سمنڊ

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    )سمونڊ جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان(

    سمونڊ

    اسان جي زمين ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ خشڪيءَ وارو حصو، ٻيو پاڻيءَ وارو حصو، پاڻيءَ واري حصي ۾ نديون، درياء، ڍنڍون، تلاءَ ۽ سمنڊ اچن ٿا. جيڪڏهن زمين جي ورهاست ڪبي ته هڪ حصو سڪي ۽ ٽي حصا پاڻي ٿيندو.
    زمين جي ٺهڻ ۽ اڄوڪيءَ حالت ۾ اچڻ بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن، ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زمين انهن ئي جزن جي ٺهيل آهي جن مان سج ۽ تارا ٺهيل آهن. انهن جزن مان جيڪي هلڪا هئا اُهي زمين جي سطح کان مٿي هليا ويا جن کي گئسون (Gases) چيو وڃي ٿو ۽ زهي گئسون پاڻ ۾ ملي هوا ٺاهن ٿيون جيڪا ساهه کڻڻ جي ڪم اچي ٿي، ڳؤرا جزا هيٺ تهن جي صورت ۾ ڄمندا ويا جن پوءِ زمين جي شڪل اختيار ڪئي.
    ڪجهه سائنسدانن جي خيال مطابق مادو ننڍن ذرن جو ٺهيل آهي، جيڪي ذرا پاڻ ۾ ملي زمين ٺاهن ٿا، پر اڪثريت ان راءِ جي آهي ته زمين سج جو ڌار ٿيل ٽڪرو آهي جيڪو پهريائين تمام گهڻو گرم هئو ۽ آهستي آهستي ٿڌو ٿيندو ويو، ۽ ڪٿي آهستي ۽ ڪٿي تڪڙي ٿڌي ٿيڻ ڪري هيٺاهين، مٿاهين ۽ جبلن جي صورت اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح هيٺاهين جاين تي پاڻي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو. پر ايتري گهڻي پاڻيءَ گڏ ٿيڻ بابت سائنسدانن جو خيال آهي ته پاڻي زمين جي گَهراين ۾ ان وقت کان ٺهڻ شروع ٿي ويو جڏهن کان زمين ٿڌي ٿيڻ شروع ٿي. جيئن ته پاڻي ٻن گئسن يعني آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جو مرڪب آهي، جيڪي پاڻ ۾ ملي پاڻي ٺاهن ٿيون جيڪو پوءِ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي آخر سمنڊن جي صورت اختيار ڪري ٿو.
    ڪن ماهرن جو خيال آهي ته سمنڊ، هوا (فضا) ۾ موجود ٻاڦ مان ٺهيا آهن، جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي بادلن (جُهڙَ) جي صورت اختيار ڪئي ۽ لڳاتار بارش پوڻ ڪري، بارشن جي پاڻيءَ هيٺاهين جاين تي گڏ ٿي سمنڊ جي شڪل اختيار ڪئي، ”مطلب ته کاري پاڻيءَ جو اهو وڏو ڀاڱو جنهن جي ٻي ڀڪ ڏسڻ ۾ نه اچي تنهن کي سمنڊ يا سمونڊ چئبو آهي“.

    سنڌ ۽ بلوچستان جا سامونڊي ڪنارا
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    سنڌ ۽ بلوچستان جا سامونڊي ڪنارا اٽڪل 550 ميلن تائين پکڙيل آهن ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. پهريون 350 ميل ڊگهو حصو جنهن کي مڪران جو ڪنارو سڏبو آهي، جيڪو ايران کان شروع ٿئي ٿو ۽ حَبَ نديءَ تي ختم ٿئي ٿو؛ ٻيو ٻه سو (200) ميل ڊگهو ڪنارو جنهن کي سنڌ جو سامونڊي ڪنارو چئبو آهي، جيڪو حَب ڊيلٽا (دو آٻي) کان شروع ٿئي ٿو ۽ شاهه بندر تائين وڃي ٿو.
    هتان جا سامونڊي ڪنارا ٽن قسمن جا آهن، پٿريلا، گپ وارا ۽ وارياسا.

    ڀٽ گوڙي: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 45 ميل اتر اوڀر طرف آهي، هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ هڪ-ڪرو آهي، ۽ ايئن ئي اونهي سمنڊ سان وڃي ملي ٿو. هن ڪناري تي کجين جا وڏا وڏا وڻ آهن جيڪي اتان جي ماڻهن جي ملڪيت آهن.

    وارياسو پٽ (سينڊز پٽ): هي ڪنارو ڪراچيءَ کان صرف 25 ميلن تي اتر-اوڀر طرف آهي ۽ صرف وارياسو آهي پر ڪٿي ڪٿي قديم وڻ ۽ پکڙيل پٿر به ملندا آهن. هي ڪنارو اٽڪل هڪ يا ٻه ميل ڊگهو آهي ۽ سندس واري سليٽي رنگ جي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جي ڇولين اچڻ ڪري سامونڊي ٻوٽا هتي گهڻائيءَ ۾ ملندا آهن ته ڪڏهن وري ڇوليون ٻوٽن سان گڏ ڪجهه حصو واريءَ جو به کنيو وڃن.

    پيراڊائنيز پوائنٽ: هي ڪراچيءَ کان اٽڪل 30 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي. ان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جابلو علائقا آهن. انهن جبلن ۾ ڪجهه پراڻي وقت جا سِپَ ۽ ڪوڏ ملن ٿا، مثال طور پيڪٽن (Pectin) جنهن کي برماشيل به چئبو آهي، هتي سمنڊ ۾ چڱو جوش هوندو آهي.

    لائيٽ هائوس: هن ڪناري کي ڪيپ مونز (Cape Monze) به چئبو آهي ۽ ڪراچيءَ کان اٽڪل 40 ميل پري اتر-اوڀر طرف آهي، هتي بنا ڪرنگهي (Invert clorares) وارا جانور عام جام ملندا آهن، ان کان سواءِ هتان جي پٿريلي علائقي ۾ سائي ۽ اڇي رنگ جو سينور (Algae) به چڱي مقدار ۾ ٿيندو آهي.

    بنگلو: ڪراچيءَ کان اٽڪل 37 ميلن تي آهي. هي ڪنارو به پٿريلو ۽ وارياسو آهي. هتي مضبوط وڻ ۽ پکڙيل پٿر هر جڳهه نظر ايندا ۽ ان کان سواءِ وڻن جي وچ ۾ بيٺل پاڻي جا دٻا به نظر ايندا آهن.

    ٻوليجي: ڪراچيءَ کان 27 ميلن تي اتر-اولهه طرف آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي سامونڊي ٻوٽا گهڻو ڪري پاڻي لهي وڃڻ کانپوءِ نظر ايندا آهن. هن ڪناري جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي هڪ ڪوڏ جهڙو جانور اسپونڊيلس (SPondylus) ملندو آهي جيڪو پٿرن سان مضبوطيءَ سان چنبڙيل هوندو آهي، پر عام ماڻهو هن کي سڃاڻي ڪونه سگهندو ڇو ته سندس رنگ پٿرن ۽ وڻن جهڙو ٿيندو آهي. هي جانور ماڻهن جي کائڻ جي ڪم به ايندو آهي.

    گوادر: هي ڪنارو انگريزي اکر يو (U) جهڙو آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ ذريعي ٻن حصن اولهه ۽ اوڀر نار ۾ ورهايل آهي. هن کي عام طرح سان جبل باطل يا ڪوهه باطل چيو ويندو آهي. هي ڪنارو پٿريلو، وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي تراکڙيون مڇيون (Flat fishes) ۽ ڪيراڊين گانگٽ (Caradean shrimps)ملندا آهن. اوڀر نار جي اوڀرئين پاسي مائيٽياس (Mytilllus) ملندا آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ کائڻ جي ڪم ايندا آهن. هن ڪناري جي مٽي سليٽي رنگ جي آهي پر ڪٿي ڪٿي رنگ ڪارو ٿي ويو اٿس، اهو ڪجهه جانورن جي موت ڪري ٿيو آهي، جيڪي مرڻ کان پوءِ اُتي ئي رهجي ويا آهن.

    جيواڻي: هي ڪنارو گوادر کان 65 ميلن تي اتر-اولهه ۾ آهي ۽ سڄو ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو آهي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا سينور (Algae) ملندا آهن ۽ پاڻي جو چاڙهه تيز ٿي ويندو آهي.

    ڪيٽي بندر: هي ڪنارو سنڌونديءَ جي ويجهو آهي ۽ ڪراچيءَ کان سڙڪ رستي اٽڪل 105 ميلن تي آهي. هتان جي مٽي پڪي ۽ سخت قسم جي آهي. هن ڪناري تي هڪ سڱ جهڙو ڪوڏ جو قسم گهڻو ملندو آهي، جنهن کي ٽيلسڪوپيم (Telescopium) چئبو آهي.
    ڀنڀور: ڪراچيءَ کان اٽڪل 35 ميل پري آهي، هي ڪنارو به گپ واري قسم جو آهي.

    پورٽ قاسم (پپري): هي ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اوڀر طرف 30 ميلن تي آهي. هتي سامونڊي ڇولين جو اثر تمام گهٽ آهي. هتي سامونڊي وڻ گهڻائيءَ ۾ ملندا، جن ۾ تمر (مانگروو) (Mangroove) به اچي وڃن ٿا.

    ڪلفٽن: ڪراچيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو سامونڊي ڪنارو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري وارياسو آهي ۽ تفريح لاءِ تمام سٺي جاءِ آهي.

    گذري: هي ڪنارو ڪراچيءَ کان ڏکڻ-اولهه ۾ 18 ميلن تي آهي. هي ڪنارو وارياسو ۽ گپ وارو آهي. هتي گپ ۾ ٿيندڙ جانور عام جام ملندا آهن.

    پسني: هي ڪنارو بلوچستان ۾ آهي ۽ چنڊ جهڙي شڪل اٿس. هن ڪناري جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٽڪريون آهن ۽ اٽڪل ٽي چار ميل ڊگهو آهي. هي ڪنارو گهڻو ڪري پٿريلو ۽ وارياسو آهي.
    ڪورنگي ڪريڪ (ابراهيم حيدري): هي ڪراچيءَ جو ٻيو مڇيءَ جو بندرگاهه آهي، جيڪو اڃان ڪچو آهي. هي ڪنارو گپ وارو آهي ۽ هتي گانگٽ گهڻي انداز ۾ ملندا آهن.

    منهوڙو: هي ڪنارو هاڻي هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هي ڪنارو، ورياسو ۽ پٿريلو آهي ۽ هتي نرم قسم جا وڻ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ٻوٽا ۽ جانور ملندا..
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ سمنڊ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

    سنڌ جو سمنڊ سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جي آسودگي جي علامت آهن ۔۔۔پر افسوس جو سنڌ ۽ بلوچستان جا سمنڊ صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيا ويا آهن۔ اسان جا سمنڊ ئي اسان لاء اوپرا آهن۔ ڪراچي ۾ 13 سالن کان رهندي به مان ڪراچي جي سمنڊ ۾ اندر ڪونه ويو هيس۔ پر ڪي پي ٽي جي هڪ دوست جي مهرباني سان سمنڊ ۾ اندر وڃي ڏسڻ جو موقعو مليو۔۔۔۔ سچ ته هي خوبصورتي دنيا جي ڪنهن به خطي کان گهٽ ناهي۔
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سامونڊي ڳوٺن ۾ مون انيڪ ڏينهن ۽ راتيون گذاريون آهن، سمونڊ سان سنگت ان ڪري ته آهيم جو منهنجاي ٻالجتي جا سنگتي سامونڊيڪا آهن، سامونڊين سان سڱ سياڪو هيل توڻي نڀائيندو اچان پيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو