مظلوم قومن جي سياست ۽ سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    (منهنجي دلبر دوست اعجاز منگي هي تازو آرٽيڪل جيتوڻيڪ ”سنڌ ايڪسپريس“ لاءِ ئي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ان اخبار جو ڪالمسٽ آهي صبح جو هي آرٽيڪل شايد ان اخبار ۾ ڇپيل هجي اعجاز پنهنجو هر آرٽيڪل اخبار جي زينت بڻائڻ کان اڳ منهنجي ”ان باڪس“ تي شيئر ڪندو آهي، جيڪو آئون پڙهي وٺندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڏسو! هن منهنجي دل جي ڳالهه نيٺ ڪري ورتي. هي آرٽيڪل پڙهي مون سوچيو ڇو نه ”سنڌ سلامت“ کي ونڊ ڪيان جيئن پاٺڪ اڀياس ڪري پنهنجي راءِ ڏين:معصوم سنڌي)


    مظلوم قومن جي سياست ۽ سنڌ
    اعجاز منگي
    بلوچستان جي سياست کي سردارن جي غلاميءَ مان آزاد ڪندڙ “بي ايس او” جو اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ ان صوبي جو وڏو وزير بڻجي چڪو آهي، جنهن صوبي جي ديوارن تي ڪڏهن اهي نعرا نقش ٿيل هوندا هئا ته “آزاديءَ ڪي تين نشان......رازق، جالب، ڪهور خان” پر پوءِ اهو وقت به آيو، جڏهن ساڳين ڀتين تي اها تحرير پڙهي ويندي هئي ته “سي آءِ اي ڪي تين نشان.....رزاق، جالب، ڪهور خان” پر اهي پراڻيون ڪهاڻيون آهن. اهو رازق جنهن کي پنهنجي جابلو ديس جو باغي ذهن سمجهيو ويندو هو، سو جڏهن ڄام يوسف سان ويجهو آيو، تڏهن هو آزاد بلوچستان جي ويڙهاڪن هٿان ماريو ويو. جڏهن ته ڊاڪٽر ڪهور خان سياست ڇڏي سرڪاري نوڪري ڪئي ۽ مينگل سان گڏجي قومپرست سياست ڪندڙ حبيب جالب جو رت بلوچستان جي پهاڙن تان ائين وهيو، جيئن ڪاريزن مان پاڻي وهندو آهي. جڏهن ته غوث بخش بزنجو سان سخت سياسي اختلاف رکڻ جي باوجود اڄ هو انهيءَ بلوچ اڳواڻ جي سياسي پليٽ فارم تان بلوچستان جي سرڪاري سرواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن غوث بخش بزنجي کي پڻ بلوچستان جي سرداري سياست سدائين رنج رسايو.
    اهو ڊاڪٽر عبدالمالڪ ميدانِ جنگ جهڙي صوبي جو وڏو وزير آهي، سو پنهنجي مزاج ۾ هڪ سياستدان گهٽ ۽ اديب گهڻو آهي. هاڻي به جيڪڏهن سياسي مصروفيتون هن کي کنڀي نه کڻن ها ته جيڪر هن جي شارٽ اسٽوريز جو مجموعو منظرِ عام تي اچي چڪو هجي ها. پر بلوچستان جي سي ايم هائوس جي دريءَ مان دور پهاڙن کي گهوري ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن هو پڻ سوچيندو ته بلوچستان جو سياسي سفر ڪنهن شارٽ اسٽوري ۾ سمائي نٿو سگهجي. ان جي لاءِ ته هڪ طويل ناول جي ضرورت آهي. پر افسوس ته هن وقت تائين بلوچستان جي پهاڙي پاڇن ۾ اهڙو اديب پيدا ڪو نه ٿيو آهي جيڪو پنهنجي جابلو ديس جي سياسي سفر کي ادبي انداز سان بيان ڪري. اهي اُٺن جا قافلا جيڪي اونداهي رات ۾ پنهنجيون ٽليون وڄائيندا ويندا آهن ۽ اهي ستارا جيڪي پهاڙي چوٽين تي چمڪندا نظر ايندا آهن ۽ مينهن ڦُڙي جي لاءِ سڪندڙ اُهي وسيع پٽ جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن ۽ انهن پٽن تي آباد ننڍڙا ڳوٺ! انهن ڳوٺن ۾ جنم وٺندڙ عجيب و غريب ڪردار ۽ انهن ڪردارن جا سياسي ڪردار!! اهو سڀ ڪجهه ته ان ناول جو بهترين بنياد بڻجي سگهي ٿو، جيڪو ناول اڄ ڏينهن تائين قلم جي قيد ۾ نه اچي سگهيو آهي. جيڪڏهن اهو ناول لکيو ويو ته ان ۾ بلوچستان جي انهن مُک مهندارن جو تذڪرو ڪيترو نه دلچسپ ٿيندو جيڪي پٺتي پيل صوبي سان تعلق رکڻ جي باوجود عالمي سياست سان پنهنجو رشتو رکي هلندا رهيا. خيربخش مري کان وٺي عطاءُ الله مينگل تائين ۽ جنرل شيروف کان وٺي نواب اڪبر بگٽي تائين ڪيترا نه عجب جهڙا ڪردار بلوچستان جي سياسي آسمان تي چمڪيا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ بلوچستان جو انتهائي پيڙيل مڊل ڪلاس ڪجهه پنڌ تائين هليو ۽ پوءِ انهن مان ڪي ٿڪجي پيا ۽ ڪن پنهنجي راهه الڳ ڪري ورتي.
    هن وقت بلوچستان کي ملڪ جو اهم ترين مسئلو انهن قومپرست سردارن جي سياست ناهي بڻايو، پر موجوده بلوچستان جي پوري مانڌاڻ پويان اُهي قوتون سرگرم آهن جيڪي مائو جي لفظن ۾ تبديلي کي بندوق جي نالي ذريعي آڻڻ کي ئي واحد واٽ سمجهن ٿيون. بلوچستان جي سياست کي ويجهو کان ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ وارن جو خيال آهي ته بلوچستان جي باري ۾ اهم فيصلا ته انهن جي هٿن ۾ آهن، جيڪي نظر نه ٿا اچن. پوءِ اهي هٿ باغين جا هجن يا بندوق سان قانون نافذ ڪرڻ وارن جا! پر حقيقت اها آهي ته پنهونءَ جي ديس مڪران سان تعلق رکندڙ عبدالماڪ پنهنجي ننڍڙي شهر “آب سر” کان اٿي هاڻي جڏهن پوري صوبي جو سرڪاري مالڪ بڻجي ويو آهي، تڏهن به هو بلوچستان جي حوالي سان ايترو آزاد ناهي، جيتري آزادي بلوچستان ۾ باهه وسائڻ جي سلسلي ۾ گهربل آهي. پر آزادي ته استعمال ڪرڻ جي شيءَ آهي. عبدالماڪ جي وڏي وزير ٿيڻ تي نه رڳو اسلام آباد کي اطمينان محسوس ٿي رهيو آهي پر بلوچستان جا مڊل ڪلاسي اديب، شاعر، دانشور ۽ صحافي به گهڻي حد تائين خوش آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ تڪڙو انقلاب نه ٿو اچي ته پوءِ آهستي آهستي وکون کڻندڙ ان ارتقاءَ کي قبول ڪرڻ گهرجي، جيڪا تعليم جي واٽ تي ميسر ٿيندي آهي. اسان ته ان سياست کي به ڏسي چڪا آهيون، جنهن جي اسٽيج تان اهي نعرا هنيا ويندا هئا ته “وڏي هڪ امتحان خاطر ڇڏي ڏيو امتحانن کي” پر سچي ڳالهه اها آهي ته هن وقت بلوچستان جي قومپرست سياست ۾ جيڪي ماڻهو اثر رسوخ رکن ٿا، جيڪڏهن انهن جو مضبوط سرداري پس منظر ناهي ته پوءِ انهن جي موجوده حيثيت جو مک سبب اها تعليم ئي، جنهن کي هو نالي ماتر نه پڙهيا. هونءَ ته سنڌ جي قومپرست سياست ۾ به پنهنجي نالي کان اڳ ۾ ڊاڪٽر لکڻ وارن ماڻهن جي موجودگي آهي پر انهن جي طبي ڄاڻ اهڙي ناهي جو گهر جا ڀاتي به انهن کان پنهنجو علاج ڪرائڻ پسند ڪن. پر بلوچستان جو مثال الڳ آهي. اهو داڪٽر مالڪ جيڪو هن وقت چيف منسٽر آهي، تنهن ايم بي بي ايس بولان ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي پر اکين جي علاج جي وڌيڪ تعليم هن ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ هو طبي ڄاڻ رکڻ وارو شخص آهي. هن جي چيف منسٽر ٿيڻ سان مڪران کي اها يونيورسٽي ملي وئي آهي، جيڪا ان علائقي جو پراڻو خواب هئي. پر ڏسجي ته بلوچستان کي امن ۽ انصاف جي ڪنڌي ڪرڻ جو جذبو کڻي ايندڙ عبدالماڪ سان هن ملڪ جون “اصل تي وڊيون” قوتون توڙي پنهنجي صوبي جا باغي ماڻهو ڪيترو تعاون ڪن ٿا؟
    ڏسڻ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته بلوچستان کي ان اينگل سان به ڏسي سگهجي ٿو ته ان صوبي جو مسڪين ۽ هيڻو مڊل ڪلاس هاڻي سياسي طور تي سردارن سان بر ميچي رهيو آهي. توڙي جو ان قومپرست سياست تان هٿ به نه کنيو آهي. جڏهن ته سنڌ جو حشر اهو آهي ته هتي جيڪڏهن ڪنهن قومپرست کي اسيمبليءَ ۾ اچڻ جو شرف حاصل ٿئي ٿو ته صرف ان صورت ۾ جو هن کي يا ته پيپلز پارٽيءَ جي پيرن ۾ پٽڪو رکڻو ٿو پوي يا مسلم ليگ جي قيادت آڏو تاحيات وفاداريءَ جو قسم کڻڻو ٿو پوي يا ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي الطاف ڀائيءَ جي حق ۾ نعرا هڻڻا ٿا پون. اهڙي صورتحال اسان کي مجبور ڪري رهي آهي ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي مظلوم قومن جو جائزو وٺون، جن کي اسان اڃان تائين پراڻي حساب سان پيش ڪندا رهون ٿا. ڇا پاڪستان جون سياسي حالتون هن وقت تائين اهي ئي آهن، جيڪي ان وقت هيون، جڏهن چيو ويندو هو ته “پاڪستان هڪ ظالم قوم ۽ ٽن مظلوم قومن تي مشتمل ملڪ آهي” هاڻي جڏهن پٺاڻ راول پنڊيءَ کان وٺي لاهور ۽ ڪوئيٽا کان وٺي ڪراچيءَ تائين نه صرف ڪاروبار پر پنهنجي سياست کي به ڄمائي ويٺا آهن، تڏهن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻو پوندو ته انهن پشتونن کي مظلوم قوم سمجهيو وڃي يا نه جن ڪالهه افغانستان کي ميدان بڻائي سوويت يونين سان جنگ ڪئي ۽ اڄ هو آمريڪا لاءِ عذاب جو باعث بڻيل آهن. هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي باري ۾ شهيد ڀٽي جيل ۾ اسيريءَ دوران پنهنجي هڪ دوست کي چيو هو ته “ڪابل ۾ ويهي جنرل ضياءَ سان منڊو اٽڪائيندڙ منهنجن پٽن کي چئه ته افغانستان ٻن سپر پاورس سان راند ڪندڙ ملڪ آهي، ان کان احتياط ڪريو” ۽ اها به سچائي آهي ته تمام گهڻن معاملن جي باوجود افغانستان ۽ پاڪستان جا پشتون اڃان تائين پنهنجي وچ ۾ ڊيورنڊ لائن جو ليڪو ڪڍڻ جي اجازت نه ٿا ڏين ۽ سرخ پوش خدائي خدمتگار خان غفار خان جي آخري آرامگاهه هن وقت به پاڪستان جي سياسي سرحدن ۾ نه پر افغانستان جي مشهور شهر جلال آباد ۾ آهي. ايم ايم اي کان وٺي عوامي نيشنل پارٽي ۽ اي اين پيءَ کان وٺي تحريڪ انصاف تائين پشتونن جو سياسي سفر ٻڌائي رهيو آهي ته هو ڀلي پنجابين کي سياسي جنگ ۾ مات نه ڪري چڪا آهن پر پوءِ به هو جهڙي ريت مقابلو پيا ڪن، انهن جي اها ويڙهه انهن کي مظلوميت جي حيثيت کان مٿانهون بڻائي چڪي آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ سردارن کي پوئتي ڇڏي اڳتي ايندڙ مڊل ڪلاس اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته اتان جي قومپرستي پنهنجي سياسي سگهه کي وقت سان گڏ وڃائڻ بدران وڌيڪ ميڙيو ۽ سهيڙيو آهي. جڏهن ته سنڌ هر حوالي ۽ هر حساب سان سياسي طور تي پوئتي ڌڪجي رهي آهي ۽ نه معلوم هن جو پوئتي پيرن وارن پس پائيءَ جو اهو سفر ڪڏهن پورو ٿيندو؟ هاڻي جڏهن سنڌ جو وجود واڳن جي وات ۾ اچي ويو آهي، تڏهن سنڌ جي قومپرست مڊل ڪلاس جو ڪردار وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي پر سوال اهو آهي ته اهو ڪردار ڪير ۽ ڪڏهن ادا ڪندو؟
    ابرهيم منشيءَ اڄ کان پنجٽيهه سال اڳ چيو هو ته:
    “پٺاڻڻ پنهنجي پت پاڙي
    بلوچن باهه هت ٻاري
    هيءَ باقي سنڌ ويچاري
    ڪسي ڪنگال مرڪز ۾!!”
    هاڻي ته مرڪز ۾ اسان جي رت جي نيلاميءَ کي پنجهٺ سال پورا ٿي چڪا آهن. ڇا پنهنجي پيڙا جو بيان صرف سالن جي نئين سر جوڙ ڪري ڪندا رهنداسين؟
    سنڌ کي موجوده حالتن ۾ ان مڊل ڪلاس جي ضرورت آهي، جيڪو ٻئي جي بوڙ تي اٽو ٻڌڻ بدران سنڌ جي لوڪ پهاڪي “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي” واري واٽ تي هلي. ان مڊل ڪلاس کي اتساهه وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن پٺاڻن مان نه ته ان بلوچ مڊل ڪلاس مان جيڪو سماجي طور تي انتهائي بري حال ۾ رهڻ جي باوجود اڄ تائين ڪتاب ۽ قلم سان پنهنجو تعلق برقرار رکي ويٺو آهي. جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي اها سرڪار قائم ڪري ويٺو آهي، جيڪا پاڪستان جي معروضي ۽ موضوعي حالتن جي حوالي سان ڀلي ڪمزور هجي پر پوءِ به اها اتان جي لکيل پڙهيل طبقي کي اتساهه بخشي رهي آهي. جڏهن ته اسان هر ايندڙ ڏينهن وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيا آهيون. هڪ ترڪي چوڻي آهي ته “محبت جي ماني هر روز نئين سر پچائبي آهي” ساڳي ريت سياست به پراڻن احوالن سان پيٽ ڀري نه سگهندي آهي. ان لاءِ به هر ڏينهن دونهين دکائڻي پوندي آهي ۽ مانڙي پچائڻي پوندي آهي. پوءِ ڀلي آسمان مان مينهن جون اوڙڪون وسنديون هجن يا اتان نسوري باهه برسندي هجي. هر ڏينهن ۽ هر صورت ۾ محنت ڪرڻ سان سنڌ جو قومپرست مڊل ڪلاس به اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، جنهن جي حاصل نه ٿيڻ سبب پارٽيون ائين ڪک پن ٿي رهيون آهن، جيئن طوفان ۾ ڪکاوان گهر اڏامي ويندا آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو