منصورنثار
سينيئر رڪن
طارق عالم ابڙو ۽ رهجي ويل يادون
ڀائو درمحمد ٻرڙو
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته هڏڏوکي ڪردار هميشه ياد رکيا ويندا آهن جن کي وسارڻ ناممڪن هوندو آهي اهڙن ئي ڪردارن مان طارق عالم ابڙو به هڪ آهي جيڪو اڄ جسماني طور ته اسان وچ ۾ موجود نه آهي پر تنهن باوجود سندس ڪيل ادبي خدمتن عيوض هن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي. هن جون ادبي خدمتون اڻ ڳڻيون آهن اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌي ادب جو ”روميو“ سڏيو ويندو هو، طارق عالم ابڙي لکڻ جي شروعات 1957ع ۾ نظم سان ڪئي، سندس پھرين ڪھاڻي “پاولي” 1978ع ۾ شايع ٿي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو 1998، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر ٿيو، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. هتي اهو ٻڌائڻ تمام ضروري آهي ته طارق عالم ابڙو گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو هيو ۽ ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ علاج لاءِ 60 لک رپين جو خرچ ٻڌايوهيو، وٽس ايتري مالي سگھھ نھ ھئڻ سبب ھو علاج ڪرائي نھ سگھيو ۽ اهڙي ريت هن 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو. پر هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي ته سندس حياتي واري ڏينهن ۾ (وفات کان 2 مهينا اڳ) طارق عالم ابڙي سان ڪيل ملاقات ۾ هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ فن سان واڳيل هر سوالن جا جواب کلي ڪري ڏنا هيا سڀ کان پهريان مون جڏهن هن کان سندس زندگي ۾ ڪهڙي شي هن کي اتساهيو ته هو تصوير ڪهاڻي، ناول ۽ ڏات جي پاسي هليو ويو ؟ واري سوال تي طارق عالم جواب ڏنو ته منهنجي اتساهه جو سڀ کان وڏو سبب منهنجو والد صاحب هو، جيڪو پنهنجي رويي ۾ هڪ مڪمل طور آرٽسٽ هو ۽ هو هر شي کي آرٽسٽ طور دل سان ڏسندو هو ۽ سوچيندو هو. پو اهي آسمان ۾ ڪڪر ڇو نه هجن يا شاعري ۾ لفظ ڇو نه هجن ۽ بابا ئي هيو، جنهن اهو احساس محسوس ڪرايو ته لفظ زندهه آهن اهي ئي لفظ آهن جيڪي اوهان کي کلائيندا به آهن ته اهي ئي لفظن آهن جيڪي روئاريندا به آهن ۽ جي لفظ شاعري ۾ تبديل ٿين ٿا ته ماڻهو جي زندگي ۾ هڪڙو انقلاب آڻي سگهن ٿا، اهي سڀ ڳالهيون جيڪي منهنجي زندگي ۾ آيون جن کان متاثر ٿيس ۽ ادب طرف لاڙو ڪيو. ان کان پو جڏهن مون طارق عالم ابڙي کان سندسڏات جي باري ۾ به پڇيو ته سندس لکيل ناول ۾ ڪنهن کان وڌيڪ متاثر ٿي اهي شيون تخليق ڪيون.؟ ته جواب ۾ وراڻيو تههي ايڪيوهين پيڙهي آهي جيڪا منهنجي ناول ”رهجي ويل“ کي ائين پڙهي ٿي جيئن اڄ کان 21 سال اڳ ۾ هن ناول کي پڙهيو ويندو هو ۽ اهائي موٽ ملي ٿي اهوئي پيار ملي ٿو، اهائي محبت ملي ٿي، اهو مون کي سٺو به لڳندو آهي ۽ عجب به لڳندو آهي ته اهو ته اهڙو ڪجهه مان کان شعوري طور تي مان اهو ناول ائين سوچي نه لکيو هو پر اهو هڪڙو سلسلو پنهنجو پاڻ ٿي ويو، باقي متاثر ته ماڻهو سڄي زندگي ٿئي ٿو، اهو سلسلو کٽڻو ئي ناهي جئين جنهن کي پڙهندو ته اڳتي وڌڻ جي خواهش دل ۾ پيدا ڪندو. طارق عالم ابڙي کان ڪچهري دوران جڏهن مان سندسآرٽ ۽ ليکڪن ۾ آئيڊيل بابت پڇيو ته هن ٻڌايو ته هڪڙو وقت هيو، جڏهن منهنجي خواهش هئي ته مان جليل جهڙو ليکڪ ٿيان پر سوال اهو به آهي ته جڏهن ماڻهو ميچوئرٽي ۾ ناهي هوندو يا ميچوئر ٿي دنيا کان ٻاهر هوندو اهي تڏهن ان جي دل جي خواهشون پيدا ٿينديون آهن ته مان جليل جهڙو ليکڪ لڳان، مان طارق جهڙو ليکڪ ٿيان پر جڏهن ماڻهو سنجيده ٿي ويندو آهي جڏهن هو لکڻ لکي وٺندو آ، اڏامڻ سکي وٺندو آهي ته پو ان کي اهي سڀ ڳالهيون دماغ ۾ لڳنديون آهن ته نه ڪنهن جهڙو ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر پنهنجو رستو ٺاهڻ وڏي ڳالهه آهي ته ان کان متاثر ٿي لکيو ضرور، ڪنهن زماني ۾ انهن رستا ڏيکاريا ضرور پر جڏهن مان مڪمل پچي راس ٿي ويس ا ن وقت مون کي خبر پئجي وئي ته ادب ۾ پنهنجو رستو ٺاهڻ تمام ضروري آهي. منهنجي به هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته آئون ادبي دنيا ۾ پنهنجي لا پاڻ رستو ٺاهيان جڏهن ته اهو عمل مون لا ڪارائتو به ثابت ٿيو آهي،
ڪو ڪتاب جيڪو توهان پڙهيو هجي ۽ ڪڏهن به نه وسريو هجي ۽ سڀني ڪتابن جي ڀيٽ ۾ انهي ۾ ڪا خصوصيت هجي جيڪا توهان نه وساري سگهيا هجو؟ واري سوال ته طارق عالم چيو ته اهڙو هڪڙو ئي ڪتاب آ، جيڪو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ۽ اهو ڪتاب مون جيترا ڀيرا به پڙهيو آهي مون کي وڻيو آهي. آئوٽ سائيڊ ڊسٽ البرڪ ڪاميو جو ڪتاب آهي جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ”ڌاريو“ اهو به حيرت انگيز ناول آهي جيڪو آهي ته ننڍڙو پر انساني جذبن سان سلهاڙيل آهي جڏهن مون هن کان
اهڙي ڪنهن دوست، مائٽ، پاڙيسري، استاد، شاگرد، ليکڪ، شاعر، سياستدان، سماجي ورڪر جي باري ۾ پڇيو جيڪو هن کي وري وري ياد ايندو هجي ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته اصل ۾ مان ملامتي ڪيريڪٽر آهيان، تصوف ۾ ٽرمنالاجي آهي، ڪي ڪردار هوندا آهن اهي ملامتي هوندا آهن مان انهن ڪردارن مان آهيان، مون کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته ڪو هڪڙو هوندو، جنهن ۾ مون کي اهي سڀ ڪجهه نظر آيو هجي باقي هڪڙو شخص آهي، جيڪو ناهي وساريو، جڏهن مان 17-18 سالن جو هيس. لاڙڪاڻي پهتس ۽ ٽرين ۾ هيس جتي رش هئي ته آئون ٿڪجي پيو هيس ته هڪڙو ماڻهو هيو جيڪو مون کي موالي ٽائپ لڳي رهيو هو، هلڪو ڦلڪو جسم وارو ماڻهو هو، هڪڙي سيٽ تي ويٺو هو سنگل سيٽ تي. ان کي چيو ته ٿڪجي پيو آهيان سيٽ تي ويهاريو، ان مون کي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو ۽ هو پاڻ سري ويٺو هو. اهو ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ياد ايندو آهي ان ماڻهو کي اهو احساس ٿيو ته هي نوجوان جيڪو آهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺو آهي ان کي جا ڏيان ۽ ان جو اهو ٿورو مون کان ڪڏهن به ناهي وسرندو ۽ منهنجي زندگي ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو آيا جن مون سان محبتون ڪيون آهن، جن مون کي پيار ڏنو آهي اهو سڀ مون کي ياد هوندا آهن ڇو ته دل ۾ نفرتون پالي ناهيان سگهندو ۽ ماڻهو جي ڇا حياتي آهي ؟ جڏهن مون طارق عالم ابڙي کان پيار جي باري ۾ پڇيو ته هن تمام خوبصورتي سان جواب ڏنو ته پيار جي وصف جيڪا صوفي ازم جي حوالي سان آهي اها ته مشهور آهي ته محبت اها شي آهي جنهن سان توهان پيار ڪريو، مطلب اهڙو پيار، اهڙو ڪيريڪٽر، اهڙي شخصيت جنهن جو انڪار به توهان کي سٺو لڳي.
حاصلات يا ناحاصلات جي باري ۾ طارق ٻڌايو ته اوهان جڏهن ڪا شي حاصل ڪريو ٿا ته پو انهي حاصل ڪرڻ واري شي جو انت اچي وڃي ٿو، پو اهو معنيٰ وڃائي ٿو ۽ لاحاصل جيڪو آهي ته ڪنهن درد وانگر آهي جيڪو اوهان کي احساس ڏياري ٿو ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه ڪلڪ ڪندي رهي ٿي ته اها شي حاصل ڪجي، پر اصل ۾ جستجو وڏي ڳالهه آهي، حاصل ڪري وٺڻ وڏي ڳالهه ناهي، منهنجي نظر ۾ حاصل ڪرڻ کان لاحاصل وڌيڪ آهي.
اهڙي خواب، اهڙي خيال، اهڙي تصوير، اهڙي ڪهاڻي، يا اهڙي ڳالهه جيڪا اندر ۾ هجي ۽ اڃا تائين نه لکي سگهيا هجو ؟ جي جواب ۾ طارق عالم ابڙي چيو ته ظاهر آهي دنيا ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، اسان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو ته نه لکڻ جي برابر آهي، منهنجو ٽارگيٽ يا خواهش آهي ته مان پنهنجي ڳوٺ تي لکان. مان ان اڳ ناول جيئن لکيو ۽ وڌيڪ لکڻ چاهيان ٿو. اتان جا رستا، موسم، گهٽيون، ماڻهو، ڪلچر، کوهه اهي سڀ ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو ،مان ان ۾ قمبر جو ذرو ذرو لکڻ چاهيان ٿو. منهنجي هميشه خواهش رهي آهي ته مان پنهنجي ڳوٺ تي گهڻو لکڻ سان گڏوگڏ ڪجهه اهڙو لکان جيڪو هميشه پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي، منهنجي خواهش آهي ته پنهنجي جنم ڀومي تي ائين لکان جيان ناول رهجي ويل منظر لکيو هو ۽ ائين ئي منهنجي انهن لکڻين کي به مقبوليت ملي ته اها ڳالهه منهنجي لا فخر جو سبب هوندي
ملاقات دوران اهي ڳالهيون ٻڌي طارق عالم ابڙي جي شخصيت ۽ ادب سان محبت هجڻ جو اندازو آرام سان لڳائي سگهجي ٿو پر هتي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هن پنهنجي ڳوٺ جي هر گهٽي تي پنهنجي مشهور ناول رهجي ويل منظر جيان لکڻ پئي چاهيو پر بي رحم زندگي کيس اهو موقعو نه ڏنو پر تنهن باوجود جيترو به هو لکي ويو آهي اهو اسان لا اثاثو بڻيل آهي ۽ جڏهن به سندس لکڻيون سامهون اينديون آهن ته ان وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ طارق عالم ابڙو اڄ به اسان وچ ۾ موجود آهي ۽ جيستائين سندس لکڻيون موجود رهنديون تيستائين طارق عالم به اسان کي ياد رهندو, هو وسرڻ جوڳو نه آهي. جڏهن ته مٿئين ڪچهري کي حمير جاني ڪئمرا جي اک سان محفوظ بڻايو.
اربع 12 جون 2013 تي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيو.
http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20130612&Pageno=12&View=1