موبائل کان سواءِ زندگي ڪهڙي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    موبائل کان سواءِ زندگي ڪهڙي؟
    2739 اٽيچمينٽ ڏسو
    ڪو زمانو هو جڏهن موبائل فون صرف امير ماڻهن وٽ ئي هوندو هو ۽ موبائل رکڻ غريب گربي جي وس جي ڳالهه ئي نه هئي. ان جو سبب هي به هو ته ڪال ڪرڻ واري جا پئسا ته ڪٽبا ئي هئا پر وصول ڪرڻ واري کي به ”ڏنڊو“ لڳندو هو. پر هينئر سخت مقابلو هئڻ ڪري ۽ سستا موبائل دستياب هجڻ ڪري امير ۽ غريب جو فرق ته ٺهيو پر گهر جي هر فرد جي هٿ ۾ موبائل اچي وئي آهي. ايستائين جو سم مفت ۾ ملي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه موبائل اسان جي زندگي جي ضرورتن جو هڪ حصو بڻجي چڪي آهي. موبائل فون نوجوانن ۾ تمام گهڻي مقبول آهي. برطانوي موبائل انشورنس ڪمپني طرفان ڪيل هڪ سروي ۾ نوجوانن کان موبائل فون جي استعمال ۽ ان جي ضرورت توڙي اهميت جي باري ۾ سوال پڇيا ويا. هن سروي ۾ 18 سالن کان 30 سالن جي 2570 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. جن مان ٽيون حصو ماڻهن چيو ته موبائل کان سواءِ زندگي ڪهڙي؟ اسان موبائل بنا جيئڻ جو سوچي به نٿا سگهون.

    کانئن پڇيو ويو ته جيڪڏهن اوهان کي هڪ هفتي جي لاءِ موبائل فون رکڻ جي شرط کي ڪنهن کي ڇڏڻو پوي ته ڇا کي ڇڏيندا. هن سوال جا ڏاڍا دلچسپ جواب مليا. 62 سيڪڙو نوجوانن چيو ته اهي هڪ هفتي تائين پنهنجي دوستن کي ڇڏي سگهن ٿا پر هڪ هفتي تائين موبائل ڪنهن کي نٿي ڏئي سگهجي. 45 سيڪڙو نوجوانن جو جواب هو ته اهي بنا کائڻ پيئڻ جي ته هلي ويندا پر موبائل بنا نه هلي سگهندا. 71 سيڪڙو نوجوانن جو چوڻ هو ته اهي هفتي تائين ڪار، بائيڪ کان دور رهي سگهن ٿا پر موبائل کان نه. اهڙي طرح 71 سيڪڙو جو چوڻ هو اهي هفتي تائين ٽي وي يا فلمون نه ڏسندا. 55 سيڪڙو چيو اهي هڪ هفتو پنهنجي بيڊ روم ۾ نه سمهندا پر موبائل سيراندي کان رکيل هجڻ ضروري آهي. ڀلي کڻي ڪٿي به سمهجي، موبائل فون ڪيترو استعمال ڪريو ٿا جي جواب ۾ 53 سيڪڙو چيو ته اهي موبائل فون جا شيدائي آهن ۽ هر وقت ان ۾ رڌل رهن ٿا. 27 سيڪڙو چيو اهي موبائل تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا پر پوءِ به هڪ حد اندر رهي استعمال ڪن ٿا. 10 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو اهي رڳو ضرورت آهر استعمال ڪن ٿا. 9 سيڪڙو چيو اهي ڪڏهن ڪڏهن موبائل استعمال ڪن ٿا. 5 سيڪڙو چيو اهي موبائل کڻندا ئي تڏهن آهن جڏهن ڪنهن جي ڪال ايندي آهي. پوءِ ڀلي ٻه يا ٽي ڏينهن به گذري وڃن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    يونيورسٽي واري دؤر ۾ هڪٻئي سان حال اوريندي چوندا هياسين مائي کانسواءِ مزو ڪونهي داڻي کانسواءِ زندگي ڪونهي اهي اٿئي ڳالهيون عشق عميق جون ، علو خدو خميسي وارن جون ۔ هينئر توهان ٿا فرمايو ته موبائل کان سواءِ زندگي ڪهڙي؟
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مون وٽ موبائيل جي ايتري اهميت ڪونهي،،پر ضرورت آهر استعمال لاءِ رکندو آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو