سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار احمد ناز به 1000 کان مٿي لکڻين واري سٿ ۾ شامل ٿي ويا آهن، سائين جن کي مبارڪباد ڏيون ٿا، جن پنهنجي تمام تر پريشانين، مشڪلاتن ۽ مصروفيتن کي هڪ پاسي رکي، اسان سڀني جو ساٿ ڏنو ۽ هر وک تي رهنمائي ڪئي، سائين جن جي ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهن۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين نثار احمد ناز صاحب جن جون اهي 1000 لکڻيون ڪنهن خزاني کان گهٽ نه آهن۔۔ سچ پچ سائين جن کي شابس آهي ته بجليءَ جي ايتري لوڊ شيڊنگ هوندي به سنڌ سلامت کي ايڏو وقت ڏين ٿا ۽ وقت به وقت بهترين تحريرون، تجزيا، پنهنجي نئين نڪور شاعري ۽ سنڌ سلامت اسٽوڊيو سيڪشن ۾ پنهنجيون رپورٽون ۽ بهترين وڊيوز کي آڻيندا رهن ٿا۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين جن کي هن عاجز طرفان به 1000 تحريرن جي پوري ٿيڻ تي خراج تحسين پيش خدمت آهي اميد ته الله تعالي سائين جن کي هميشه اسان سان گڏ رهڻ جي توفيق عطا ڪندو ۽ پاڻ پنهنجي زندگي جا تجربا اسان سان ونڊيندا رهندا۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    اسانجي دوست نثار ناز تي اسان سڀني کي ناز آهي، جيئن ته سندس تخلص ”ناز“ آهي انڪري سندس شخصيت تي انجو گهرو اثر ٿو ڏسجي، هميشه اهڙيون لکڻيون ۽ پنهنجي ذاتي شاعري، اسان سان ونڊ ڪندو آهي، جنهن تي اسين ناز ڪندا آهيون، انتهائي محبتي ۽ دوستي جو ڪوڏيو مرد آهي، کيس الله تعالا بري نظر کان بچائي ۔۔۔
    مون ساڻس هڪ دفعو ملاقات ڪئي ته سائين جن جو ملڻ، ڳالهائڻ ۽ بيهڪ هڪ سچي ۽ مخلص انسان واري هئي ۔۔۔ ۽ خوشي ٿي ته اسانجي دوستن ۾ هڪ معزز شخص جو اضافو ٿيو ۔۔۔
    دوست ناز جو سڀ لکڻيون ڪي عام لکڻيون ناهن هو جڏهن به لکندو آهي ته دل جي تهن مان لکندو آهي، پو اهي جواب هجن يا سندس نڪور لکڻيون ۔۔۔
    مون سندس لکڻين مان کوڙ پرايو آهي ۔۔۔ ۽ جنهن وٽان پرائبو آهي اهي استاد هوندا آهن ۽ سائين پڻ اسانجي استادن ۾ شمار آهي ۔۔۔
    منهنجي طرفان سائين نثار ناز کي مبارڪون ته، سائين جن هن اوطاق تي هزارين گفتا ونڊ ڪري ۔۔۔ اسانجي رهنمائي جو فرض نڀايو آهي ۔۔۔
    سلام سائين سلام
    دعائڻ ۾ گڏ
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين هن حقير طرفان به اوهان کي سنڌ سلامت تي 1000 لکڻيون مڪمل تي مبارڪباد هجي۔۔۔ دوست سلطان جا لک ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي ”ناز“ جي 1000 لکڻين مڪمل ڪرڻ تي هي تحرير موڪلي۔۔۔
     
  6. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين محترم نثار احمد ناز صاحب مون خاڪسار طرفان به اوهان کي سنڌ سلامت تي 1000 لکڻيون مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌايون قبول پون۔ سدا آباد و شاد هجو آمين ثم آمين

    sindhsalamatsaathsalshal judy hujeen ​
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين نثار ناز جون لکڻيون هزار تائين پهچنديون ۽ اهو به ٿوري وقت ۾۔۔۔۔ شايد ان جو اندازو سائين جن کي خود به نه هجي ۔۔۔ ڇو ته ان جا ڪئي سبب آهن۔۔۔ گهر جون ذميداريون، ابو امڙ جي خدمت، سماجي ڪم، سنگت ساٿ کي وقت ڏيڻ، تعليمي سرگرميون، ادبي سرگرميون، مختلف معاشرتي ميڙاڪا، بجلي جي لوڊ شيڊنگ، تنهائي جو گهٽ هجڻ ۽ سڀ کان اهم هر وقت مهمان نوازي ۾ رڌل رهڻ ۔۔۔ هي ته اهي ڪارڻ آهن جيڪي سندس وٽ والد صاحب جي تعزيت ڪرڻ لاءِ وڃي مون ڏٺا۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت فورم جي شروعات ۾ سائين نثار جن هڪ نئين ۽ مهانگي فورم کولڻ تي متفق نه هئا ۽ ٻيو وي بليٽن جي ٽيڪنالاجي کي نه سمجهڻ جي پڻ بار بار تڪرار ڪندا رهندا هئا۔۔۔ پر آهستي آهستي فورم جي ٽيڪنيڪ کي سمجهي ويا ۽ مون کان به اڳ پنهنجي لکڻين جو تعداد 4 انگن تائين پهچايو۔۔۔
    پاڻ هڪ عام ميمبر جي حيثيت سان سنڌ سلامت فورم تي آيا پر سندن اهي نڪور لکڻيون ئي هيون جن کين کي هر ميمبر جو هر دلعزيز ثابت ڪيو ۽ پوءِ سندن بار بار جي انڪار باوجود کين اضافي ذميداريون ڏيندي پهريان ايڊيٽر ۽ پوءِ کين سپر ايڊيٽر بڻايو ويو۔۔۔
    سندن پر خلوص ڪردار، محبتي مزاج، سمجهائڻ جو لاجواب انداز، حوصلو ۽ همت افزائي ڏيڻ، ادبي ۽ سمجهاڻين سان ڀريل لکائي ۽ سڀ کان اهم سندس بزرگي ۽ روحانيت سان ڀريل شخصيت مون کي مجبور ڪيو ته مان بطورِ منتظمِ اعلي ۽ سمورو سنڌ سلامت سٿ سندن سرپستي ۾ اچي۔۔۔
    مون کي خبر آهي ته سنڌ سلامت تي اظهارِ آزادي ۽ تنقيد رايي جي پڻ کليل اجازت آهي ان ڪري سندن لکڻين تي رايا آيا جنهن ڪري پاڻ بقول سندن جي ته سرپرستي واري پڳ کي هٽائڻ جي لاءِ فورم تي به لکيو ۽ مون کي فون ڪري پڻ چوندا رهيا۔۔۔ پر مان اهو به ڄاڻان ٿو ته فورم تي موجود هر ننڍو وڏو يا سينيئر جونيئر سندن جو احترام به ڪري ٿو ۽ محبت به۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن موڪليل هر موضوع کي ڀرپور موٽ ملي ٿي۔۔۔
    اسان جي دعا آهي ته سندن جي سرپرستي هميشه سنڌ سلامت تي قائم رهي۔۔۔ آمين
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    آمين

    shal judy hujeen


    sadayeen gud
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    اوهان کي سنڌ سلامت تي 1000 لکڻيون مڪمل تي مبارڪباد هجي۔۔۔
    سائين جن جي ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔
     
  10. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين نثار احمد ناز کي 1000 لکڻين تي واڌايون

    سائين نثار ناز صاحب،
    مون غريب جي طرفان به توهان کي دل جي گهراين سان، توهان جي اڻ ملهه ڪاوشن جي مڃتا طور، واڌايون قبول ڪرڻ جي درخواست آهي۔ توهان جون پوسٽون عام تحريرون نه آهن پر هر تحرير تخليق آهي، پوء ڀلي اها تخليق ڪنهن ساٿي جي حوصلا افزائي لاء لکيل جملن جي صورتن ۾ هجي يا ڪنهن دوست جي ناراضگي دور ڪرڻ لاء هجن يا ڪنهن ساٿي جي اصلاح لاء لکيل ڏاهپ وارا نقطا هجن۔۔ يا وري توهان جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ توهان جي نئين نڪور شاعري هجي ۔۔۔۔
    توهان جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو آهي، اميد ته آئنده به فيضياب ڪندا رهندا
    طالبِ دُعا
    غريب ٻروچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو