اولاد سبق سيکاري سگهي ٿي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2013۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ شخص پنهنجي ڏنگي زال جي چوڻ تي پنهنجي ضعيف پيءُ کي چيو، بابا مان مجبور آهيان، وڌيڪ اوهان کي هن گهر ۾ نه ٿو رکي سگهان، ڪجهه پري اوهان کي ڇڏي ٿو اچان، وقت تي کاڌو به اوهان کي پڄائيندس ۽ اوهان ڏي وقت به وقت چڪر به هڻندس
    اهو چئي هن کيس پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪجهه پري هڪ وڻ جي هيٺان ويهاريو ۽ سيءُ کان بچڻ لاءِ کيس ڪمبل ڏنائين،
    شام جو جڏهن ان همراهه جو پُٽ اسڪول منجهان گهر واپس آيو ته پنهنجي ڏاڏي کي گهر ۾ نه ڏسي ان بابت پڇا ڪيائين۔۔ پيءُ کيس سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ ان جاءُ جو به ڏس ڏنائين جتي ان پنهنجي پوڙهي جهور پيءُ کي ڇڏيو
    ننڍڙو بنا ماني کائڻ جي اوڏانهن ويو هليو ۽ رات جو دير سان واپس آيو ته پنهنجي ڏاڏي کي مليل ڪمبل مان اڌ ٽڪرو ڪٽي کڻي آيو۔ پيءُ کي حيرت ٿي ۽ پڇا ڪرڻ تي ننڍڙي پُٽ چيس، بابا هي مان مستقبل لاءِ سنڀالي رکيو آهي، جڏهن ڏاڏا جي عمر جا ٿي ويندو مان به اوهان کي هن ڪمبل جي ٽڪڙي سان پنهنجي ڏاڏي وانگر گهر مان روانو ڪندس۔
    اهو ٻڌي ان همراهه جا هوش ٺڪاڻي تي اچي ويا ۽ پنهنجي پيءُ کي عزت سان واپس گهر ۾ وٺي آيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو