رات دير تائين ھر اردو چينل تي اھو پٽي پئي ھلي۔ ”سنڌ ۾ صرف سنڌي ڳالھائڻ واران جي حڪومت آھي۔ اڄ صوبه سنڌ ۾ صرف ڳوٺ جي مقامي سنڌي ڳالھائڻ وارن جي حڪومت آھي، ۽ جيڪي مھاجر 65 سالن کان سنڌ ۾ رھن ٿا اُھي حڪومت کان ٻاھر“ (الطاف حسين)
جيڪي ماڻهو 65 سالن کان نه سنڌي ٿي سگهيا ۽ نه ئي پاڪستاني۔۔۔ انهن جي سوچ کي سڀ سمجهي سگهن ٿا۔ مهاجر ڪيمپن ۾ رهندا آهن اهي زمين جا مالڪ ناهن ٿيندا۔ تنهنڪري سندس هي جملا اسان سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهن۔ جڏهن پنجاب ۾ پنجابين جي، پختونخواهه ۾ پٺاڻن جي ۽ بلوچستان ۾ بلوچن جي صوبائي حڪومت آهي ته سنڌ ۾ به سنڌين جي ئي حڪومت ٺهندي ۔۔۔۔ کيس شرم اچڻ گهرجي هن بيان تي۔
الطاف حسين اهو بيان ڏئي پر ان کان به اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهڙا بيان ڏئي اهو ظاهر ڪندو آهي ته هو اڄ به مهاجر آهي، هن جو منشور مهاجر قوم کي الڳ حيثيت ڏيڻ شامل آهي، جيڪو منشور ڪڏهن به پورو نه ٿيندس، ان لاءِ هنن کي هڪڙي هجرت اڃان ڪرڻي پوندي،، پر افسوس اسان جي سنڌي وزيرن تي ٿي رهيو آهي ته اهي هر ڀيري ايم ڪيو ايم جي اثر هيٺ ڇو اچي ويندا آهن۔۔هن ڀيري ته گهٽ ۾ گهٽ اهو واضح ڪن ته واقعي هي حڪومت صرف سنڌين جي آهي، سموري سنڌ جي ڪابينا سنڌي وزيرن تي ئي هجڻ گهرجي ته جئين الطاف جي منهن تي لپاٽ لڳي وڃي۔
الطاف جي ذهني حالت مشڪوڪ آهي۔ اڪثر غير ذميواري وارا بيان ڏيندو رهندو آهي۔ کيس ليڊر مڃڻ وارن جي سوچ کي به سلام آ۔۔ هڪ ليڊر ۾ جيڪي خوبيون هجڻ گهرجن انهن مان هڪ به الطاف ۾ نه آهي۔ اهڙن ماڻهن لا الله پاڪ رسي ڊگهي ضرور ڪندو آهي پر جڏهن سزا جو وقت ايندو آهي ته دنيا لا عبرت جو مقام بنجي ويندا آهن۔
سچ ته الطاف جو حشر تمام گھڻو خراب ٿيندو، ھن کي پنھنجا ئي ماڻھون مارائيندا۔۔۔۔۔۔۔ ھن ٽائيم ھن کي ايجنسيون ٿيون ھلائين۔
همراهه جي وات تي رت لڳل آهي، هاڻ جڏهن اها رت واري روٽي (يعني حڪومت وارو تخت) کيس نه ملي ته پوءِ توهان سندس حالت سمجهي سگهو ٿا۔۔۔۔ اونئن به متحده مافيا آهي، تنظيم ناهي۔۔ ان جو علاج اُبتو چپل ۽ سبتو باٺو آهي۔۔۔