آخر سنڌ بچائي ويندا

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ ماڻهو ڌرتي خاطر،
سر سٽ لڳائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
دشمن آڏو جهڪڻا ناهن،
ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
جوڌا دودا نڪري پوندا،
ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنبائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
گم ٿي وينديون ڪاريون راتيون،
جڳ ۾ جوت جلائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
اسحاق راهي
 
آخر سنڌ بچائي ويندا
واهه ۔۔۔ آخر سنڌ بچائي ويندا ۔۔۔۔ ڪيڏي نه اميد آهي هن سٽ ۾
 
Back
Top