آخر بدين جيل اڳيان ويٺل آبادگار ڇا ٿا چاهين؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اهو عالمگير قانون آهي ته پاڻي تي وڏو حق پڇڙ وارن جو آهي مُنڍ ۾ پاڻي پهچائڻ کان اڳ پڇڙ ۾ پاڻي ڏيڻ سسٽم هلائيندڙن جي ذميواري آهي دنيا ۾ پاڻي جي لاءِ هلندڙ تحريڪن جو به سڀ کان وڏو ۽ بنيادي دليل به اهو ئي آهي ته پڇڙ ۾ پاڻي پهچڻ گهرجي سنڌ جو پنجاب سان هلندڙ پاڻي تڪرار به ان ئي بنياد تي آهي ته سنڌ درياءُ جي پڇڙ ۾ آهي ۽ پاڻي جو اولين حق پڇڙ وارن جو آهي پر صد افسوس جو اسان وٽ فقط پنجاب کان پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اها دليل پيش ڪئي ويندي آهي باقي عملي طرح سان اسان وٽ ان جي بلڪل به ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙيون پاڻي جي لاءِ تڙپي رهيون آهن هر طرف ڪربلا جا منظر آهن پڇڙ وارا ويچارا رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي چڪا آهن پر پئسن عيوض، سياسي زور سان ۽ مائٽين تي ڏنل پاڻي کي انهن بااثرن کان واپس وٺي پڇڙ وارن کي ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. هن مهل پاڻي کوٽ لاءِ هر پاسي کان رڙ آهي خاص طرح سان ملڪاڻي شريف ۾ پڇڙ جي ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبو جي جرڪس، ٻنگار، سانگي، کوسڪي، باگو، آئلپور، بصران 2 ۽ خيرپور شاخ جا سوين آبادگار 3 جون کان بدين جيل اڳيان ويٺل آهن ۽ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن کي سکڻن دلاسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي مليو، انهن جي جائز مطالبن کي مڃڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي جنهن سبب ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبو جي آبادگارن ۽ هارين ۾ شديد بي چيني جي لهر پکڙيل آهي. بي چيني جو هڪ سبب اهو به آهي ته هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن ملڪاڻي شريف ۽ آس پاس جون زمينون سکر بئراج جي روهڙي سرڪل جي نصير ڊويزن جي ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوهه جي شاخن جرڪس شاخ، کوسڪي شاخ، بصران 2 شاخ ، سانگي شاخ، ٻنگار شاخ، آئلپور شاخ ۽ خيرپور مائنر جي پاڻي تي آباد ٿينديون آهن. سب ڊويزن خيرپور گمبوهه سکر بيراج جي ايريگيشن سسٽم جي سڀ کان آخري سب ڊويزن آهي گڏوگڏ هي سب ڊويزن ضلع بدين جي واحد سب ڊويزن آهي جيڪا سکر بيراج تي آباد آهي باقي سمورو ضلع بدين ڪوٽڙي بيراج جي پاڻي تي آباد آهي، ضلع جو ڪجهه حصو سکر بيراج تي آباد هجڻ سبب هن طرف ضلعي انتظاميه جي ڪابه توجه ناهي جنهن سبب هن علائقي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي پاڻي جي شديد کوٽ جي ذميواري هڪ طرف ضلعي انتظاميه جي هن پاسي توجه نه هجڻ آهي پر ٻي پاسي پاڻي کاتي جي جا آفيسر ۽ عملدار به هن پاسي جي پاڻي کوٽ جا ذميوار آهن ڇوته اهي پوڇڙ جي شاخن ۾ پاڻي ڏيڻ جي لاءِ سنجيدهه اپاءُ نه ٿا وٺن بلڪه اهي پاڻي وڪرو ڪرڻ ۽ من پسند بااثرن کي ڏيڻ جهڙا عمل ڪري پوڇڙ جي زميندارن کي مسلسل نقصان ڏيئي رهيا آهن ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوهه جي مُنڍ جو شاخون وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي کڻي رهيون آهن جڏهن ته مختلف حڪومتن پاران نصير واهه مان سياسي بنيادن تي منظور ڪري ڏنل ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ واٽر ڪورس پنهنجي مقرر ماپ کان ڪيترائي سيڪڙو وڌيڪ پاڻي کڻي رهيا آهن ۽ انهن بااثرن خلاف ڪوبه قدم نه پيو کنيو وڃي، جنهن جي ڪري سب ڊويزن خيرپور گمبوهه جي پوڇڙ جي شاخن جي اڍائي لک ايڪڙ زرعي زمين بلڪل بنجر ۽ ويران ٿي چڪي آهي جڏهن ته پاڻي جي مسلسل ۽ هٿرادو کوٽ جي ڪري پوڇڙ جا لکين رهائشي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ جر جو کارو پاڻي واپرائي رهيا آهن جيڪو پيئڻ جي ڪري هن علائقي جا رهواسي مسلسل بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن. پاڻي جي انهي خراب ۽ غيرمنصفاڻي ورهاست خلاف ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوهه جي آبادگارن تمام وڏي جدوجهد ۽ احتجاج ڪيو آهي پر ڪير به هن اهم مسئلي ڏانهن توجه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ويتر گذريل حڪومت سياسي بنيادن تي وڌيڪ ڪيترائي واٽر ڪورس منظور ڪري پوڇڙ جي ماڻهن جي لاءِ ڄڻ ته قبر کوٽڻ جي تياري ڪئي آهي.
    سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي، سنڌ مسلسل پاڻي جي کوٽ جو شڪار رهي آهي پر سب ڊويزن خيرپور گمبوه ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب سنڌ جي روايتي پاڻي جي کوٽ کان گهڻا مختلف آهن هتي جي پاڻي جي کوٽ 100 سيڪڙو هٿرادو ۽ انتظامي لاپرواهي جي ڪري آهي. روهڙي ڪينال جي منڍ ۾ انتهائي بااثر زميندار آهن جيڪي پاڻي ڏاڍ سان استعمال ڪري رهيا آهن انهن ڪينال ۽ واهه مان پئسي ۽ سياسي زور تي ڊائريڪٽ واٽر ڪورس ڪڍرايا آهن ڊائريڪٽ واٽر ڪورس ڪڍرائڻ جو ظلم ڪرڻ سان گڏ انهن هي به ظلم ڪيو آهي ته انهن واٽر ڪورسن جي مقرر ماپ کان ڪٿي 500 ته ڪٿي وري 1100 ڀيرا وڌيڪ پاڻي واپرائي رهيا آهن انهن تي نه ته ڪو ايريگيشن قانون لاڳو ٿيندو آهي نه ئي وري انهن تي ڪنهن اخلاقي قانون جو اطلاق ٿيندو آهي. 2007ع ۾ سنڌ جي ايريگيشن کاتي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب ڄاڻڻ ۽ اها کوٽ ختم ڪرائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان راءِ ورتي، سنڌ حڪومت جو خيال هو ته هو پاڻي جي نظام جي سڌاري لاءِ ايشين بينڪ کان وڏي ماليت وارو قرض حاصل ڪندي پر بينڪ سنڌ حڪومت جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا ماهر موڪلي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب ڄاڻڻ بابت رپورٽ تيار ڪرائي، پاڻي جا اهي پرڏيهي ماهر سڄي سنڌ مان گهمندا اچي سب ڊويزن خيرپور گمبوه نڪتا جتي هنن ٻنگار شاخ جي پوڇڙ به ڏٺي بعد ۾ هنن جيڪا رپورٽ تيار ڪئي اها في الحال ته سنڌ حڪومت لڪائي ڇڏي پر بعد ۾ جڏهن ظاهر ڪئي وئي ته ان رپورٽ ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ حقيقتون بيان ڪيل هيون جنهن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي اصل کوٽ آهي ئي ڪانه، کوٽ جو سبب بااثر زميندارن پاران پنهنجي حصي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پاڻي واپرائڻ آهي رپورٽ ۾ پرڏيهي ماهرن پاڻي چورن جا نالا به شامل ڪيا جن ۾ حڪومت ۾ شامل وزيرن، مشيرن، ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کان سواءِ پاڪستان جي صدر جو نالو به شامل هو جيڪو پنهنجي مقرر حصي کان 300 ڀيرا وڌيڪ حصي جيترو پاڻي چوري ڪري رهيو هو. پرڏيهي ماهرن جي سفارش هئي ته سنڌ جي ايريگيشن سسٽم جي سڌاري جي لاءِ وڌيڪ قرض ڏيڻ بجاءِ انهن پاڻي چورن کي مقرر حصي جيترو پاڻي کڻڻ جو پابند ڪيو وڃي ته سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ پوڇڙ تائين به پاڻي آرام سان پهچندو، پرڏيهي ماهرن جي اهڙي حقيقيتن تي مبني رپورٽ کي سنڌ حڪومت جانبدار رپورٽ ڄاڻائي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن ماهرن جي رپورٽ تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو.

    روهڙي ڪينال ۽ نصير واهه مان نڪرندڙ ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ واٽر ڪورس ئي اصل مسئلي جو جڙ آهن، جيڪي بااثرن جا آهن ۽ اهي بااثر ڪنهن به قانون کي نٿا مڃين، پوڇڙ جا آبادگار انهن ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ واٽر ڪورسن خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، لکين ماڻهن جي دانهن ٻڌڻ بجاءِ گذريل حڪومت انهن واٽر ڪورسن کي رد ڪرڻ يا انهن کي ڪنهن ضابطي ۾ آڻڻ جي بجاءِ ويتر 15 بااثرن کي نوان واٽر ڪورس جاري ڪيا آهن جنهن سا پوڇڙ جي آبادگارن جي پريشانين ۾ ويتر اضافو ٿي ويو آهي ۽ آبادگار ان خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، هن وقت صورتحال هي آهي ته ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوه جي پوڇڙ ۾ پيئڻ جيترو به پاڻي نه پهچي رهيو آهي سب ڊويزن جي مرڪزي شهر ملڪاڻي شريف ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت اڻهوند آهي ڪجهه وقت اڳ ۾ پوڇڙ جي هزارين زميندارن پاڻي جي کوٽ خلاف حيدرآباد ۾ ريلوي لائين تي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ڏينهن پاڻي هليو ۽ آبادگارن وڏا خرچ ڪري زمينون تيار ڪري مرچ، ڪپهه، سورج مکي ۽ ٻيا فصل پوکيا پر احتجاج ختم ٿيو ته پاڻي به غائب ٿي ويو پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب پوکيل ٻيجارو سڙي ويو ۽ آبادگارن جي لکين روپيا ٻڏي ويا، هاڻي ته پوکي جو وقت به ناهي پر زميندارن جو احتجاج پيئڻ جي پاڻي لاءِ جاري آهي ۽ پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن بدين وڃي ڊسٽرڪٽ جيل جي اڳيان ڌرڻو هنيو آهي سندن مطالبو آهي ته جيڪر اسان کي اسان جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاني نٿو ڏنو وڃي ته اسان کي جيل ۾ وڌو وڃي اسان بک ۽ اڃ وگهي مرڻ نٿا چاهيون جيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ پيئڻ جو پاڻي ۽ دال ماني ته ملندي آبادگارن جو مطالبو آهي ته پوڇڙ جي شاخن ۾ فوري طور تي پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ آزاد عدالتي ڪميشن جوڙي پاڻي جوري ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ 64 ڊائريڪٽ واٽر ڪورس بند ڪري کين پنهنجي حصي جو پاڻي پهچايو وڃي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رڍن اڳيان رباب وڄايو يا گڏهن اڳيان دهل ۔۔۔۔ هي انڌا گونگا ۽ ٻوڙا حڪمران ڪڏهن ته ٻڌندا ۔۔۔۔

    پاڻي جي ورڇ جي سڀني کي خبر آهي ۔۔۔۔ پر جيڪو ڏاڍو آهي ۽ اڳيان آهي اهو زور تي پاڻي کنيون وڃي۔ پاڻي جا ماهر ڀلي ڇا به چون ۔۔۔۔ پر جيستائين منصف نه هوندا تيسين ڪجهه به نه ٿي سگهندو۔ مونکي حيرت آهي بدين جي نمائندن تي جيڪي اليڪشن ۾ ته کٽي آيا پر هي احتجاج کين نظر ئي نه ٿا اچن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو