• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۽ خوشيون۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڪجهه ڏينهن پهرين ادي محمد مگسي هڪ لطيفو موڪليو جنهن جو مقصد هو ته پاڪستان ۾ ڄمڻ جي ڪري هڪ همراهه ڪابه خوشي نه ڏٺي۔۔۔
پر سائين۔۔۔۔۔
پاڪستان ۾ جيتريون خوشيون توهان کي ملن ٿيون ٻيو ڪٿي انهن خوشين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي۔۔
مثال طور۔۔۔۔
10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کان پوءِ بجلي جي اچڻ جي خوشي۔۔۔
ڦٽل روڊن تي تيز گاڏين ۾ سفر ڪرڻ باوجود گهر خير سان پڄڻ جي خوشي۔۔
لاڳيتو پاڻيءَ جي بندش کان پوءِ هڪ ڏينهن پاڻي ملڻ جي خوشي۔۔
يوٽيلٽي اسٽور جي رش مان هڪ ٿيلهي کنڊ ملڻ جي خوشي۔۔

پاڪستاني هسپتالن مان بچي گهر واپس اچڻ جي خوشي۔۔۔
ڏهه ڏينهن هڙتالن ۽ بائيڪاٽ ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڪلاس ٿيڻ جي خوشي۔۔
عيد جو چنڊ ڏسي گڏ عيد ملهائڻ جي خوشي۔۔۔
اڃان به الاهي خوشيون آهن پر اهي ٻڌي دل کي جهٽڪو نه لڳي۔۔۔
 
جواب: پاڪستان ۽ خوشيون۔۔۔

هاسائين خوشيون کوڙ آهن پر حقيقت ۾ سنڌ سلامت جي ساٿ جي خوشي به پاڪستان جي سرزمين سان ئي وابسته آهي اها هڪ خوشي اسان لاء ڪافي آهي جنهن ڪيترن پرديسين کي اسان سان ملائي ڇڏيو آهي۔ شال سنڌ سلامت رهي ۔۔۔۔
 
جواب: پاڪستان ۽ خوشيون۔۔۔

ير اسد! اهي سڀ خوشيون هاڻي هتي سنڌونگر ۾ به اچڻ لڳيون آهن.
 
Back
Top