ڪاڪي آچار جو پوٽو هڪ دفعو هڪ پير بابا وٽ ويو، کيس چيائين ته مون کي پنهنجي ڏاڏا جي روح سان ڳالهائڻو آهي، پير بابا کيس هڪ اونداهين ڪمري ۾ وٺي آيو۔ ٿوري دير ۾ اتي هڪ ڳرو آواز گونجڻ لڳو، ”اي منهنجا دلبر پوٽا ! مون کي ڇو گهرايو اٿئي“ پير بابا ڪاڪي آچار جي پوٽي کي ٺونٺ هڻندي چيو، ”ڪجهه ڳالهاءِ، هي تنهنجي ڏاڏا جي روح اٿئي“ ڪاڪي آچار جي پوٽي مٿو کنهندي چيو:” ڏاڏا سائين ! مون کي بس ايترو پڇڻو آهي ته اوهان جي روح هتي ڇا ٿي ڪري، جڏهن ته توهان جو اڃان انتقال ئي نه ٿيو آهي؟“