سنڌ جي مٽي کي فطرت ايترو نوازيو آهي جو سنڌ غلام هجي يا آزاد پر سنڌ سنڍ ناهي ٿي،هن رکي رکي پنهنجي مٽي مان اهڙا ڪردار پي پيدا ڪيا آهن،جن نه صرف ڌرتي،ٻولي،ثقافت،تهذيب ۽آزادي ۽ سنڌ جي روايتن جي لئه هر وقت پاڻ پتوڙيو آهي،سنڌ تي جڏهن به ڪو غنيم ابن قاسم جي صورت ۾ آيو ته ڏاهر جي روپ ۾ دشمن سان سامهون ٿي،سنڌ جڏهن پنهنجي ٻولي کي خطري ۾ ڏٺو ته سنڌ لطيفي لات سان پنهنجي ٻولي جي حفاظت لئه ميدان عمل ۾ آئي،شهيد دودو سومرو کان سائين جي ايم سيد تائين سنڌ ڪنهن وقت به لاوارث ناهي رهي،اهڙين مهان هستين ۾ سنڌ جي رويتن جو امين ،اديب،ڏاهو جهمپير جو جهونو سائين رسول بخش درس به آهي،هي ماڻهو جنهن جي اکين ۾ هر وقت سنڌ جي خوشحالي جا خواب ايئن جرڪندي نظر ايندا جيئن اُڀ ۾ تارا،سنڌ جي روايتي مهمان نوازي جي روايت ته ڪو هن شخص کان سکي،ڪينجهر ڪناري آباد هن شخص جي دل به ڪينجهر جيان وسيع آهي،جهمپير جي جبلن جيان مظبوط هن شخص سان منهنجي ملاقات جنوري 2013 ۾ حليم باغي جي ڳوٺ روحل واء ۾ ٿيمجتي هن سان شام ملهائجي رهي هئي،هن جي ملڻ جو انداز اهڙو جو هن جي ڀاڪرن جي خوشبوء اڃان به آئون محسوس ڪريان ٿو،آئون پنهنجي لئه اعزاز سمجهندو آهيان جو هن شخص سان منهنجي ملاقات آهي،پهرئين ئي مختصر ملاقات ۾ منهنجي دل چيو عليم بي پيرو آهين مرشد کي مڃيئين ڪون،ڀلا هن شخص کي مرشد مڃ،سائين جي انهن پهلوئن سان گڏ هڪ پهلو اديب وارو آهي،سائين ڪهاڻيڪار آهي سندس ڪهاڻين جو مجمعو ساٿ جي موسم جي نالي سان ڇپيل آهي،سائين هڪ اديب طور ڪيترو ڪامياب آهي اهو ته ڪو اديب ئي ٻڌائيندو ها پر باقي ههڙي لائق شخصيت عليم جي گنهگار اکين ٻي نه ڏٺي،سائين جنهن جي مئخاني تي شيخ اياز کان وٺي فراق هاليپوٽي ،حاجي ساند ۽ حسن درس تائين هي سڀ سندس مئخاني جا پياڪ رهيا آهن،شيخ اياز لکيو آهي ته جهمپير جون ٻه 2 سڃاڻپون آهن هڪ کجي ۽ ٻيو رسول بخش درس۔۔ حسب درس پنهنجي غزل جون هي سٽون رسول بخش درس لئه لکيون آهن۔۔ جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي کلي چوندي کجيء کي هوء تکو تلوار وانگي هو۔۔ ٿا سائل پيرزادي جون هي سٽون۔۔ اُڃارا پُر ڪري ڪيئي ٿڌي ڪنهن ٿانو جهڙو آ اهو جهمپير جو پوڙهو نمن جي ڇانو جهڙو آ۔۔۔ اڄ سائين جي 60 هين سالگرهه آهي اسان کيس عقيدت وچان هي لفظن جا ڪجه ٿر ٻابيها پيش ڪيا آهن۔