نثارابڙو
نائب منتظم
محترم سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتاب ”پيغام لطيف“ مان هڪ باب صفحو 166 ۽ 167
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
دوستو، جيئن ته سنڌ جو سڄڻ محترم سيد غلام مرتضي جو ڄم ڏهاڙو 17 جنوري آهي، جي ايم سائين لطيف ۽ سنڌ ملڪ جي هڪ سچي عاشق طور سڃاتو وڃي ٿو، سندس عشق سنڌ ۽ مقصد لطيف هو ۔۔۔ اڄ سندس ڪتاب مان هي هڪ مضمون پيش ڪجي ٿو سنڌ جو هي سڄڻ پنهنجو وارو وڄائي وڃي خالق حقيقي سان مليو ۔۔۔ پر سندس فڪر ۽ فرهي اڃان اسان وٽ محفوژظ آهي ۔۔۔ اچو ته سندس هڪ ليک پڙهي اندازو ڪريون ته هو ڪيئن پنهنجو وارو وڄائي ويو ۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مقصد جو حصول قربانيءَ سان حاصل ٿئي ٿو؛
شاه صاحب هن نتيجي تي پهتو هو ته جيڪڏهن صحيح تعليم جو راز پاڻ سڃاڻڻ ۾ ڇپيل هو ته صحيح عمل، سواءِ قرباني جي ڀيٽا جي وسيلي، حاصل ٿي نه سگهندو. هن جڏهن چوطرف نظر ٿي ڪئي ته ڏٺائين ٿي ته هر ننڍي شي وڏي ۾ سمائجڻ لاءِ پاڻ قربان ڪري رهي آهي، هر مٽيءَ جو داڻو زمين ۾ گڏجي عالم جمادات جي ٺاهڻ ۾ مدد ڏيئي رهيو آهي، اهڙيءَ طرح جمادي جزا نباتات جي عالم پئدا ڪرڻ لاءِ، وقت به وقت پاڻ کي قربان پيا ڪن، نباتات وري حيوانات جي زنده رهڻ لاءِ، قوت جو ڪم ڏئي رهي آهي، وري جي غور ڪندا ته انهي مادن مان وري هر هڪ جزو ٻئي جي بقا لاءِ مددگار ۽ معاون آهي، جا معاونت قرباني کان سواءِ حاصل نٿي ٿي سگهي، اهو سلسلو ڪائنات جي هر مظهر ۾ نظر ايندو.
ماڻهون به انهيءَ قانون فطرت کان آزاد نه آهي، پيءُ ۽ ماءُ کي اولاد لاءِ قرباني ڪرڻي پوي ٿي، فردن کي قبيلن لاءِ ۽ قبيلن کي قومن لاءِ، قومن کي انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتري لاءِ، ڪي ذاتي قربانيون ضرور ڪرڻيون آهن، تنهنڪري فلسفه عمل تي نظر ڪبي ته ان جو جوهر قرباني ئي ڏسڻ ۾ ايندو.
شاه صاحب جي بيان ڪيل مذهبي راين کي جيڪڏهن اسان اختصار ڪري پيش ڪريون ته انجو لب لباب هيٺين طرح ٿيندو؛
- ساري ڪائنات ۾ گوناگون مظهرن جي باوجود به بنيادي وحدت قائم آهي.
- انهيءَ بنيادي وحدت جي راز کي معلوم ڪرڻ ۽ سمائجڻ لاءِ رستو ۽ طريقو مذهب آهي.
- مذهب ابتدا کان وٺي، باوجود ظاهري اختلافن جي هڪ ئي آهي.
- انهيءَ مذهب جو روح يا جوهر محبت يا عشق آهي.
- محبت ۽ عشق ترقي انسان ۽ تعمير عالم لاءِ خدمت خلق ۽ سلامتي جو سبق ڏئي ٿو.
- انهيءَ سبق جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي.
- پاڻ سڃاڻڻ سواءِ صحيح عمل جي بيڪار آهي.
- صحيح عمل جي راز قرباني ۾ سمايل آهي.
شاه صاحب جي اهڙن خيالات جي ثبوت ۾ سندس هيٺيان بيت پيش ڪجنٿا؛

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تت پيـــو، نــالو نيهن ڳنهن جــي.
پهــــرين ڪـــــاتي پــــاءِ، پڇج پـوءِ پريتڻـــو،
ڏک پريان جو ڏيـل ۾، واڄٽ جيئن وڄـاءِ،
سيخن ماهه پچاءِ، جي نالو ڳنهين نيهن جو.
پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبـرون،
آڻيو وجهن آڳ ۾، جيءَ پنهنجو جي،
جيري جنهين جي، لڳا نيزا نيهن جــا.
سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.
سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکــــر هيڪـــڙي،
وهــڻ واٽڙيــــــن تي، ڪــــارڻ ضروري،
ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني ريءَ نه جڙي.
گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو،
انهن کان الله، اڃان آڳاهـون ٿيـــو.