نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم،
بابا سائين جي وڇوڙي جي ڪري سموري گهر جون ذميواريون اُٿي ويٺِي لهواريون اوڀاريون، سڀ سر تي اچي ويون آهن، ان کان علاوه پوري سنڌ کان دوستن، رشتيدارن، مِٽن مائٽن جو بابا سائين جي دعاءِ مغفرت لاءِ فاتحه خواني واسطي اچڻ جي ڪري سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي صفا ٽائم ڏئي نه پيو سگهان، ان کان هوندي، اسان جي ادبي لڏي جي سرواڻي ڪندڙ، اسان جي علائقي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بُلڙي شاهه ڪريم جي ٻن اُستادن، محترم ابراهيم سنڌي ۽ محترم پروفيسر قادربخش منگسي ”اُستاد حاتم مگسي“ جن پنهنجي اٿاهه محنتن سان هڪ ئي وقت مختلف عنوانن ۾ پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري ورتي، سائين ابراهيم سنڌي پنهنجو مقالو بعنوان ”شاه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“ ۽ پروفيسر قادر بخش ”اُستاد حاتم مگسي پنهنجو مقالو بعنوان ”خليفو نبي بخش قاسم ۽ سندس شاعري“ جو سرٽيفڪيٽ وٺي پنهنجي ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪري پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بڻجي ويا........... انهن ٻنهي ڊاڪٽرن جي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ تي ٻن مختلف تنظيمن کين مڃتا طور مختلف پليٽ فارمن تان آجياڻو ڏنو..... پهريون آجياڻو بروز ڇنڇر بتاريخ 9 جنوري 2010ع تي ڏينهن جو 12 وڳي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بُلڙي شاهه ڪريم ،ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جي اُستادن۽ اُن اسڪول جي شاگردن پاران انهي اسڪول جي هائير سيڪنڊري اُستاد محترم ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جن کي ڏنو، انهيءَ سلسلي ۾ مونکي دعوت سائين محمد ابراهيم سنڌي صاحب جن خود پنج ڏينهن پهرين منهنجي گهر کڻي آيا، کيس چيم ته سائين واندڪائي ڪانه اٿم، پاڻ انتهائي شفقت سان فرمايائون ته ”ناز“ ڇا به ٿئي پر توکي اچڻو پوندو، سنڌ جي هڪ ڏاهي پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ محبتي دوست کي نه ڪري نه سگهيس، ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار جو اسڪول شهر ٽنڊومحمد خان کان تقريبن چاليهه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي، مون عبدالغفور سمون کي هوسڙي شهر موبائل تي ميسيج ڪيو ته جيڪڏهن ڇنڇر جي ڏينهن تاريخ 9 جنوري تي صُبح جو 11 وڳي جيڪڏهن واندو هُجين ته پنهنجي بائڪ (موٽر سائيڪل) پنهنجي هينڊي ڪيم ڪئمرا سميت ضرور پهچي وڃي ته جيئن سنڌ سلامت لاءِ انهيءَ تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويرن يا وڊيو ڪلپن سميت مڪمل ٿي سگهي، عبدالغفور سمون کي هر جڳه ۽ هر موقعي تي آزمايو اٿم ڀلي کيس ڪيترا به اهم ترين پروفيشنل ڪم به هُجنس پر مونکي خبر ناهي ڇو انڪار ڪري ڪونه سگهندو آهي، شايد هو مونکي وڏو سمجهي مونسان گهڻو پيار ڪندو آهي. خير عبدالغفور سمون پنهنجي وعدي مطابق هوسڙي شهر کان جيڪو ٽنڊو محمد خان شهر کان حيدرآباد طرف 30 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي ٺيڪ صُبح جو يارهين وڳي پهچي ويو. جيئن ته گهر ۾ بابا سائين جي وفات جي ڪري اڃا تائين مهمانن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ناهي ٿيو ان ڪري گهر ۾ پنج ست مهمان مختلف شهرن کان آيل هُئا، مونکي عبدالغفور سمون جي پڪ هُئي ان ڪري گهر وارن کي ڪجهه بيضا آمليٽ سان گڏ ساون مرچن ۽ ٽماٽي جي چٽڻي صُبح جي ناشتي۾ تيار ڪرڻ جو چيم، تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ مون واري مولائڻ (شريڪ حيات) اُڦراٽن سميت تيار ڪري ڏنو، عبدالغفور سمون ۽ مون اهو ناشتو گڏ کاڌو، آئون گهر ۾ چانهه نه پيئندو آهيان، پر عبدالغفور جي ڪري ان سان گڏ چانهه پڻ پيتم. اهڙي طرح اسان تقريبن پوڻي ٻارهين ڏينهن جو ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نڪتاسين، 9 تاريخ تي موسم جُهڙالي لڳي پئي هُئي سِيءُ به چيو پي ته اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان مٿان موٽر سائيڪل ان ڪري پنهنجي پاڻ کي گرم ڪپڙن سان ويڙهي، ان سفر لاءِ الله جو نالو وٺي نڪري پياسين، ان آجياڻي جو ڏنل ٽائم ڏينهن جو 12 وڳي هو، پر پاڪستان ۾ ڪابه تقريب پنهنجي ٽائم سان ڪانه ٿيندي آهي، اسان هڪ ڪلاڪ ۾ ڏتا واهه ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ پڄي وياسين، اُتي بس اهو آجياڻو شروع پي ٿيو، تلاوت ڪلام پاڪ شروع هُئي ، ان اسڪول جي انتظاميه ۽ آجياڻي جي آرگنائيزرن اسان جي مسڪرائيندي آجيان ڪئي، اسڪول جو پورو اڱڻ معزز مهمانن ۽ شاگردن سان کچا کچ ڀريل هو، سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جيئن ته ان تقريب جو دُلارو هو، پر ان سائين اسان کي ڏسي پنهنجي جاءِ تان اٿي پنهنجي دل جي گهرائن سان اسان جو استقبال ڪيو، بلڪل پنهنجي ويجهو اسان کي ويهارڻ جو بندوبست ڪرايائين. مون عبدالغفور سمون کي سنڌ سلامت جي واسطي تصويرون حاصل ڪرڻ جو چيو، جيئن ته عبدالغفور سمون هڪ تقريب جي سلسلي ۾ پنهنجي هينڊي ڪيم ڪنهن دوست کي ڏئي آيو هو ان ڪري منهنجي اسٽل ڊجيٽل ڪئمرا سان ئي تصويرون حاصل ڪرڻ تي اڪتفا ڪئسين. پيارا سنڌ سلامت جا دوستو، پي ايڇ ڊي ڪرڻ سولي ڳالهه ڪانهي، ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهيءَ تحقيق لاءِ وقف ڪرڻيون ٿيون پون، اتي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته ان آجياڻي جي تقريب جي صدارت سنڌ جو ڏاهو مفڪر،اديب پروفيسر سائين قلندر بخش لڪياري صاحب جن ڪري رهيو هو، اڄ پهريون دفعو سائين کي ٻُڌڻ جو موقعو ملي رهيو ، اڳ ۾ سائين سان هڪ اڌ دفعو ملاقات جو شرف حاصل ٿيو آهي ، پر سائين کي هن آجياڻي ۾ پهريون دفعو ٻُڌي رهيو هُئس. ان کان علاوه ڀر پاسي جي اسڪولن جا هيڊ ماستر صاحبان، شاعر حضرات، اديب صاحبان، جن ۾ پروفيسر سائين محمد اسماعيل ميمڻ صاحب ٽنڊو باگو، سائين عبدالڪريم سومرو، سائين پير بخش جماري ، سائين رسول بخش تميمي صاحب، سائين اميد علي سٺيو صاحب، سائين حاجي محمد صديق سمون صاحب، سائين لونگ بُلڙائي صاحب، سائين رشيد سومرو صاحب، تر جي وڏي زميندار سائين عبدالرحيم ڪاتيار صاحب (جن پنهنجي کوڙ ساري زمين هن اسڪول جي اڏاوت واسطي گورنمنٽ کي ڏني) کان سواءِ ڪافي سارا ادب دوست هن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا هُئا.......منهنجي خيال ۾ هاڻي تصويري ڪهاڻي هن پروقار تقريب جي توهان سان ونڊ ڪريان ته بهتر ٿيندو. باقي حوال لکبو ته باقائده ڪتاب لکجي سگهجي ٿو.
شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار وارو مقالو ڪتابي صورت ۾

سائين ابراهيم سنڌي پنهنجو لکيل مقالو” شاهه جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ ڪمپيوٽر ڪتابي صورت ۾ کڻيو بيٺو آهي
شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار وارو مقالو ڪتابي صورت ۾
سنڌ جي مهان ڏاهي محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق جي پاران ڏنل هن مقالي لاءِ سرٽيفيڪيٽ جي تصويري ڪاپي
ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار هاءِ اسڪول جا شاگرد پنهنجي اُستاد سائين محترم ڊاڪٽر ابراهيم سنڌيءَ کي آجياڻو ڏيڻ لاءِ پنهنجو سنڌي لباس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان بلڪل چاڪ وچوبند ۽ تيار بيٺا آهن
سائين محمد ابراهيم سنڌي پنهنجيون ساروڻيون سندس مقالي جي باري ۾ ونڊ ڪري رهيو آهي
سنڌ جو ڏاهو مفڪر محترم سائين پروفيسر قلندر بخش لڪياري صاحب جن سائين ابراهيم سنڌي جي لکيل تحقيقي مقالي ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“ تي روشني وجهي رهيو آهي
سنڌ جو سُڄاڻ پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ آف ٽنڊو باگو تحقيقي مقالي ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“ ۽ محترم سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جي گهڻ رُخي شخصيت تي پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔
ڪتاب سٺيا قوم تي ٻن جلدن جي صورت ۾ 700 پيجن کان مٿي سنڌي ۾ ڪتاب لکندڙ سائين ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جو پيارو دوست محترم سائين اميد علي سٺيو، پنهنجي دوست سائين ابراهيم سنڌي کي تحقيقي مقالو لکڻ تي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي۔