زال مڙس کي: ”مان اوهان جي سالگرهه لاءِ هڪ وڳو وٺي آئي آهيان، اهڙو ته ڀلو آهي جو بس۔۔۔“ مڙس خوش ٿيندي چيو: ”اڇا ! تمام سٺي ڳالهه آهي، ڏيکار ته سهي“ زال : ” ٻه منٽ ترسو، مان اجهو پائي ٿي اچان“
مڙس جي سالگرهه تي زال پڇيو ته مان توهان کي ڪهڙو تحفو ڏيان۔۔؟ مڙس: تون مون کي پيار ڪر، عزت ڪر ۽ منهنجو چوڻ مڃيندي ڪر اهو ئي ڪافي آهي۔ زال: نه نه مان ته تحفو ئي ڏيندس۔
ادا مست السلام عليڪم۔ ادا سائين توهان ته لطيفي ۾ هڪ سچي حقيقت بيان ڪري ويا آهيو۔ سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ان ڳاله تي کلجي يا سچائي جو احساس ڪري روئجي۔ادا بس ڏاڍا زوروار آهيو۔ اسانجهڙڻ شادي شده ماڻهن جي زخمن کي تازو ڪري ڇڏيو۔(ههههههههههه ههههههههههههههههههه)