2742 اٽيچمينٽ ڏسو طارق عالم ابڙي جهڙي ارڏي اديب لا مون وٽ اهڙا لفظ ئي ناهن جو ڀيٽا ڏيان انڪري سندس ئي لفظ اڌارا وٺجن ٿا،جيڪي طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي ٺهڪي بيهن ٿا۔ ”جڏهن ڪو ليکڪ لکڻ جي ڏات کان واقف ٿي ويندو آ، ته ٻولي مٿس عاشق ٿي ۽ ليکڪ جي ديواني ٿي پوندي آ، جڏهن ته ٻولي لا وڏا وڏا ڳڀرو فدا ٿيڻ لا بيچين رهندا آهن ۽ سندن سينا ٻولي لا گولي کائڻ لا آتا رهندا آهن، پر ڪيڏا خوش نصيب چئبا اهي ڪروڙن ۾ اهي چند انسان، جن کي ليکڪ چيو وڃي ٿو، جن تي ٻولي فدا ٿي پوي ٿي۔“ جڏهن طارق عالم ابڙي کان پڇيو ويو ته تون ڇو لکندو آهين ان تي طارق عالم هيٺيون جواب ڏنو۔۔۔۔ ”مان انهي ڪري لکندو آهيان جو لکڻ مون کي جئيندان ڏيندو آهي۔ ڇو جو لفظ منهنجي آخري پناهه گاهه آهن۔ جڏهن مان ڌرتي تي جبر ۽ انيا ڏسي ڀڙڪي پوندو آهيان، ته منهنجا لفط به ڀڙڪي پوندا آهن۔ مان انڪري به لکندو آهيان جو لکڻ کانسوا مان رهي نٿو سگهان۔ ( ۽ منهنجو لکڻ) انڌن جي ديس ۾ ميڻ بتيون ٻاري روشني ڪرڻ جي جستجو وانگر به آهي، ته اکين وارن جي ديس ۾ انڌن وانگر هٿوراڙيون هڻڻ جهڙو بي سود عمل به۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!“ سنڌي ادب کي شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ ۽ شاندار تحريرون ڏيندڙ طارق عالم ابڙو جي سڀاڻي 11 جون تي ورسي آهي ۔۔ رسول بخش جوڻيجو۔۔
طارق عالم ابڙو جي ورسي نسبت سان رهجي ويل طارق جون يادون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! آسي ڀٽو مون ڀائنيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين، ويڙهو ڏيئي ويڪرو، پهري ويا پٽ، ساهه جنئين جي سٽ، وڪيم ٿي وڻڪار ۾۔”شاهه“ هن ڪائنات ۾ جيڪا انسان ذات قائم ۽ دائم آهي، ان تاريخ جا وڏا مرحلا طئي ڪري اڄ هن پوزيشن تي پهتيِ آهي، ان انسان ذات پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشمندي سان مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جون وڏيون وڏيون ڪاميابيون هٿ ڪري ورتيون آهن، ان سڄي محنت ۽ ڪاميابي جو دارومدار سماج جي ڪجهه فردن تي ٿئي ٿو، جن وقت به وقت مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي۔ ان دنياوي ترقي ۾ جيجل سنڌ به پنهنجي وت آهر ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان پنهنجي ڪڇ ۾ ڪيئن ٻاگهلن کي جنم ڏنو آهي۔ جن سماج جي اندر علم ، ادب ، سياست، سماجيات ،شاعري ۽ فلسفي ۾ پنهنجوپاڻ ملهايو آ، انهن شاهڪار ڪردارن جي هڪ تاريخي صف ڀري پيئي آ، پر انهن عظيم ڪردارن کي اسان هڪ پاسي رکندي اڄ فقط ئي فقط هڪ اهڙي ڪردار تي چند لمحا ڳالهايون ٿا۔ ان عظيم ڪردار محدود وقت ۾ سنڌ، سنڌو ، سنڌي ۽ سنڌيت لا ايڏو ڪجهه ڪري ورتو هو، جنهن جو اسان اندازو به نٿي لڳائي سگهياسين، ان تاريخ جي لازوال ڪردار جو نالوآهي۔ ”طارق عالم ولد محمد عالم ابڙو“ ، هن10 اپريل 1958ع قمبر تڏهوڪي ضلعي لاڙڪاڻي، هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ اک کولي۔ پرائمري تعليم پرئڪشن اسڪول مان ۽ مئٽرڪ جامع عربيا مان ۽ بي اي سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪئي۔ طارق عالم ڦوٽو گرافي ، چتر ڪاري، شاعري، ليکڪ۔ ڪهاڻيڪار سان گڏوگڏ هڪ مشهور ناول نگار پڻ رهيو، هن جي شروعاتي شاعري ” ماروئڙا“ 1975ع ۾ ڇاپيا۔ سندس پهرين ڪهاڻي ”پائلي“ ماهوار تحريڪ ۾ شامل ٿي، طارق جون ڪهاڻيون تقريبن 25 کان 30 شايع ٿي چڪيون آهن۔ طارق عالم ابڙو ته هونئن به هڪڙو فن جو ماهر هو، ڇاڪاڻ ته هي خانداني طور فن سان لڳا رکندڙآهن، طارق جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ مقبوليت جيڪا مونکي ڪجهه نظر اچي رهي آهي، اها ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ورق ورق ۾ سمايل آهي۔ ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ جي اندر ناول ته سوين پيا آهن، پر انهن ۾ هي ناول هڪ منفرد جڳهه والاري ٿو، ڇاڪاڻ ته طارق هن ناول ۾ ڄامشورو جي پٿريلي ڌرتي تي گذاريل چار پلن کي يونورسٽي جي هر پهلو کي مختصر طور سٺي نموني بيان ڪيو اٿس۔ هي ناول ڪاليج ۽ خاص ڪري يونورسٽي جي شاگردن لا تمام گهڻومشهور ٿيو، هونئن به آئون اهو محسوسڪندو آهيان ته يونيورسٽي ۾ رهندڙ شاگر توڙي شاگردياڻي هي ناول ضرور پڙهي ڇو ته هن ناول ۾ يونيورسٽي جي هر واقعي، پنڌ ، گس ، راهه ۽ پيچري کي رومال ۾ ويڙهي هن بيان ڪيو آهي۔ وڏي ۾ وڏي ڳالهه اها آهي ته دنيا جي اندر ڪو به ڪهاڻيڪار يا ليکڪ رومانوي ڳالهين کي ائين بيان نه ڪندو آهي۔ طارق هڪ جديد طرح سان رومانوي ڳالهيون بيان ڪيون آهن حقيقت پڇو ته يونيورسٽي اندي جيڪو به شاگرد ٿورو به ادب سان سلهاڙيل آهي، ته جيڪڏهن هن جي اڳيان هي ناول گذريو هوندو ته سڀ کان پهرين ان ناول کي پڙهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ناول پنهنجو پاڻ کي پڙهڻ تي ماڻهو کي مجبو ڪري ٿو، جيڪا هڪ عالمي ليکڪ جي خاصيت پڻ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي ” ڪنهن به ليکڪ کي پڙهندڙ جي اڳيان ”ناچڻي“ ٿي ڪري لکڻوپوندو آهي۔ ته جيئن هو پڙهندڙ جو دليون کٽي وٺي، سو اهڙي ريت طارق وٽ به لکڻ۽ چترڪاري جا اهي گڻ موجود هئا جنهن جي ذريعي هو ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائيندو رهيو ۔ طارق جي زندگي تي اڃا ڊگهي نظر ڦيرائجي ته هو سڀ کان پهرين انسان دوست ان کانپو سنڌ دوست ۽ تعليم دوست هو، اڄ طارق عالم ابڙو اسان ۽ توهان جي وچ ۾ ته نه رهيو آهي، پر حقيقيت پڇو ته طارق جون ڪهاڻيون ۽ رهجي ويل منظر ناول پڙهندي يا ان جي چترڪاري کي ڏسندي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته طارق اسان سان ان ساڳي ئي مرڪندڙ چهري سان مرڪائي مخاطب ٿي رهيو آهي۔ بس اهڙي ريت جدائي به انساني زندگي ۾ هڪ الڳ باب جي حيثيت رکي ٿي سو اڄ طارق جو اسان سان جدا ٿيڻ وارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۔ ان ڏهاڙي جي موقعي تي سندس ڪيل خدمتن تي اسان کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا۔
سنڌ جي هن عظيم ليکڪ کي ورسي تي عظيم ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔۔سندس جو ڪيل ڪم سنڌ جي ادب ۾ وڏي اهميت وارو آهي جيڪو صدين تائين ياد رهندو۔۔سندس جو ناول رهجي ويل منظر ۔۔هر دور جي نوجوان جوناول آهي۔۔جيڪو ڪڏهن به پراڻو نه ٿي سگهندو۔۔