهو آهي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بلڪل صحيح ڳالهه آهي ادا منظور۔۔مان توهان جي ڳالهه سان متفق آهيان۔
    ڪورٽن تي پريشر تڏهن ايندو جڏهن ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي۔ اهڙا ڪيس جيڪي ڪيترن ئي سالن کان ڪڇون واري چال تي هلي رهيا آهن انهن کي جلد اُڪلائڻ لا سنڌ ۾ ڪا به تنظيم يا فورم موجود نه آهي۔ سياسي پارٽين مان اميد ڪرڻ به فضول آهي۔انهن پهرين ڪهڙيون پڳون ٻڌرايون آهن جو هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ٿيندا۔
    شاهه رخ ڪيس به تمام گهڻي ميڊيا جي دٻا کانپو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي۔ ٿي سگهي ٿو شاه زيب جا مائيٽ هاڻ سندس سزا معاف ڪري ڇڏين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها اها ڳالهه بجا آهي ته شاه زيب جا مالڪ هنن کي معاف ڪن ته سمجهه ۾ اچي ٿو۔۔ باقي اوهان جون ڳالهيون ٺيڪ آهن ته قاتل قاتل ئي هوندو آهي۔۔باقي هن معاملي کي قومي معاملو بنائي پيش ڪرڻ واقعي وڏي بيوقوفي آهي۔۔۔پر ٻڌو سنڌي قوم بيوقوف بڻجي ويندي آهي۔۔ ڏسون ٿا ته وري هن معاملي تي ڪير ٿو سنڏي قوم کي بيوقوف بنائي روڊن تي ٿو آڻي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو